لاکڙا ڪول مائينز ۾ رسي ۽ ڊرم ذريعي پورهيتن کي کاڻ ۾ موڪلڻ واري وڊيو وائرل

0
481
لاکڙا ڪول مائينز ۾ رسي ۽ ڊرم ذريعي
لاکڙا ڪول مائينز ۾ رسي ۽ ڊرم ذريعي پورهيتن کي کاڻ ۾ موڪلڻ واري وڊيو وائرل

ڄامشورو: لاکڙا ڪول مائينز ۾ ڪمپني پاران رسي ۽ ڊرم ذريعي پورهيتن کي کاڻ ۾ موڪلڻ واري وڊيو وائرل ٿي وئي آهي
وڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته رسي ۾ ٻڌل ڊرم ۾ ٻن پورهيتن کي ويهاري سوين فوٽ اونهي کاڻ ۾ موڪليو پيو وڃي
ذريعن دعويٰ ڪئي آهي ته پورهيتن کي رسي وسيلي کاڻ اندر موڪلڻ ۽ ٻاهر ڪڍڻ وارو سلسلو ڪافي وقت کان جاري آهي
ڊي جي ڪول مائنز مشتاق احمد سومرو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيل ويڊيو جو نوٽيس وٺي ڇڏيو، چيف انسپيڪٽر مائنز کان وائرل ٿيل ويڊيو بابت رپورٽ طلب ڪئي وئي آهي