لاڙڪاڻو (رپورٽ: نادر ابڙو) اسلام آباد ۽ لاڙڪاڻو پوليس گڏيل ڪارروائي ڪري سعودي عرب مان اغوا ڄاڻائي عورت کي بازياب ڪرائي هڪ جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو، اسلام آباد پوليس جوابدار ۽ عورت کي پاڻ سان کڻي اسلام آباد رواني ٿي وئي آهي. ان حوالي سان ايس ايس پي لاڙڪاڻو  روحل خان کوسو جو چوڻ هو ته اسلام آباد پوليس اطلاع ڪيو ته سعودي عرب جي عورت اغوا ٿي آهي جنهن ۾ اغوا ڪندڙ جوابدار ۽ عورت لاڙڪاڻي ۾ آهن جنهن کان پوءِ اسلام آباد پوليس لاڙڪاڻي پهتي ته جيوفينسنگ ۽ لوڪيشن جي بنياد تي اسلام آباد پوليس ۽ لاڙڪاڻو پوليس رحمت پور ٿاڻي جي حد ۾ ڪارروائي ڪري عورت ۽ اغوا ڪندڙ نوجوان کي گرفتار ڪرڻ بعد اسلام آباد پوليس حوالي ڪري ڇڏيو آهي. پوليس ذريعن کان معلوم ٿيو آهي ته سعودي عرب جي عورت حنان عبدالله البشر ۽ نوجوان عبدالواحد شاهد خان پسند جو پرڻو ڪري ڇڏيو آهي، پوليس ڪارروائي دوران عورت وٽان 30 هزار ريال جي رقم به هٿ ڪري ورتي آهي. واضع رهي ته گذريل 18 اپريل تي اسلام آباد جي مارگلا ٿاڻي تي سعودي عرب جي سفارتڪار بدرالحريبي جي فرياد تي سعودي عرب جي رهواسڻ حنان عبدالله البشر جي اغوا جو ڪيس پاڪستاني نوجوان عبدالواحد شاهد خان مٿان داخل ڪرايو ويو جنهن ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته جوابدار عبدالواحد شاهد خان اسلام آباد جي علائقي ٿاڻي مارگلا سيڪٽر ايف 8 مان سعودي عرب جي شهري حنان عبدالله البشر کي اغوا ڪيو آهي.