ڪنڌڪوٽ واسي نينگر اياز پٺاڻ ڌاڙيلن جي چنبي مان بازياب

0
51

ڪنڌڪوٽ ۾ هڪ مهينو اڳ اغوا ٿيل نينگر ڪچي مان بازياب، پوليس پاران 5 سالن جي اياز پٺاڻ کي ڪچي جي علائقي گيهلپور مان بازياب ڪرائڻ جي دعويٰ، ڌاڙيلن گذريل ڏينهن نينگر کي زنجيرن سان ٽنگڻ جي وڊيو وائرل ڪئي هئي، ذريعن جي دعويٰ آهي ته نينگر اياز کي راڄوڻي وسيلي ڀُنگ ڀري بازياب ڪرايو ويو، وارثن جو چوڻ آهي ته نينگر جي بازيابي تي تمام گهڻي خوشي ٿي آهي، پوليس ۽ ميڊيا جا ٿورائتا آهيون