فريال ٽالپر نااهل نه ٿيندي، اليڪشن ڪميشن فيصلو ٻڌائي ڇڏيو

0
362

اسلام آباد: اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان پيپلز پارٽي ايم پي اي فريال ٽالپر جي نااهلي بابت درخواست تي محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌائي ڇڏيو آهي

اليڪشن ڪميشن فريال ٽالپر جي نااهلي درخواست رد ڪندي چيو آهي ته فريال ٽالپر پنهنجا اثاثا ظاهر ڪيا آهن

اليڪشن ڪميشن پنهنجي فيصلي ۾ چيو آهي ته نااهلي لاءِ جوڳا ثبوت ۽ مواد ڏيڻو پوندو آهي، درخواستگذار فريال ٽالپر خلاف ڪيس ٺاهڻ ۾ ناڪام رهيو

پي ٽي آءِ ايم پي اي ارسلان تاج ۽ رابعه  اظفر پ پ ايم پي اي فريال ٽالپر جي نااهلي لاءِ اليڪشن ڪميشن سان رابطو ڪيو هو

اليڪشن ڪميشن 27 آڪٽوبر تي فريال ٽالپر جي نااهلي بابت درخواست تي فيصلو محفوظ ڪيو هو، جيڪو اڄ ٻڌايو ويو آهي

هي به پڙهندا

ڀَلي صوبائي اسيمبليون ٽوڙي ڇڏيو، پر وقت کان اڳ اليڪشن نٿي ڪرائي سگھجي: اليڪشن ڪميشن

نيب پاران مريم نواز ۽ ڪيپٽن رٽائرڊ صفدر جي بريت کي چئلينج نه ڪرڻ جو فيصلو