پارڪري ٻولي ۽ ان جا لهجا

0
54
پارڪري ٻولي ۽ ان جا لهجا

پارڪري ٻولي، ٿر جي مٺڙي ۽ منفرد ٻولي آهي، جيڪا پارڪر جي علائقي ۾ ڳالهائي وڃي ٿي، مُروگجر ۾ اچي ٿي. پارڪري ٻولي/ لهجي کي ٻن ننڍن لهجن  ۾ ورهائي سگهجي ٿو: (1) پارڪري (2) ڪولهڪي پارڪري. پارڪري لهجو پارڪر ۾ رهندر سوڍا ۽ راجپوت قبيلا، ڪنُڀار، ميگهواڙ، مهراج، چاڪي، شيخ، فقير ۽ ٻيا ڳالهائين ٿا. ڪولهڪي پارڪري، پارڪر جا ڪولهي ڳالهين ٿا. پارڪري توڙي ڪولهڪي پارڪري ٻنهي لهجن تي گجراتي ٻوليءَ جو گهڻو اثر آهي. ڪولهڪي پارڪري، پنهنجي پاڙيسري صحرائي ٻولين جي اثرن سان گڏ پرو آسٽريلين ٻوليءَ جو سحر اڃان پنهنجي وجود ۾ سمائي رکيو آهي. اهڙي طرح سنڌي ٻوليءَ جو ميل ٻنهي لهجن يعني پارڪري ۽ ڪولهڪي پارڪري لهجن سان صدين جي سفر ۾ رهيو آهي. لسانيات جي ٻن ماهرن، پيٽر جي گرينگر ۽ نيتا جي  گرينگر پارڪري کي مٿي ڄاڻايل ٻن ننڍن لهجن ۾ ورهائي پارڪري تي گهڻو ڪم ڪيو آهي. انهن سنڌي ۽ گُجراتي سان پارڪري ٻولي جي ڀيٽ ڪئي. مجموعي طور تي ٻئي لهجا سنڌي سان ترتيب وار 52 ۽ 60 سيڪڙو، گجراتي سان 72 ۽ 75 سيڪڙو هڪ جهڙائي رکندڙ ثابت ٿيا. ٿر جي نامياري تاريخدان منگهارام اوجها پنهنجي ڪتاب “پراڻو پارڪر” ۾ لکيو آهي ته پارڪر ۾ جيڪا ٻولي ڳالهائي وڃي ٿي، تنهن کي پارڪري چئبو آهي. اها بگڙيل گُجراتي آهي، ڪولهين جو لهجو سڀني کان نرالو آهي.

هن وقت جي پارڪري هڪ لهجي مان ٻوليءَ ڏانهن اُڀري آئي آهي. ورهاڱي کان اڳ ۾ پارڪري جو گُجراتي سان ناتو گهڻو جُڙيل هو. پارڪر جي ماڻهن جو وڻج واپار توڙي اچ وڃ گجرات سان وڌيڪ هئي. گجرات جي حاڪمن پارڪر کي پنهنجي هٿ-وس ڪرڻ لاءِ هر دور ۾ جتن ڪيا. پارڪر جي خوبصورت راسوڙن ۾ گُجرات جو ذڪر آهي.

لال وڻجارا مُون ني لي هالو گجرات

(منهنجا پيارا لال وڻجارا، مون کي پاڻ سان گڏ گجرات وٺي هل)

ورهاڱي کانپوءِ پارڪري تي سنڌي ٻوليءَ جو اثر وڌڻ لڳو. هن وقت جيڪڏهن سنڌي ۽ پارڪري جي ڀيٽ ڪجي ته ساڳيا نتيجا نه ملندا. سنڌي سان سُٻنڌ گهرو ٿيو آهي. پارڪري جي الف- ب ۾ سنڌيءَ جي 52 اکرن سان چئن مخصوص پارڪري اکرن جو اضافو ڪري الف- ب تيار ڪئي ويئي آهي. انهيءَ الف- ب (رسم الخط عربي) ۾ ڪيترائي ڪتاب ڇپجي چُڪا آهن. پارو مل پريم پارڪري، پونم پاسڪل ۽ سندس ساٿين ويجهڙائيءَ ۾ وڏي ڪوشش ورتي آهي. پارڪري جا پڙهندڙ توڙي ڳالهائيندڙ پارڪري ٻولي رئي پنچائت ۽ نوجوان برطانوي اسڪالر رچرڊ هائيل جي پارڪري لاءِ ڪيل خدمت کي ڪڏهن وساري نٿا سگهن. 1985ع کان پارڪري کي غيرسرڪاري سطح تي اسڪولن ۾ پڙهائڻ جي ڪوشش ورتي ويئي آهي، انهي ڏس ۾ پارڪري ٻولي رئي پنچائت سنڌي پرائمري اسڪولن جي نصاب جو پارڪري ترجمو ڪيو آهي، جيڪو ڏاڍو خوبصورت آهي. پارڪري جي نج نبار چئن وينجن ۽ پارڪري ۾ سنڌي جي اُچارن جي صوتياتي تبديلي جو ذڪر عبدالجبار جوڻيجي ۽ هدايت پريم پنهنجي ڪتاب “ٿر جي ٻولي” ۾ ڪيو آهي. سنڌي ٻوليءَ جي پڙهندڙن لاءِ پارڪري جي وينجن ۽ اُچارن بابت بهترين مثال شامل ڪيا ويا آهن. آئون پڻ اڪثر ساڳيو مثال رکان ٿو.

(1) ڌ٨: هي آواز ڏندن جو چوسڻو آواز آهي، ڌ مٿي سنڌي ۾ اٺ (انگ) جو نشان ٨، سنڌي چار ڇوسڻا آواز آهن. پارڪري ڌ ٨ سان پنج ٿين ٿا. ٻ، ڏ، ڄ، ڳ ۽ ڌ٨.

(2) هه ٨: اهو هه جو ڳرو آواز ساڳي نموني هه مٿي اٺ (انگ٨) جي نشان سان لکيو ويو آهي. پارڪري ۾ نانگ کي ناگ سان گڏ هاپ به چئبو آهي. بلا کي پرڙهه چئبو آهي.                                                                                          (3)  ر ٨: هي (ر) جو وسرگ آواز آهي يا (ڙ) جو، ڙ سان گڏ (هه) جو مخصوص آواز ڏي ٿو. ڍاٽڪي ۾ اهو ساڳيو آواز موجود آهي. تاڙ٨و معنيٰ تالو، ماڙ٨و معنيٰ آکيرو، ڇاڙي معنيٰ ٻڪري. (ٻڪري کي ڪولهي ٻاڪري چوندا آهن).

(4) زهه: هي آواز (ز) جو وسرگ آواز آهي. سنڌي جو اکر جهه پارڪري ۾ زهه ۾ تبديل ٿئي ٿو. جهونپڙي؛ زهونپڙي، جهاڙ؛ زهاڙ.

اهڙي طرح سنڌي جي ڪُجهه مخصوص اُچارن جي پارڪري ۾ تبديلي اچي ٿي.

(1) ب بدلجي ٿو “ٻ” ۽ “و” ۾، بدڪ ۽ باغ بدران ٻدڪ ۽ واڳ/ٻاڳ.

(2) ج بدلجي ٿو “ز” ۾، ۽ ز بدلجي ٿو “ج” ۾، زمين- جمين، باز – باج

(3) ڄ بدلجي ٿو ج ۽ زه ۾، اڄ مان اج، آج (آزهه).

(4) چ بدلجي ٿو س ۾، چنڊ مان سندر.

(5) د بدلجي ٿو ڌ ۾، دروازو مان ڌروازو.

(6) ڏ بدلجي ٿو ڌ ۾، گڏهه مان گڌيرو.

(7) ڊ بدلجي ٿو د ۾، ڊاک مان دراک، ڊ، ڍ ۾ پڻ بدلجي ٿو. ڊيل – ڍيل.

((8غ بدلجي ٿو ڳ ۾، لغڙ مان لڳڙ.

پارڪري ۾ جيني شاعرن، چارڻن، ڀاٽن، مڱڻهارن ۽ ٻين ڪوين وڏو ڪلام چيو آهي، پر انهيءَ کي سهيڙڻ جي وڏي پيماني تي ڪوشش نه ٿي سگهي آهي. پارڪري لوڪ ادب تي سنڌي ۾ رڳو پراڻو پارڪر ملي ٿو، انهيءَ کانپوءِ منگهارام اوجها جي تسلسل ۾ ڪم نه ٿي سگهيو آهي. پارڪري راسوڙا لوڪ موسيقي جا موتي آهن، جن کي سنڌي ادب جي مالها ۾ پوئڻ جي اشد ضرورت آهي. پارڪري لوڪ شاعرن، ڪٿي ڪٿي ميون شاهه عنايت ۽ شاهه لطيف جي تخيل جي اڏام کي ڇهيو آهي. پارڪري ڪوتا ۾ روپلي ڪولهي ۽ پارڪر جي راڻن پاران انگريزن سان مهاڏو اٽڪائڻ واري معرڪي کي بهتر انداز سان بيان ڪيو ويو آهي. پارڪري جي ڪوين ۾ چنديرام ڀاٽ، ۽ ڪرشن جي چارڻ مشهور ڪويراج آهن. پارڪري جا ڪجهه شعرن ۽ راسوڙن جو نمونو هيٺ ڏجي ٿو.

چيري چولي چانبڙي، ڏيل ڀراوي لوڻ،

ڪايا اوڪالوي ڪارمي، اونئون اني ڏني جوڻ،

کيتل سريکو ڪوڻ، هاچو ور مي سومرا

مارئي ڍٻڪا ڍوڙتي، ملير ڏس ني جوء،

سيج نِيڻي سومرا، موني وڻي نه سوء،

ور سچيلو کيتسي، ڏوجهو ڏيکون نه ڪوء،

تن ڪوٽڙئي توء، ماري من ماروءِ وسي.

…..

پنٿي ويراونئون، ڪرجو بات گهري،

اوڀي روئي مارئي، ويلي وير ڪري،

مني رويا گڍ ڀري، خبر لهجو کيتسي.

…..

ڪارونجهر ني ڪور، مرئين تو پڻ مهلين نهين،

ماٿي ٽهو ڪي مور، ڏونگر لاڳي ڏيپتو.

…..

رنگ ڪلا، رنگ مهاسينگا، رنگ جوڌا راڻ،

رنگ ڪارونجهر ني ڪونگرا، رنگ سُڳلي رهاڻ.

…..

ڪوئل اني ڪانگ، ايڪج رنگ نا هوئي ڇي،

پن رڻڪ جيري راڳ، اوڙکي ليجي اڻکيه

…..

آڪ ڍاڪ ني پاس، سوا ڏشٽ ڦل سُون شوديئين،

موڙ مان نهين مٺاس، آپي ڪيان ٿي اڻکيه

…..

پئه پوڻي ني پريت، ٻڙي پن بدلي نهين،

اي پريت ني ريت، اوڙکي ليجي اڻکيه

…..

پريم مڌيرا پان، ڇيڪ ڇانا رهي نهين،

پرگٽ ٿايه نڌان، عالم جاڻي اڻکيه

…..

پين پنو هاٿ ۾ ليڌو اخبار ڀڻتو زائي،

اي لاڏلو ڪنور مانرو سنڌ گهمڻ زائي

…..

مانرا مٺڙا مهمان ڀلي آويا،

هون تان ڪهڙي ڪران منوار ري

جهڙي طرح سنڌي جا اُچار پارڪري جي صوتيات ۾ بدلجن ٿا، اهڙي ريت گجراتي جا پڻ پنهنجي صورت بدلائين ٿا. گجراتي جو “ڇي” معنيٰ “آهي”، پارڪري سئه يا سي، بڻجي ٿو، معنيٰ “ڇ” س ۾ تبديل ٿئي ٿو.

ٿر ۾ ڪُجهه قبيلا گجراتي سان ملندڙ لهجو ڳالهائين ٿا، پر اهو پارڪري کي به ويجهو آهي، سو آئون انهيءَ کي پارڪري سمجهان ٿو، ڇاڪاڻ ته گجراتي ۾ ڄ، ڃ، ڊ، ڱ، م، ڻ جا سنڌي اکر نه آهن، انهن جي لهجي ۾ ڪن ڪن لفظن ۾ اهي اکر ملن ٿا. اهو ئي سبب انهيءَ لهجي کي پارڪري جو حصو بڻائي ٿو.