شعيب ملڪ ٽي 20 ۾ 12 هزار رنز ڪندڙ ٻيو رانديگر بڻجي ويو

0
233
شعيب ملڪ ٽي 20 ۾ 12 هزار

ڪولمبو(اسپورٽس نيوز) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جو اڳوڻو ڪپتان شعيب ملڪ ٽي 20 فارميٽ ۾ 12 هزار رنز ٺاهڻ جو اعزاز حاصل ڪري ورتو آهي

قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي آل رائونڊر شعيب ملڪ لنڪن پريميئر ليگ ۾ جافنا ڪنگز لاءِ کيڏندي اهرو اعزاز پنهني نانءِ ڪيو. شعيب ملڪ 12 هزار رنز مڪمل ڪندڙ دنيا جو ٻيو رانديگر بڻجي ويو آهي

ان کان اڳ ويسٽ انڊيز جي ڪرس گيل ٽي 20 فارميٽ ۾ 12 هزار کان وڌيڪ رنز ٺاهيون آهن، شعيب ملڪ اهڙو ڪارنامو 485 هين ميچ ۾ سرانجام ڏنو آهي

اڳوڻي ڪپتان سال 2007ع جي ٽي 20 ورلڊ ڪپ ۾ پاڪستان جي قيادت ڪئي ۽ 2009ع ۾ فاتح ٽيم جو حصو رهيو. هن 124 ميچن ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪندي 2 هزار 435 رنز ٺاهيون ۽ 28 وڪيٽون حاصل ڪيون