ڪراچي( اسٽاف رپورٽر ) سنڌ سرڪار ۽ واپڊا  ۾ صارفين جا مسئلا حل ڪرڻ لاءِ صوبائي ۽ ضلعي سطح تي ڪاميٽيون جوڙڻ تي اتفاق  ٿي ويو، اهڙو فيصلو  سنڌ جي وڏي وزير مراد شاھه ۽ توانائي واري وفاقي وزير اويس لغاري جي ملاقات ۾ ٿيو.  وڏي وزير سيد مراد شاھه  ڪراچي سميت سڄي سنڌ ۾ بجلي جي اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ وارو معاملو اُٿاريو، هن حيسڪو ۽ سيپڪو جي ڪارڪردگي تي عدم اطمينان جو اظھار ڪندي چيو تھ لوڊ شيڊنگ سبب غريب عوام پريشان آھي، عوام کي حيسڪو ۽ سيپڪو جي ناھلي تي  ڇڏي نٿا سگھون. ملاقات ۾ توانائي واري وفاقي وزير لائين لاسز ۽ نان پيمنٽ ( ادائگين)  وارا معاملا اُٿاريا، ملاقات ۾ وڏي وزير مراد شاھه توانائي جي وفاقي وزارت کي خاطري ڪرائي ته صوبائي حڪومت وفاق جي ھر ممڪن مدد لاءِ تيار آھي. ملاقات ۾ سنڌ جو سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ، توانائي واري صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاھه به موجود هئا