نيب پاران مريم نواز ۽ ڪيپٽن رٽائرڊ صفدر جي بريت کي چئلينج نه ڪرڻ جو فيصلو

0
178
نيب پاران مريم نواز ۽ ڪيپٽن

اسلام آباد:  قومي احتساب بيورو (نيب) مسلم ليگ نواز جي نائب صدر مريم نواز ۽ سندس مڙس ڪيپٽن رٽائرڊ صفدر جي بريت کي چئلينج نه ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي

نيب ايون فيلڊ ريفرنس ۾ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ طرفان مريم نواز ۽ ڪيپٽن رٽائرڊ صفدر جي بريت کي چئلينج نه ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي

پراسيڪيوشن برانچ کي به نيب جي فيصلي کان آگاهه ڪيو ويو آهي ۽ ان حوالي سان نيب طرفان پراسيڪيوشن برانچ کي موڪليل خط به سامهون آيو آهي

نيب راولپنڊي مريم نواز ۽ ڪيپٽن رٽائرڊ رصفدر جي بريت خلاف اپيل داخل نه ڪرڻ جو تحريري حڪم جاري ڪري ڇڏيو آهي

ياد رهي ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ 29 سيپٽمبر 2022 تي ايون فيلڊ ريفرنس ۾ مسلم ليگ ن جي نائب صدر مريم نواز کي 7 سال قيد جي سزا ٻڌائيندي مريم نواز کي بري ڪرڻ جو حڪم جاري ڪيو هو

هي به پڙهندا

هيڏانهن هوڏانهن جي ڳالهه نه ڪيو، واچ ڪنهن کي وڪرو ڪئي نالو ٻڌايو: مريم نواز

فريال ٽالپر نااهل نه ٿيندي، اليڪشن ڪميشن فيصلو ٻڌائي ڇڏيو