محرم راز … ايراني صدر جو پاڪستان جو دورو: هاڻي ڇا ٿيندو؟

0
29
محرم راز ... ايراني صدر جو پاڪستان جو دورو: هاڻي ڇا ٿيندو؟

 ايران جو صدر ڊاڪٽر ابراهيم رئيسي پاڪستان جو اهم ترين ۽ انتهائي ڏور رس نتيجن وارو دورو مڪمل ڪري واپس وڃي چڪو آهي پر پاڪستان جي لاءِ اهو سوال ڇڏي ويو آهي ته ڇا پاڪستان کي ان دوري مان فائدو ٿيندو يا وري ان جي ڪا قيمت چڪائڻي پوندي؟ هي اهو بنيادي سوال آهي، جيڪو ايراني صدر جي پاڪستان جي دوري کانپوءِ انهن سمورن حلقن ۾ اٿاريو پيو وڃي، جيڪي عالمي ۽ علائقائي سياست جي تناظر ۾ پاڪستان جو تجزيو ڪري رهيا آهن. ان سوال جو اصل محرڪ اها آمريڪي ڌمڪي آهي، جيڪا ايراني صدر جي پاڪستاني دوري جي موقعي تي پاڪستان کي ڏني وئي ته ايران سان واپار ڪندڙ ملڪن کي پابندين کي منهن ڏيڻو پئجي سگهي ٿو.

                 هي پهريون ڀيرو ائين ناهي ٿيو. پاڪستان جڏهن به پنهنجي قومي مفادن کي سامهون رکي اڳتي وڌڻ جي ڪوشش ڪندو آهي، ان لاءِ اهڙي طرح جو سوال درپيش هوندو آهي. ان کان اڳ چين سان اقتصادي تعاون، خاص طور تي پاڪ- چين اقتصادي راهداري (سي پيڪ) جي معاملي تي پڻ پاڪستان لاءِ اهو سوال پيدا ٿيو هو. مسلسل آمريڪي ڪئمپ ۾ رهڻ سان پاڪستان جو رياستي ۽ اقتصادي ڍانچو اهڙو ٺهيل آهي. ٻيو سوال دراصل ان ڍانچي جي باري ۾ آهي ته اهو چين يا ايران جهڙن ملڪن جي سهڪار مان فائدو حاصل ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿو يا نه، جن سان آمريڪا جا لاڳاپا ڇڪتاڻ وارا آهن؟ ان رياستي ۽ اقتصادي ڍانچي جي ڪري پاڪستان جڏهن به پنهنجي قومي مفادن جي باري ۾ فيصلو ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿو ته ان کي ان جي قيمت ادا ڪرڻي پوندي آهي. آمريڪا پاڪستان تي پابنديون مڙهڻ جي جيڪا ڌمڪي ڏيئي رهيو آهي، اها هڪ قيمت ٿي سگهي ٿي. پاڪستان ٻيا نقصان به کڻندو رهيو آهي، انهن ۾ دهشتگردي، سياسي غيرجٽاداري ۽ معاشي بحران جهڙا نقصان به شامل آهن. سي پيڪ کي سبوتاز ڪرڻ لاءِ دهشتگرديءَ کي سڀ کان وڏي هٿيار طور استعمال ڪيو ويو. اسان کي اهو به نه وسارڻ گهرجي ته جڏهن 18 مئي 1923ع تي ايراني صدر ڊاڪٽر ابراهيم رئيسي ۽ وزيراعظم پاڪستان شهباز شريف مند پشين بارڊر مارڪيٽ ۽ ٽرانسميشن لائين جو افتتاح ڪيو هو، ان جي ٺيڪ ٽن ڏينهن کانپوءِ 21 مئي 2023ع تي دهشتگردن ايران جي ڇهن سرحدي محافظن کي قتل ڪري ڇڏيو هو. ان واقعي جي ذميداري ‘جيش العدل’ نالي دهشتگرد تنظيم قبول ڪئي هئي. ان واقعي کانپوءِ پاڪستاني بلوچستان صوبي ۾ به دهشتگردي جا ڪيترائي واقعا رونما ٿيا هئا. ان سموري صورتحال ۾ به پاڪستان پنهنجين سمورين مجبورين ۽ حد بندين جي باوجود چين جي سهڪار مان فائدو  وٺڻ لاءِ اڳڀرائي ڪندو رهيو. ايران جي معاملي ۾ به اها ئي اميد ڪئي پئي وڃي ته ايران جي معاملي ۾ به پاڪستان ڪا نه ڪا واٽ ڪڍڻ جي ڪوشش ڪندو. ان ڪوشش جو وڌيڪ دارومدار ان ڳالهه تي آهي ته پاڪستان ۾ سياسي ۽ فوجي قيادت ڪهڙي آهي. هن وقت جي حڪمران سياسي قيادت ۽ فوجي قيادت تمام گهڻي پُرعزم نظر اچي ٿي. اڳ به 2013ع ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي جي حڪومت ۾، خاص طور تي آصف علي زرداري جي ڪوششن سان ايران سان لاڳاپا بهتر ٿيا ۽ پاڪ- ايران گئس پائيپ لائين واري منصوبي جو معاهدو ٿيو. مسلم ليگ (ن) جي قيادت به پيپلز پارٽِي وانگر چين ۽ ايران سان لاڳاپن کي بهتر بنائڻ جي ڪوشش ڪندي رهي آهي. هن وقت ٻنهي سياسي جماعتن جي مخلوط حڪومت آهي ۽ ان کي موجوده فوجي قيادت جو سهڪار پڻ حاصل آهي.

پاڪ- ايران لاڳاپا لاهن چاڙهن جو شڪار رهيا آهن پر هن وقت ٻئي ملڪ پنهنجي قومي معاشي مفادن جي ڪري هڪٻئي جي ويجهو آيا آهن، جيڪي انهن کي اڃان به وڌيڪ  ويجهو آڻي سگهن ٿا. هونئن به اسان جي خطي سميت دنيا جي مختلف خطن ۾ جيڪي اقتصادي بلاڪ بڻجي رهيا آهن، اهي به پاڙيسري ملڪن سان لاڳاپن ۾ بهتري لاءِ سازگار حالتون پيدا ڪري رهيا آهن. هڪ وڏي اڳڀرائي اها ٿي آهي ته گذريل سال چين، ايران ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ پراڻي دشمنيءَ کي دوستيءَ ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي. سعودي عرب جي ڪري پاڪستان جو ايران سان جيڪو ويڇو هو، اهو به ختم ٿي ويو آهي. سڀ کان اهم ڳالهه اها آهي ته پاڪستان هاڻي ان نهج تي پهچي چڪو آهي جو ان کي پنهنجي اقتصادي ۽ توانائي جي بحران تي ضابطو آڻڻ لاءِ ايران سان مختلف شعبن ۾ سهڪار وڌائڻو پوندو. گهٽ ۾ گهٽ پاڪستان کي پنهنجي توانائي جون ضرورتون پوريون ڪرڻ لاءِ ايران تي ڀاڙڻو پوندو. آمريڪا يا ان جا اتحادي پاڪستان جو مسئلو حل نٿا ڪري سگهن. ايراني صدر جي دوري دوران جيڪي پاڪ- ايران معاهدا ٿيا، انهن جا تفصيل توڙي جو سامهون ناهن آيا، پر پوءِ به اهو ضرور ٻڌايو ويو آهي ته اهي معاهدا توانائي، واپار ۽ سيڪيورٽي جي معاملن تي ٿيا آهن. اهو پڻ واضح اعلان ڪيو ويو آهي ته ايندڙ پنجن سالن ۾ پاڪ- ايران واپار 10 ارب ڊالرن تائين وڌايو ويندو.

پاڪ- ايران گئس پائيپ لائين منصوبو پاڪستان جي توانائي جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ لاءِ وڏي اهميت رکندڙ آهي. توڙي جو ڪجهه حلقا اهو چون ٿا ته ايراني صدر جي دوري دوران ان منصوبي تي ڪا ڳالهه ٻولهه ناهي ٿي. شايد ان جو سبب اهو آهي ته ان منصوبي تي اڃان ڪم ٿيڻو آهي. وقت کان اڳ ۾ ذڪر ڪري آمريڪا ۽ ان جي اتحادين جي مخالفت کي هوا ڏيڻ جي ضرورت نه آهي پر اهي ڳالهيون به هلي رهيون آهن ته ايران پاڪستان جي سرحد تائين پائيپ لائين وڇائي ڇڏي آهي ۽ سرحد تي ئي گئس پمپنگ اسٽيشنن جي ذريعي پاڪستان ۾ گئس جي سپلاءِ جاري آهي. اهو پڻ چيو پيو وڃي ته بجلي جي ٽرانسميشن لائينن تي پڻ ڪم جي رفتار کي وڌيڪ تيز ڪيو ويندو. آمريڪا جي طرفان  ايران تي مڙهيل پابندين کي نظر ۾ رکندي ايران کان تيل جي درآمد کي چينلائيز ڪرڻ لاءِ به جلد هڪ ٽاسڪ فورس قائم ڪري سگهجي ٿي. آمريڪي پابندين جي ڪري پاڪستان ۽ ايران جون بينڪون  هڪٻئي سان ڏيتي ليتي نٿيون ڪري سگهن. اها پڻ خبر پئي آهي ته اهو مسئلو پڻ حل ڪيو پيو وڃي. انهن سمورن مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ جيڪي روايتن کان هٽي ڪري (OUT-OF-BOX) ڪوششون ڪري سگهجن ٿيون، انهن جو دارومدار ان ڳالهه تي آهي ته پاڪ- ايران سرحد جي ٻنهي پاسن عام طور تي ۽ پاڪستاني بلوچستان ۾ خاص طور تي دهشتگردي ۽ بدامني کي روڪيو وڃي. ان حوالي سان پاڪستان جي حڪومت ۽ اسٽيبلشمينٽ هڪ نئين گهڻ رخي حڪمت عملي بڻائي سگهي ٿي. هن وقت موجوده انتهاپسند تنظيمن سان گڏوگڏ داعش جي وڌندڙ سرگرمين کي نظر ۾ رکيو پيو وڃي. اها حڪمت عملي فوجي ۽ سياسي ٻنهي قسمن جي هوندي. ايراني صدر جي دوري جي موقعي تي پشين (بلوچستان) جي ويجهو جبلن ۾ دهشتگردن جي خلاف آپريشن ڪري هڪ وڏي ڪارروائي کي ناڪام بڻايو ويو.

ڪجهه حلقا اهو به چئي رهيا آهن ته ايراني صدر جي دوري کي پاڪستان آمريڪا سان “بارگيننگ” لاءِ پڻ استعمال ڪري سگهي ٿو ۽ آمريڪا کي اهو چئي سگهي ٿو ته آمريڪا پاڪستان جون ضرورتون پوريون ڪري ته اهو ايران سان لاڳاپن ۾ اڳڀرائي نه ڪندو پر پاڪستان ايئن نٿو ڪري سگهي، ڇو ته پاڪستان جي توانائي جون ضرورتون جهڙي ريت ايران پوريون ڪري سگهي ٿو، ڪو ٻيو نٿو ڪري سگهي. پاڪستان جي آءِ ايم ايف سان ڊيل تي ايراني صدر جي دوري جي امڪاني اثرن سان منهن ڏيڻ لاءِ به پاڪستان حڪمت عملي جوڙي رهيو آهي. جيڪڏهن سياسي غيرجٽاداري پيدا نه ٿي ته پاڪستان جي موجوده فوجي ۽ سياسي قيادت چين وانگر ايران سان به اڳتي وڌڻ لاءِ پُرعزم آهي.