بارداني جي شفاف ورهاست ۽ بيوس بڻيل سنڌ انتظاميا

0
44
زنجيرن ۾ جڪڙي ٽنگيل معصوم مغوي

سڄي دنيا ۾ خوراڪ جي کوٽ ۽ شديد بحران پيدا ٿيندو پيو وڃي. هن گرهه تي وڌندڙ گرمي پد ۽ موسمي تبديلين جي ڪري ماحولياتي سرشتو تباهي ڏانهن وڌندو وڃي ۽ قدرتي آفتون، جن ۾ ٻوڏون، ڏڪار ۽ ٻيون تباهيون شامل آهن، اهي دنيا جي ملڪن ۾ هاڃا رسائي رهيون آهن. دنيا جا سڌريل ملڪ ان بابت گهڻو حساس آهن ۽ اهي فوڊ سيڪيورٽي جي حوالي سان قدم کڻي رهيا آهن پر اسان سڄي دنيا کان مختلف ۽ نرالا آهيون. پاڪستان ۾ وري سنڌ جي انتظاميا ان حوالي سان پنهنجي منفرد سڃاڻپ رکي ٿي. هتي انهن موسمي تبديلين سان گڏ جيئڻ بابت ڪنهن به قسم جي تياري ۽ رٿابندي نظر نٿي اچي. سنڌ جو خوراڪ کاتو ته ويتر انهن بحرانن کي شديد ڪرڻ لاءِ تيز ٻرانگهون کڻندو رهيو آهي. هر سيزن ۾ جڏهن ڪڻڪ جو فصل لهندو آهي، ڪڻڪ مارڪيٽ ۾ پهچندي آهي ته ان وقت حڪومت طرفان خريداري مرڪز قائم ڪرڻ ۽ بارداڻي جي شفاف ورهاست جا اعلان ته ڪيا ويندا آهن پر عملي طور تي ٿيندو وري ان جي ابتڙ آهي. نه وقت سر خريداري مرڪز قائم ٿي سگهندا آهن ۽ نه ئي وري بنا سياسي سفارش ۽ رشوت جي ننڍن آبادگارن کي بارداڻو ملي سگهندو آهي، جنهن جو الزام وقت بوقت آبادگارن جي احتجاجن ۾ سامهون ايندو رهيو آهي. خريداري مرڪز قائم نه ٿيڻ ۽ باردانو نه ملڻ جي ڪري هن ڀيري به سنڌ جا ننڍا آبادگار ڪڻڪ گهٽ اگهه تي کليل مارڪيٽ ۾ وڪڻڻ لاءِ مجبور آهن. باردانو نه ملڻ تي آبادگار نه صرف احتجاج ڪري رهيا آهن پر انهن عدالتن سان به رجوع ڪرڻ شروع ڪيو آهي. ان حوالي سان هڪ خبر اها پڻ آهي ته آبادگارن جي رجوع ڪرڻ تي سنڌ هاءِ ڪورٽ خوراڪ کاتي جي عملدارن کي طلب ڪري انهن کي بارداڻي جا انگ اکر عدالت ۾ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏيئي ڇڏيو آهي.

ڪڻڪ اسان جي غذائي ضرورتن جو اهم اسم آهي پر هن ملڪ جو الميو اهو آهي ته هي زرعي ملڪ هوندي به پنهنجي ضرورتن جي ڪڻڪ صنعتي ملڪ روس ۽ ٻين ملڪن کان امپورٽ ڪندو رهي ٿو. جنهن سان نه صرف مٽا سٽا جو ناڻو استعمال ٿئي ٿو پر اها ڪڻڪ مهانگي پڻ پوي ٿي. سنڌ ۾ ته ڪڻڪ جو ڀلو فصل لهڻ باوجود حڪومت خريداريءَ لاءِ قدم کڻي نه سگهي آهي. هن وقت به سنڌ ۾ ڪيترن ئي هنڌن تي اڃان تائين به خريداري مرڪز قائم نه ٿي سگهيا آهن ۽ نه ئي وري ننڍن آبادگارن کي باردانو ملي سگهيو آهي. خوراڪ کاتي جو طريقهء واردات هر سيزن ۾ اهو ئي رهندو آيو آهي ته خريداري مرڪز دير سان قائم ڪجن ۽ ذخيرا اندوزي ڪندڙن، توڙي ٻاهر جي واپارين  کي  اهو موقعو فراهم ڪجي ته جيئن اهي مارڪيٽ مان سستي اگهه تي ڪڻڪ جي خريداري ڪن. ظاهر آهي ته اهو آبادگارن جو معاشي قتلام آهي، جيڪو هر ڀيري خوراڪ کاتي جا منتظمين ڪندا رهن ٿا. هن وقت به مينهوڳي جي مند آهي. مختلف هنڌن تي آبادگارن کي باردانو نه ملڻ ڪري ڪڻڪ اڃان کرن ۾ موجود آهي ۽ برسات پوي ٿي ته آبادگارن جو تمام گهڻو نقصان ٿيندو. امڪاني برساتن جي ڪري آبادگار مجبور ٿي پنهنجي ڪڻڪ کليل مارڪيٽ ۾ گهٽ اگهه تي وڪڻي رهيا آهن، جيڪا ڪڻڪ خريد ڪري ذخيره اندوز اسٽاڪ ڪري رهيا آهن يا وري ٻاهر جا واپاري خريد ڪري ان جي پاڙيسري ملڪن ڏانهن اسمگلنگ ڪرڻ جون تياريون پيا ڪن. ظاهر آهي ته اهڙي صورتحال ۾ خوراڪ کاتي جو ڪڻڪ جو خريداري ٽارگيٽ پورو نه ٿي سگهندو ۽ اهو ڪيترن ئي سالن کان ٿيندو رهيو آهي پر هن سال خوراڪ کاتي پنهنجي نا اهلي  تي ڍڪ رکڻ لاءِ ڪڻڪ جو خريداري ٽارگيٽ ئي گهٽائي ڇڏيو آهي. خوراڪ کاتي جي عملدارن جي ڪرپشن جو هڪڙو مثال اهو پڻ سامهون آيو آهي ته ڪنڌڪوٽ ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر هڪ  گُدام تي ڇاپو هڻي بارداني جون 700  ٻوريون  هٿ ڪيون آهن. ظاهر آهي ته اهو باردانو ذخيره اندوزي ۽ ڪڻڪ جي اسمگلنگ لاءِ استعمال ٿيڻو هو. اهو ته صرف هڪڙو مثال آهي، مختلف هنڌن تي اها ساڳي ڪار ٿي هوندي، جيڪا ميڊيا جي قلم ۽ ڪئميرا کان پري رهي آهي.

کاتن جي مجموعي ڪاڪردگي گورننس جو پروفائل جوڙيندي آهي ۽ خوراڪ کاتي جي اهڙي ڪارڪردگي سان گورننس جو ڪهڙو پروفائل جڙندو، اها ڳالهه پڌري پٽ پئي آهي. سنڌ جي انتظامي سربراهه کي گذارش آهي ته خوراڪ کاتي جي عملدارن جي نااهلي جو نوٽيس ورتو وڃي. خريداري مرڪز، جتي جتي قائم نه ٿي سگهيا آهن، اتي قائم ڪري ڪڻڪ جي خريداري ڪئي وڃي ۽ ننڍن آبادگارن کي بارداڻي جي فراهمي يقيني بڻائي وڃي.