ڪراچي (رپورٽ: نظير ميمڻ ) سپريم ڪورٽ رينجرز هيڊڪوارٽرز، گورنر ۽ وزير اعليٰ هائوس سميت سرڪاري ۽ خانگي عمارتن ٻاهران 3 ڏينهن ۾ رڪاوٽون ( حد دخليون) هٽائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، ڪالهه سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهيءَ ۾ ٽه رڪني بئنچ حددخلين بابت سو موٽو ڪيس جي ٻڌڻي دوران ريمارڪس ڏيندي چيو ته منهنجي اچڻ کان اڳ سپريم ڪورٽ ٻاهران به روڊ بند هو، مون انهي کي کولرايو، عدالت پڇيو ته ٻڌايو ته رينجرز هيڊڪوارٽر ڪٿي آهي ۽ فوٽ پاٿ ڪٿي آهي؟ جناح ڪورٽ ڪهڙي قانون تحت رينجرز کي ڏنل آهي؟ ڇا دنيا ۾ ڪٿي ائين ٿئي ٿو؟ آمريڪا وڃو ۽ ڏسو، جيڪڏهن توهان کي خوف محسوس ٿئي ٿو ته ڪنهن ڏورانهن علائقي ۾ محفوظ هنڌ تي وڃي ويهو، سيڪيورٽي جي نالي تي رستا بلاڪ نه ڪريو، عدالت چيو ته  توهان رينجرز هيڊ ڪوارٽر اڳيان حددخليون ڇو نه هٽايون؟ توهان ننڍن ماڻهن  غريبن) جا گهر ڊاهي پٽ ڪيا، هاڻ وزيراعليءِ هائوس، گورنر هائوس، رينجرز هيڊ ڪوارٽر  وٽان به رڪاوٽون هٽايو، بعد ۾ انهن کي به معاوضو ڏئي ڇڏجو،  جيڪڏهن اوهان کي خطرو آهي ته توهان ڪنهن ٻئي محفوظ هنڌ هليا وڃو، جسٽس جمال مندوخيل چيو ته ڇا اوهان کي اسان کي وڌيڪ خطرو آهي، توهان رڳو دهشتگردن کي پڪڙيو ٿا، اسان کين موت جي سزا ڏيون ٿا، چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته گورنر هائوس ٻاهران ڪنٽينر ڇو رکيا آهن؟ ڇا عوام کي پريشان ڪرڻ چاهيو ٿا، جسٽس جمال مندوخيل چيو ته اهڙا ڪم ڪريو جنهن سان عوام کي تڪليف نه ٿئي،  انهي دوران چيف جسٽس چيو ته جيڪڏهن سپريم ڪورٽ جي سامهون حددخليون به آهن ته انهن کي به ٽوڙيو وڃي، سپريم ڪورٽ رينجرز هيڊ ڪوارٽر، گورنر هائوس ۽ سي ايم هائوس ٻاهران حددخليون هٽائي ٽن ڏينهن اندر رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو ، چيف جسٽس چيو ته ڪنهن کي به ماڻهن جي آزاد آمد و رفت ۾ رڪاوٽ وجهڻ جي اجازت ناهي، روڊ بلاڪ ڪرڻ ۽ رڪاوٽون وجهڻ غير قانوني آهي،  وفاقي ۽ صوبائي حڪومتون پاڻ ئي حددخليون ٺاهي رهيون آهن، عدالت ايڊيشنل اٽارني جنرل کي وفاقي ادارن کي آگاهه ڪرڻ جو حڪم ڏئي عدالتي حڪم جي ڪاپي سمورن لاڳاپيل ادارن کي موڪلڻ جي هدايت ڪئي. چيف جسٽس چيو ته روڊ ڪيترن ئي هنڌن کان ٽٽل آهن، ڪراچي جو ميئر به آيو هو، بجلي جا پول ڪيرائي يا سڄو روڊ کوٽي ڇڏين ٿا، سڀاڻي ڪيس لڳايون ٿا، چيف جسٽس قاضي فائز عيسي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته وي آءِ پي ٿيڻ جو ڪهڙو طريقو آهي؟  مون منع ڪيو ته مون لاءِ روڊ بند نه ڪريو، مون آءِ جي کي چيو آهي ته هاڻي منهنجي لاءِ روڊ بلاڪ  ٿيو ته توهين عدالت جو نوٽيس ورتو ويندو، ٿوري زندگي آهي، ڇا ان کي بچائيندا سين، هن ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته وي آءِ پي ٿيڻ جو ڪهڙو طريقو آهي،