لاهور/ڪراچي (م ڊ) ڪڻڪ جي خريداري نه ٿيڻ ۽ بارداڻو نه ملڻ خلاف آبادگار روڊن تي نڪري آيا، پنجاب ۽ سنڌ جي مختلف شهرن ۾ آبادگارن احتجاجي مظاهرا ڪري ڌرڻا هنيا، پنجاب جي شهر راجنپور آبادگارن احتجاج طور روڊ تي ڪڻڪ رکي وڪرو شروع ڪري ڇڏي، ملتان ۾ آبادگارن احتجاج ڪندي چيو ته سرڪاري اگهه 3900 مقرر آهي پر خريدار 3 هزار ڏيڻ لاءِ به تيار ناهي، ڏکڻ پنجاب ۾ 65سيڪڙو ڪڻڪ جي ڪٽائي ٿي سگهي، برساتون ٿيون به فصل تباهه ٿي ويندا، پنجاب حڪومت کي 22 اپريل کان ڪڻڪ خريدار ڪرڻي هئي.  ڏکڻ پنجاب ۾ 18 اپريل کان جاري برساتن جي ڪري 64 لک ايڪڙن تي پوکيل فصل سخت متاثر ٿي آهي، جنهن جي ڪري آبادگارن ۽ هارين کي سخت نقصان پهتو آهي. ٻئي طرف پنجاب حڪومت کي 22 اپريل کان ڪڻڪ جي خريداري شروع ڪرڻي هئي پر ڪڻڪ جي خريداري ۾ دير سبب هاري پنهنجي پوکيل ڪڻڪ کي شهر جي روڊن تي وڪرو ڪرڻ تي مجبور ٿي ويا آهن. هاري تنظيمن سڀاڻي پنجاب اسيمبلي جي ٻاهران احتجاج جو سڏ ڏنو آهي. ان حوالي سان هاري اتحاد جي چيئرمين حسيب انور مطالبو ڪندي چيو ته حڪومت پنهنجي مقرر ڪيل امدادي قيمت تي ڪڻڪ جي خريداري يقيني بنائي. هن چيو ته انهي مطالبي سان گڏ 29 اپريل تي پنجاب اسيمبلي جي ٻاهران ڌرڻو هڻنداسين ۽ مطالبا پورا ٿيڻ تائين ڌرڻو جاري رهندو. ٻئي طرف سنڌ جي مختلف شهرن ۾پڻ آبادگار روڊن تي نڪري آيا، احتجاجي مظاهرا ڪري ڌرڻا هنيا ويا، ان موقعي تي ڪڻڪ خريداري نه ٿيڻ ۽ بارداڻو نه ملڻ جون دانهون ڪيون ويون. ڪنڊيارو ۾ سول سوسائٽي ۽ جي ڊي اي پاران آبادگارن کي بارداڻو نه  ملڻ خلاف احتجاجي ريلي ڪڍي وئي، عيد گاهه روڊ کان اسٽار چوڪ تائين ريلي ڪڍي ڌرڻو هنيو ويو، سکر ۾ به سول سوسائٽي ۽ آبادگارن جو بارداڻو نه ملڻ خلاف احتجاج، ڪندي ملٽري روڊ کان گلوب چوڪ تائين ريلي ڪڍي وئي، سڪرنڊ ۾ ڪڻڪ جي خريداري مرڪز آڏو آبادگارن جو 7 ڏينهن کان ڌرڻو جاري رکيو ويو، مظاهرين جو چوڻ آهي ته خريداري مرڪز قائم ٿيڻ باوجود بارداڻو نه پيو ڏنو وڃي، خريداري ۾ دير سبب ڪڻڪ برساتن دوران خراب ٿيڻ جو خدشو آهي، مورو ۽ غوثپور ۾ به آبادگارن بارداڻو نه ملڻ خلاف احتجاج ڪيو

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وزيراعظم شهباز شريف سعودي عرب روانگي کان اڳ هارين لاءِ اهم هدايت ڪري ڇڏي آھي. وزيراعظم شهباز شريف ڪڻڪ جي خريداري نه ٿيڻ واري مامري جو سخت نوٽيس ۽ هارين جي شڪايتن تي فوري ايڪشن کڻندي  وفاقي حڪومت کي هارين کان ڪڻڪ جي فوري خريداري جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. وزيراعظم وفاقي حڪومت پاران ڪڻڪ جي خريداري جو هدف 14 لک  ميٽرڪ ٽن وڌائي 18  لک ميٽرڪ ٽن ڪري ڇڏيو آھي. وزيراعظم پاران پاسڪو کي ڪڻڪ جي خريداري جو هدف وڌائڻ ۽ فوري خريداري کي يقيني بڻائڻ جا حڪم جاري ڪيا ويا. وزيراعظم پاسڪو کي هدايت ڪئي ته ڪڻڪ جي خريداري ۾ شفافيت ۽ هارين جي سهولت کي اوليت ڏني وڃي. وزيراعظم شهباز شريف اهو قدم هارين کي ڪڻڪ جي خريداري ۾ پيش ايندڙ مشڪلاتن کي نظر ۾ رکندي ورتو آهي