نواب ولي محمد ۾ ڀنڊ ڌُر جي 5 ڄڻن جي قتل ۾ زرداري ڌُر ڏوهاري قرار

0
53
نواب ولي محمد ۾ ڀنڊ ڌُر جي 5 ڄڻن جي قتل ۾ زرداري ڌُر ڏوهاري قرار
نواب ولي محمد ۾ ڀنڊ ڌُر جي 5 ڄڻن جي قتل ۾ زرداري ڌُر ڏوهاري قرار

نواب ولي محمد ۾ ڀنڊ ڌُر جي 5 ڄڻن جي قتل ۾ زرداري ڌُر ڏوهاري قرار، سيد زين شاهه جي سرپئنچي ۾ جرڳي دوران زرداري ڌُر تي مجموعي طور 6 ڪروڙ کان وڌيڪ ڏنڊ مقرر

جرڳي ۾ في خون جي بها 70 لک روپيا مقرر ڪئي وئي، 5 خونن جي بها ساڍا 3 ڪروڙ مقرر، زرداري ڌُر تي 12 زخمين جو ڏنڊ هڪ ڪروڙ 2 لک روپيا لڳايو ويو

جرڳي ۾ ڌُرين جا موقف ٻڌڻ بعد سرپنچ سيد زين شاهه فتويٰ ڏيندي چيو ته زرداري ڌُر هڪ ڪروڙ روپيا ڪيسز جي خرچ ۽ ٻيو نقصان جو 20 لک ڏنڊ جي مد ۾ متاثر ڌُر کي ڏيندي

ڌُريون هڪٻئي خلاف ڪيس ختم ڪنديون، اڍائي سال اڳ 390 ايڪڙ زرعي زمين جي تڪرار تان فائرنگ ۾ ڀنڊ برادري جا 5 ڳوٺاڻا مارجي ويا هئا ۽ 12 ڄڻا زخمي ٿي پيا هئا