لاهور(م ڊ)پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز چيو آهي ته نواز شريف جي ڌيءُ هجڻ ڪري نه پر باهه جو درياهه پار ڪري وزيراعليٰ جي منصب تي پهتي آهيان. لاهور ۾ پوليس جي پاسنگ آئوٽ پريڊ کي خطاب ڪندي مريم نواز چيو ته خوشي آهي ته پاسنگ آئوٽ پريڊ 650 عورتون شامل آهن، آءِ جي پنجاب کي چيو آهي ته پوليس ۾ 7 هزار عورت پوليس اهلڪارن جو انگ گهٽ آهي، ان تعداد ۾ اضافو ٿيڻ گهرجي، ان کان اڳ وزيراعليٰ پهرين ورچوئل وومين پوليس اسٽيشن “ميري آواز مريم نواز” جو افتتاح پڻ ڪيو. مريم نواز چيو ته باهه جو درياهه پار ڪري وڏ وزارت جي ڪرسي تي پهتي آهيان، ڪنهن جي به خلاف دل ۾ انتقام جو جذبو موجود نه آهي، هن چيو ته وزيراعليٰ جي ڪرسي تي ويهي جيڪڏهن ڪنهن خلاف ڪو فيصلو ڪرڻو هوندو آهي ته دل تي پٿر ٻڌي ڪندي آهيان، سندس چوڻ هو ته انهن حالتن منهنجي تربيت ڪئي آهي اڄ اهو ٻڌڻو نه پيو آهي ته نواز شريف جي ڌيءُ آهيان انڪري هن منصب تي پهتي آهيان. مريم نواز چيو ته جڏهن گهر ويندي آهيان ته والد سان سموري ڏينهن جو احوال ڪندي آهيان. والد جي منهن تي شڪر جو تاثر ڏسندي آهيان ته خوشي ٿيندي آهي. هن چيو ته مونکي احساس آهي ته انصاف ڪرڻو آهي ۽ 12 ڪروڙ عوام جي خدمت ڪرڻي آهي، هي عورتون گهر جون ذميواريون به ادا ڪن ٿيون ۽ خوشي ٿي آهي ته اڄ پهرين عورت پوليس اهلڪار کي اعزازي لٺ ڏني وئي.مريم نواز پوليس جي عورت اهلڪارن سان ملاقات ڪري ساڻن ڪچهري به ڪئي.