ڳالھيون ڪندي ڪاڪ جون … دکياري ديس جي مھلڪ مرضن جو ادراڪ رکندڙ ڪٿي آهن؟

0
65
ڳالھيون ڪندي ڪاڪ جون ... دکياري ديس جي مھلڪ مرضن جو ادراڪ رکندڙ ڪٿي آهن؟

 شھيد تاريخ جا پير ٿيندا آھن، جن تي ھلي قومون نجات ماڻينديون آھن. اڄ سنڌ جنھن سياسي جبر جي دور مان گذري پئي، شھيد استاد ھدايت لوھار جو خون ان سڄي پيڙا جو عيني گواھ آھي. سنڌ کي ھڪ طرف مردار جاگيردار ڦورو وڏيرڪي ڪلاس جي رحم ڪرم تي ڇڏيو ويو آھي ته ٻئي پاسي سمورا قومي، سياسي ۽ انساني حق معطل ڪري جھنگ جو قانون مڙھيو ويو آھي. جيڪو به ھن ڪاري ۽ ڪٺور رات جي خلاف احتجاج ڪندو، ان جي زبان ڪاڪڙي مان ڪڍي ويندي، پوءِ ڪنھن کي بشير خان قريشي جيان خاموشي سان زھر ڏئي ختم ڪيو ويندو ته ڪنھن کي شھيد ھدايت لوھار وانگر ڪِرائي جي قاتلن جي ھٿان راھ تان ھٽايو ويندو. شھيد ھدايت سان ھيترا ڏينھن گذرڻ باوجود انصاف ناھي ٿي سگھيو. قاتلن جا شناختي ڪارڊ مليا آھن پر مٿن ايف آءِ آر درج نٿي ٿئي. سندس نياڻيون سورٺ ۽ سسئي نصير آباد ۾ ڌرڻو ھڻي ويٺل آھن. اھو رڳو ان ڪري ته سنڌ جي سياسي توڙي انتظامي عھدن تي جيڪي ماڻھو ويٺا آھن، اھي اسان جا نه پر ڌارين جا ڀرجهلا آھن، جيڪي صرف پنھنجون پوسٽون ۽ عھدا بچائڻ ۾ پورا آھن ۽ شھيد جو رت ور ور پڇي رھيو آھي ته،

لائو تو قتل نامه ميرا

ڪه مين ڀي ديک لون

ڪس ڪس ڪي مھر ھي سرِ محضر لگي

سيڪيورٽي اسٽيٽ ۾ قانون انڌي جي لٺ وانگر بي خبر ھوندو آھي. اھا لٺ اڪثر بي گناھن جا مٿا ڦاڙيندي آھي، گناھگار تڪبر جا نعره ھڻي بچي ويندا آھن، جئين جرمني ۾ نازي درنده معصوم انسانن جي رت سان تلوارن جي اڃ اجھائيندا رھيا ۽ ھٽلر ايوا برائون جي سنھري وارن ۽ رائيس وسڪي جي خمار ۾ مدھوش ٿي گٽار وڄائيندو رھيو. ائين ملڪ سڙي ٿو، حاڪم نيرو جيان بانسري وڄائي رھيا آھن. اسان جي راھ مسافر ماريل ماڻھن جو درد گسن ۾ تاريخ جي ڊگھي انتظار ۾ سگريٽ وانگر سڙي رھيو آھي. شھيد ھدايت ھن نظام جو مقتول آھي، جنھن کي ڀاڙيتو ماڻھن ھٿان مارائي اسانکي ھڪ برجستي ۽ بھادر ساٿيءَ کان محروم ڪيو ويو. ھدايت جھڙا قومي اڳواڻ وڏي انتظار کان پوءِ ملندا آھن. اسين ھن ماڻھوءَ جي ڪمي زمانن جا زمانا پوري نه ڪري سگھنداسين. آئون کيس شھادت جي موقعي تي لطيف جي ھن شعر جي ڀيٽا ٿو ڏيان ته،

جکرو جس کرو، ٻيا مڙئي خان،

مٽي ان مڪان، اصل ھئي ايتري.

ورهاڱي کان وٺي سنڌ ھر ايندڙ لمحي ڪنھن نئين حادثي سان ھمڪنار ٿي آھي، ڪنھن نئين ماتم مان گذري آھي. ھر اڀرندڙ سج سنڌ تي گرم ٽانڊن جو مينھن وسائيندو رھيو آھي. ڪيئي طوفان لڳا آھن، آنڌيون الريون آھن، درد جا درياھ اٿليا پلٽيا آھن. ذلت جي زھر ديس جي دلين جون رڳون سڪائي ڇڏيون آھن. 77 سال گذري وڃڻ کان پوءِ به سنڌ جي ماڻھن جون اکيون ڪنھن مسيحا کي ڳولي رھيون آھن، جيڪو ھن ملڪ جي ماڻھن لاءِ مقدر جو معجزو ھجي، جنھن جي وجود سان اسان ڏکارن ماڻھن جون اداس اميدون وابستا ھجن. اھڙو ماڻھو، جنھن تي سنڌ اکيون پوري اعتماد ڪري ۽ کين يقين ٿي وڃي ته سوديبازي ۽ دوکيبازي ھن شخص جي لاءِ مئل ڀاءَ جو گوشت کائڻ جي برابر آھي. ان ڪري ھو نڪري ته سنڌ مٿس گھور گھور ٿي پوي. رستا دامن کولي بيھن. گليون گنگنائينديون رھن. شھر آجيان جا بينر بڻجي بيھن. دولھ درياخان جي شھادت کان پوءِ سنڌ جديد دور ۾ پھريون دفعو شھيد بشير خان قريشي جي روپ ۾ ھڪڙو اھڙو اڳواڻ ڏٺو ھو، جنھن وطن جي سرحدن کي بچائڻ لاءِ پنھنجي ملڪ جي ماٿرين ۽ بلند پھاڙن جو قسم کائي جھدوجھد شروع ڪئي ھئي. ھن عھد ڪيو ھو ته يا ديس وٺبو يا جان ڏبي. پوءِ ھن ائين ڪري ڏيکاريو. جڏھن جان ڏيڻ جو وقت آيو ته ھن ساڳي دليريءَ سان اجل جو جام نوش ڪري قدرت سان روزِ ميثاق جي ڪيل واعدي مطابق واپسي ڪئي. بشير خان قريشي روايتي مھم جُو يا اخباري بيان تي ڪم ٽپائيندڙ قيادت کان اخلاقي سياسي توڙي ڪمٽمنٽ جي لحاظ کان گھڻو وڏو ماڻھو ھو. ھڪڙو باادب، باذوق. فھم فضيلت وارو سنڌي مهذب قسم جو ليڊر ھجڻ جي ڪري قوم جي دلين ۾ ھو شعلو شعلو ٿي ڀڙڪندو رھيو. اڄ سنڌ جيڪا ناموافق حالتن جي ڪوھيڙي ۾ ڌنڌلائجي وئي آھي، ان کي جيڏي مھل به ڪا سور جي سٽ اڀري ٿي ته اها ڀڳل ھڏ وانگر ڏکي چئي ٿي ته؛ ڪاش شھيد بشير خان ھجي ھا. ھو سراپا ويڙھ جو استعارو ھو. ھن کي ماھر سرجن وانگر دکياري ديس جي مھلڪ مرضن جو پورو ادراڪ ھو، ان ڪري ھن ماڻھن جي زخمن جي ٽاڪور ڪئي. ڌرتي جي ابدي نجات لاءِ سينو ساھي مقتل ۾ نڪتو. ھو اقتدار پرست سياستڪارن جيان اھو نه چوندو ھو ته فلاڻي کي لت ھڻي ڪرسيءَ تان ڪيرائينداسين. ھو ته جرئتمند انقلابي ڪمانڊر جيان شاھد آڱر اڀي ڪري وڏي واڪ چوندو ھو ته ڊوهه کي ڊاھي آجپو ماڻينداسين. ھن کي خبر ھئي ته ڪرسيون خسيس شيون آھن. اھي نام نھاد فردن جي سمجھوتن وچ ۾ پيون ڦرنديون آھن. ھن مٽيءَ جي ماڻھن جي دائمي فتح رڳو نجات سان منسلڪ آھي. ان ڏوھ جي ڪري ئي ته سندس تاءُ ڊگھي دير برداشت نه ٿي سگھيو ۽ طريقهء واردات تبديل ڪري ھن ايامن جي آواز جھڙي عاشق کي راھ تان ھٽايو ويو. بشير قريشي رتي ديري جي رسائين راتين مان نڪري ٽنڊي ڄام جي صنوبرن مان ٿيندو سڄي سنڌ پھچي ويو. سنڌ پنھنجي ھن سلڇڻي پٽ کي ٻنھي ھٿن سان ڀاڪرين ڀري ورتو. ھن پنھنجي رھبر سائين جي ايم سيد جو ايترو پيار حاصل ڪيو، جو سندس سينيئر توڙي سيد کي دانشوراڻين حرفتن سان متاثر ڪرڻ جي ڪوشش ڪندڙ ‘اصل تي وڊا’ ڪامريڊ به ساڻس حسد ڪندا ھئا. پوءِ تاريخ ڏٺو ته سيد کي گھيري ويٺل سائنسي پالٽيڪس جي مھندارن کان ھي صوفياڻي جذبات جي فراواني تي يقين رکندڙ فقيري مزاج فرد گوءِ کڻي ويو. ھن زندگي ڏئي قوم کي زندگي جو راز ٻڌائي ڇڏيو ھو. الھام تي يقين رکندو ھو يا نه پر ھن انساني نفسيات کي باريڪي سان پرکي ورتو ھو، ان ڪري دماغن کي دليلن ۾ الجھائڻ بدران ھن دلين جي درد کي دريافت ڪرڻ شروع ڪيو. ڏسندي ڏسندي منتشر انبوھ ٿيل قوم پنھنجا پر سائڻ شروع ڪيا. ان جي ھڪڙي جھلڪ ھن 23مارچ تي ڏيھ توڙي پرڏيهه کي ڏيکاري ڇڏي ته ڏسو زخمي قومون ڏاڍيون خطرناڪ ٿينديون آھن. اھي جڏھن اٿنديون آھن ته زنجيرن جا ذرا ذرن سان ناھن ملندا. بشير خان سنڌ کي فطرت جو عطيو ھو، جيڪو ڏاڍو دير سان ڌرتيءَ جي جھولي ۾ آيو ۽ تمام تڪڙو حالتن جي عميق ڪن ۾ وڃائجي ويو. اڄ سنڌ جي ھنن ڳنڀير حالتن ۾، جتي قومي تحريڪ خلاف رياستي جبر پوري عروج تي آھي، رڳو يادن جا طاق کلي رھيا آھن. ڪيترا پھر پل جيڪي سندس صحبت ۾ ڪٽيا، سي ھر ھر تصور خيال کي نم ڪري رھيا آھن. سنڌ ته ضرور آجي ٿيندي پر بشير خان قريشي کان پوءِ خبر ناھي ته اسان کي ڪيترو انتظار ڪرڻو پوندو!

ھدايت لوھار ھڪڙو قابل استاد ۽ پراڻو سينيئر ورڪر ھو، جنھن لڳ ڀڳ ٽي سال ٽارچر ڪيمپ ۾ گذاريا. اتان بعد ۾ کيس آزاد ڪيو ويو. ان کان پوءِ کيس پنھنجي ئي شھر ۾ اسڪول ويندي گولين جي بک بڻايو ويو، آخر ڇو؟ جيڪڏھن مٿس ڪا چارج شيٽ ھئي ته وري به عدالتون موجود ھيون. کيس حراست ۾ وٺي قانون موجب ساڻس ورتاءُ ڪيو وڃي ھا. ھڪ استاد ۽ سياسي ڪارڪن کي سرِ عام غنڊاگردي ڪري ماري ڇڏڻ ڪھڙي قانون، مذھب ۽ اخلاقيات جي دائري ۾ اچي ٿو؟ دراصل ھي سراسر لاقانونيت آھي. پنھنجي مخالفن کي گولين سان پروڻ ڪرڻ انصاف جو قتل آھي. افسوس ته ھن سانحي تي سنڌ جو شعور چپ آھي. ماھ رنگ بلوچ سان ھمدردي ڪندي ھن جا حوالا ڏيندڙ سنڌ جا قلم ڌڻي اديب، صحافي ۽ سوشل ايڪٽيوسٽ ٽرنڪولائزر وٺي سمھي پيا آھن. کين سنڌ جون ڌيئرون انصاف لاءِ ٻاڏائيندي نظر نٿيون اچن. ڇا سنڌ کي اٿارڻ لاءِ ھن وقت ڪنھن صورِ اسرافيل جي ضرورت آھي؟ اسين عالمي انساني حقن جي تنظيمن کي چئون ٿا ته ھتي ٿيندڙ انساني وقار جي بدترين توھين جو نوٽيس ورتو وڃي. ڇا سنڌ ڪو دنيا کان ٻاھر جاگرافي طور ڪٽيل  خطو آھي، جنھن جي ڏکن دردن ھاڃن ۽ المين جو ادراڪ ڪرڻ کان سواءِ کيس پنھنجي رحم ۽ ڪرم تي ڇڏيو ويندو!