اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وزيراعليٰ پنجاب مريم نواز پاران پوليس وردي پائڻ تي قومي اسيمبلي ۾ اپوزيشن اعتراض ڪيو، اپوزيشن ليڊر عمر ايوب چيو ته ماشاءَالله اڄ وزيراعليٰ پوليس وردي ۾ پريڊ ۾ وئي، هي ملڪ ۾ ڇا ٿي رهيو آهي؟ ڪهڙو مزاق آهي، دنيا ڪهڙي نظر سان ڏسندي، نه ڪو پاليسي بيان نه ئي مهانگائي تي نه وري صدارتي خطاب تي ڳالهه ٿي رهي آهي، وزير ڪٿي آهن، ڪير جوابده آهي، هي غيرسنجيده حڪومت آهي، فارم 47 جي بيساکين تي آيا آهن. عمر ايوب چيو ته نگران حڪومت يا هن حڪومت ٻه اڏا ڏنا آهن اسان جي وضاحت چاهيون ٿا. متحده جي ميمبر خواجه اظهار الحسن عمر ايوب جي بيان تي احتجاج ڪندي چيو ته اپوزيشن ليڊر مسلسل رولز آف بزنس جي ڀڃڪڙي ڪري رهيو آهي، هن جو اهو استحقاق ناهي ته جڏهن چاهي اٿي بيهي ۽ جنهن موضوع تي وڻي ڳالهائي، ڪنهن تي به تنقيد ڪري، ايئن نه ٿيڻ گهرجي.