ڪراچي(رپورٽ: حبيب جمالي) ليبر کاتي جي ماتحت اداري سيسي جي ڊائريڪٽر (ايڊمن) زاهد بٽ ۽ گورننگ باڊي ميمبر محمد خان ابڙو ۾ سيسي آفيسرن جي ترقين تان جهيڙو، زاهد بٽ تي ڪيس داخل، ان ڏس ۾ گلشن اقبال ۾ واقع سيسي جي هيڊ آفيس ۾ ڊائريڪٽر (ايڊمن)  زاهد بٽ ۽ گورننگ باڊي جي ميمبر محمد خان ابڙو ۾ ترقين واري معاملي تان جهيڙو ٿيو. محمد خان ابڙو جي فرياد تي گلشن اقبال ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪيو ويو. فريادي موجب آئون سيسي جي گورننگ باڊي جو ميمبر آهيان، 24 اپريل تي گورننگ باڊي جو اجلاس گهرائڻ لاءِ ڪمشنر سيسي جي آفيس ۾ درخواست داخل ڪرايم، مون ۽ گورننگ باڊي جي ٻين ميمبرن درخواست ۾ پڇيو هوته گريڊ 19 جي آفيسرن کي گريڊ 20 ۾ ترقي ڪهڙي قانون تحت  ڏني وئي؟ ترقين لاءِ ڊي پي سي جي اجازت به نه ورتي وئي، درخواست جمع ڪرائڻ بعد جيئن آفيس مان لٿس ته ڊائريڪٽر (ايڊمن) زاهد بٽ گارگند ڪندي ڌمڪيون ڏنيون. فريادي موجب زاهد بٽ مون تي پسٽل تاڻي  ٻئي ماڙ تان هيٺ ڪيرائڻ جي ڪوشش ڪئي، زاهد بٽ چوندو رهيو ته اسان جي ترقين خلاف درخواست ڇو ڏنئي؟ انهي  دوران ٻين آفيسرن وچ ۾ پئجي مون کي بچايو. فريادي محمد خان ابڙو موجب زاهد بٽ چيو ته وري هتي ايندين ته توکي ماري ڇڏيندس، محمد خان ابڙي موجب آئون دل جو مريض آهيان، مون کي حملي سبب اذيت پهتي، هوڏانهن زاهد بٽ موقف اختيار ڪيو ته اسان کي ترقي اعليٰ اختيارين جي منظوري سان ملي، محمد خان ابڙو کي ترقين تي اعتراض آهي ته هو لاڳاپيل فورم تي وڃي، لاڳاپيل فورم تي وڃڻ بدران هن ڊائريڪٽر وجيلنس آفيس ۾ سندس موجودگي ۾ مون کي گاريون ڏنيون، هن واضح ڪيو ته مون مٿس ڪو به حملو نه ڪيو، مون تي ڪوڙي ايف آءِ آر داخل ڪرائي وئي، مون عدالت مان ضمانت ڪرائي آهي