17ڊسمبر تي اسيمبليون ٽوڙڻ جي تاريخ جو اعلان ڪندس:عمران خان

0
350
نئين آرمي چيف سان ڪا به

لاهور: پي ٽي آءِ سربراهه عمران خان چيو آهي ته 17 ڊسمبر تي لاهور جي لبرٽي چوڪ تي اسيمبليون ٽوڙڻ جي تاريخ جو اعلان ڪندس، اُن کانپوءِ 70 سيڪڙو ملڪ اليڪشن مَوڊ ۾ هليو ويندو، قومي اسيمبلي جي اسپيڪر وٽ وڃي چونداسين ته استعيفائون منظور ڪري
لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي عمران خان چيو ته مون اسٽيبلشمينٽ مان مدد نه گهري آهي، چاهيون ٿا اُها نيوٽرل رهي، اُن سان اسٽيبلشمينٽ مضبوط ٿيندي
پي ٽي آءِ سربراهه چيو ته سڀ ڄاڻن ٿا ته مشرف اين آر او وَن ۽ جنرل باجوه اين آر او ٽـُو ڏنو آهي، جنرل باجوه ئي چيو هو ته فيٽف جي قانون ۾ اپوزيشن کي ڇوٽ ڏني وڃي، اسان کي چيو ويندو هو ته احتساب کي ڇڏيو، معيشت تي ڌيان ڏيو، منهنجو وات بند ڪرڻ لاءِ قاتلاڻو حملو ڪيو ويو، پر آئون خاموش نه ويهندس
هن چيو ته اسان چوندا آهيون ته والاريل ڪشمير ۾ حالتون خراب آهن، پر هـتي ڪهڙا انساني حق مليل آهن؟ عدليه اسان جي بُنيادي حقن جو تحفظ نه ڪندي ته ڇا ڪو ٻاهران اچي ڪندو؟
عمران خان چيو ته جنرل باجوه پاڪستان سان اُهو ڪيو آهي، جيڪو دشمن به نه ڪيو، چئلينج ڪريان ٿو ته توشه خانه ۾ ڪوبه غيرقانوني ڪم نه ڪيو آهي، چيف اليڪشن ڪمشنر جي ايجنڊا مونکي نااهل ڪرڻ آهي

هن کي به پڙهندا

نامزدگي ڪاغذن ۾ ڌيءُ لڪائڻ تي عمران خان جي نااهلي وارو ڪيس ٻڌڻي لاءِ مقرر

وزير اعظم ۽ وڏن وزيرن کي حاصل ڇوٽ فوج کي ڪيئن ڏئي سگهجي ٿي؟ جسٽس منصور جو سوال