ڪراچي: سپريم ڪورٽ نسلا ٽاور جي پلاٽ کي کپائڻ  ۽ ٽجوڙي هائٽس جي متاثرن کي معاوضِو ڏيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، نسله ٽاور جي زمين کي نيلام ڪري رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت، ڪالهه سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾ غير قانوني حددخلين واري ڪيس جي ٻڌڻي دوران چيف جسٽس حڪم جاري ڪندي چيو ته سپريم ڪورٽ جي حڪم تي ڊاٺل  نسلا ٽاور جي پلاٽ کي نيلام ڪري ملندڙ رقم 44 متاثرن ۾ ورهائي وڃي، چيف جسٽس عدالتي حڪم تي عمل ڪندي رپورٽ سپريم ڪورٽ ۾ جمع ڪرائڻ جي هدايت ڪئي، ان موقعي تي عدالت پڇاڻو ڪيو ته ڪراچي جو تجوڙي ھائٽس  پلازا ڪنھن جو آھي؟ هتي انهي جي ڪير نمائندگي ڪري رھيو آھي، جنهن تي متاثرن عدالت کي ٻڌايو ته تجوڙي هائٽس سنڌ جي گورنر ڪامران ٽسوري جو آهي، اصل ۾ ٽجوڙي هائٽس گيلاني اسٽيشن تي آھي، جنهن تي پاڪ ريلوي واري وڪيل چيو ته اها زمين پاڪستان ريلوي جي آھي، وڪيل عابد زبيري چيو ته تجوڙي هائٽس جو مالڪ ڪامران ٽسوري آهي عدالت پڇيو ته ڪامران ٽسوري ڪير آهي؟ جنهن تي عابد زبيري چيو ته سنڌ جو گورنر ڪامران ٽسوري آھي، چيف جسٽس چيو ته توھان ٽجوڙي هائٽس ۾ سيڙپ ڪندڙ ماڻھن کي پنھنجا  پئسا واپس ڪرايو، عابد زبيري چيو ته توھان ھدايت ڏيو، جنهن تي چيف جسٽس چيو ته اسان ھدايت ڇو حڪم ڏينداسين،  عدالت دليل ٻڌڻ بعد متاثرين کي فوري طور سندن رقم ڏيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.