ڪراچي: گجر، اورنگي ۽ محمود آباد نالن جي 6932 متاثرن کي هڪ مهيني ۾ پلاٽ ڏيڻ جو حڪم، سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهي ۾ بينچ گجر، اورنگي ۽ محمود آباد نالن جي  متاثرين کي معاوضي جي ادائگي واري ڪيس جي ٻڌڻي دوران پڇاڻو ڪيو ته هن وقت تائين عدالتي حڪم تي ڪيترو عمل ٿيو آهي؟ جنهن تي ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ چيو ته متاثرين کي 80 والن  جو پلاٽ ۽ تعميراتي رقم ڏني پئي وڃي، گهرن جي تعمير جي لاڳت جو اندازو پاڪستان انجنيئرنگ ڪائونسل لڳائي رهي آهي. جنهن تي چيف جسٽس پڇيو ته پاڪستان انجنيئرنگ ڪائونسل کي سمري ڪڏهن موڪلي آھي، انھن کان ڪاٿي لڳائڻ وارو ايترو ڪم نٿو ٿئي؟  ان موقعي تي درخواست گذارن جي وڪيل چيو ته نالا متاثرن کي گهر اڏڻ لاءِ 42 لک رپيا ڏنا وڃن، جنهن تي چيف جسٽس چيو ته متاثر ڪيترا آهن، جنهن تي ايڊووڪيٽ جنرل چيو ته متاثرن جو انگ 6 هزار کان وڌيڪ آهي، چيف جسٽس چيو ته ڇا نالا متاثرن جي گهرن جي تعمير قانوني هئي، جنهن تي ايڊووڪيٽ جنرل چيو ته سندن غير قانوني اڏاوتون هيون، عدالت ڪيس جي ٻڌڻي ۾ مداخلت ڪرڻ تي درخواستگذار کي ڇنڊ پٽيندي  چيو ته جيڪي پلاٽ وٺڻ چاهين، تن کي پلاٽ ڏيو، ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ چيو ته ڪل 6932 متاثر آهن، گهرن جي اڏاوت تي اربين رپيا خرچ ايندو، پھريان پئسا نه هئا، هاڻي بحريا ٽائون جي حڪم بعد اهي پئسا اچڻا آهن