ھڪ جپسي ڪالم … تون نه ايندين ته ياد پيو ايندين

0
34
ھڪ جپسي ڪالم ... تون نه ايندين ته ياد پيو ايندين

 جنھن شھر کي سڀ پير صاحب پاڳاري جي خانوادي جي ڪري “پير جو ڳوٺ” چون، مان ان کي پرينءَ جو ڳوٺ چوندو آھيان. شھر جي اتر پاسي ھڪ سوڙھي گھٽيءَ جي مُهڙَ ۾ ھڪ مندر آھي، ان جي ئي ڀِڪَ ۾ ڪچي گاري ۽ اوڏڪي طرز جي ٺھيل ھڪ گھر ۾ منهنجي زندگيءَ جي اھا عجيب ھستي پنھنجي مختصر فئمليءَ سان گڏ رھندي ھئي. ڀِڪ ۾ ئي مسلمانن جي غفاري فرقي جي ھڪ مسجد ھوندي ھئي، جنهن ۾ صبح جي نماز پڙھڻ بعد غفاري مسلڪ وارا درويشَ  “ھُو .. ھُو” جي گونجار سان لُڏي لُڏي مراقبو ڪندا ھئا ۽ وچ ۾ رکي رکي “الله” جي دانهن ڪري ڪونه ڪو غفاري اوچتو بيھوش ٿي ويندو ھو. اسان جي محبوب دوست معصوم سنديلي جي بابا سائين حبيب الله سنديلي سان به اتي ئي ھڪ ڏينھن صبح جي نماز پڙھڻ بعد منهنجي ملاقات ٿي هئي ۽ پوءِ اسان ٻئي همنامَ پوري زندگيءَ لاءِ ھڪ ٻئي جا ئي ڄڻ ٿي ويا ھئاسين. هُو جوانيءَ ۾ ڏاڍو سهڻو ۽ ڪلين شيو هوندو هو، پر ھُو ھزار ڪوششن باوجود مون کي غفاري ڪونه بڻائي سگھيو ھو. ان ئي ماحول ۾ هڪ ننڍڙي قد جي اھا ھستي پروان چڙھي جوان ٿي ھئي ۽ سنڌيءَ ۾ شاعري رچڻ لڳي ھئي. ڀڪ ۾ ئي پيرڳوٺ جي ادبي قافلي جي ھڪ نمايان ۽ نيشانبر قاضي فئملي رھندي ھئي، جنھن جي سربراھ سائين لطف الله قاضيءَ سان منھنجي جُٽ ياري ھوندي ھئي ۽ جنھن جو پٽ سرويچ سنڌي اڄ سنڌي موسيقيءَ جو ھڪ لائوڊ ۽ سهڻو نالو آھي. پيرڳوٺ تي ھڪ پورو ۽ ڀرپور ناول منھنجي سوچن ۾ سرجيل رکيو آھي، بس ان کي پني تي اتارڻ جو وقت ڪونه ٿو ملي. مان ڳوٺان جيئن ئي پرينءَ جي ڳوٺ ۾ داخل ٿيندو ھيس ته  پير صاحب پاڳاري جي درگاھ جي مئن گيٽ جي ڀڪ ۾ دوڪانن جي پهرين قطار ۾ جيڪو پھريون دڪان ھوندو ھو، ان جي پيشانيءَ تي وڏن اکرن سان سليٽ تي هڪ جملو لکيل ھوندو ھو: “ڪشمير جي آزاديءَ تائين … اوڌر بند آھي”. اھا شاپ مرحوم سائين مسڪين راشديءَ جي ھوندي ھئي، جيڪو اسان جي جُٽ يار ۽ تعليمدان احسان راشديءَ جو بابا هو. احسان ان مھل سالار محلي ۾ ھڪ پرائيويٽ اسڪول ھلائيندو ھو ۽ اسان سڄي سنگت جي ڄڻ ته جان ھو. سائين مسڪين راشدي ڀاري ڀرڪم ڊيل ڊول سان ڪائونٽر تي ويٺل نظر ايندا ھئا، عام طور تي انھن جي ھٿن ۾ ڪونه ڪو ڪتاب کليل نظر ايندو ھو. گراھڪن کان فارغ ٿي ھُو ان ڪتاب ۾ ھر ھر ٻُڏي ويندا ھئا.  90ع واري ڏهاڪي جي شروعاتي سالن ۾، ڳوٺان اچي مان جڏھن به اتان گذرندو ھيس، سائين مسڪين کي ضرور وِش ڪندو ھيس ۽ ھُو به اسان سيکڙاٽن کي ڏاڍو پيار ڏيندا ھئا ۽ ھر دفعي ڪو نه ڪو نئون غزل ٻڌائي اسان جي حواسن کي تر و تازه ڪري ڇڏيندا ھئا. انھن ۾ زوريءَ پنھنجي شاعري ٻڌائڻ جي عادت بلڪل به نه ھئي، جيڪا اتان جي مقامي شاعرن ۾ جام ڏسبي ھئي. پيرڳوٺ جو ھڪ تمام وڏو شاعر ھو، هن کي پنھنجي شاعري ٻڌائڻ جو ايترو ته جنون ھوندو ھو، جو منهنجي ٻانھن جھلي هُو مون کي ويھاريندو ھو ۽ ان بعد جو پنھنجي شاعريءَ جي بمباري شروع ڪري ڏيندو ھو جو مان اڌ بيھوش اتان اٿندو ھيس. ان بعد، اگر ڪڏھن اھو شاعر شھر ۾ ڪٿي نظر ايندو به ھو ته اسان پٽا ڏيئي ڀڄي ويندا ھئاسين. سائين مسڪين ان حوالي سان ھڪ ٿڌڙا ۽ حساس انسان ھئا ۽ اسان جي ڪئپيسٽيءَ مطابق اسان کي شاعري ٻڌائيندا ھئا ۽ ان ڪري اسان نوجوان بار بار سائين مسڪين سان ملڻ چاھيندا ھئاسين.

سائين مسڪين راشدي پنھنجي زندگيءَ ۾ پنھنجو ڪوبه ڪتاب نه آڻي سگھيا ھئا. اصل ۾ ھُو ھڪ فقير منش ھئا، جنھن جي زندگيءَ جو سڀ کان وڏو مقصد پنھنجي ٻچڙن کي سٺي نموني پڙھائڻ ۽ انهن جون ضروري گھرجون ۽ ضرورتون پوريون ڪرڻ ھو. ھُو ٻين پيرن وانگر ڪڏھن به نمائشي طبيعت جا نه ھئا، چپ چاپ پنھنجي حلقي ۾ جيون گھارڻ وارا انسان ھئا. اھوئي ساڳيو عڪس ھن جي پٽ احسان شاھ ۾ به نظر ايندو آھي. اھو ئي ڌيمو لھجو ۽ اھوئي غور سان ڳالھ ٻڌڻ جي عادت.

احسان شاھ جي جيئن ئي معاشي پوزيشن ٺيڪ ٿي ته ھن ھڪ فرمانبردار ۽ لائق پُٽَ طور پنھنجي بابا جو اھو ورثو ڇپرائڻ جو فيصلو ڪيو، جيڪو سندس بابا پوري زندگي ڇپرائي نه سگھيو ھو. ان سلسلي ۾ ھي پھريون ڪتاب “لُڙڪ مسڪين جا” اڄ اسان جي ھٿڙن ۾ سونهي رهيو آھي ۽ اھو ڪتاب کوليندي مان ڄڻ ته پرينءَ جي ڳوٺ ۾ رھڻ وارن ڏھاڙن جي ناسٽلجيا ۾ ويڙھجي وڃان ٿو.

ڪتاب جي مُھڙَ ۾ ئي پنھنجي پاران واري صفحي تي سائين مسڪين لکن ٿا ته، “پھريون مسڪين راشدي به منھنجو پڙڏاڏو حضرت سيد حزب الله شاھ راشدي (ٽيون پاڳارو) تخت ڌڻي پڻ صاحبِ ديوان شاعر ھئا، سندس ديوان “ديوان مسڪين” فارسي زبان ۾ ڇپيل ۽ موجود آھي. ٻيو مسڪين راشدي، جنھن جو ڪتاب ھن مھل اوھان جي ھٿن ۾ آھي، اھو آئون آھيان”.

بيحد اھا ڀلاري ساعت سعيد ٿيندي،

مائل جڏھن ڪرمَ تي دلبر جي ديدَ ٿيندي

خيرپور جي ئي ھڪ ٻئي گوھر طبيعت شاعر مرحوم اميد خيرپوريءَ، جنھن سان منھنجون ڪجھ ملاقاتون ايس پي آفيس خيرپور جي سامھون ٿيون هيون، جتي پوليس کاتي مان رٽائرمينٽ بعد فرش تي تڏو وڇائي، مرحوم سائين اميد خيرپوري مظلوم ماڻھن کي پوليس ڪمانيءَ جي حضور ۾ درخواستون لکي ڏيندو ھو ۽ ايئن پنھنجن ٻچڙن جو پيٽ گذران ڪندو ھو، اميد سائين مسڪين راشديءَ لاءِ لکي ويا آھن ته، “مسڪين جي شاعري مطالعي ۽ مشاھدي جو زندھ ثبوت آھي، وڏيرن جي ڏاڍ ڏمر جا نقاب لاھيندو رھيو آھي، مسڪين ماروئڙن ٿرن برن، ڀٽن ڀاڻن جون ڳالھيون ٻڌائي آٿتَ ڏيندو رھيو آھي. شاعريءَ ۾ زيرِ اضافت جي استعمال کان پري رھيو آھي، جنھن مان مسڪين جي ڏاھپ جو پتو پوي ٿو. مسڪين پنھنجي ورھين جي ڪيل محنت ادب دوستن جي آڏو رکي آھي، مون کي يقين آھي ته مسڪين جو ضرور قدر ڪيو ويندو”.

کوڙ آھن دوست پنھنجي ديسَ ۾

تانگھ ٿي مَن کي رھي “مسڪين” جي

(اميد خيرپوري)

ايئن ئي اڳتي ھلي ھن ترَ جو ھڪ نمايان شاعر مرحوم سائين منير سولنگي مسڪين راشديءَ کي ھيٺين لفظن ۾ ڀيٽا ڏيندي نظر اچي ٿو: “مسڪين راشديءَ  جي شاعريءَ ۾ سنڌ ڌرتيءَ جي ڏکن ۽ سورن جي اپٽارَ ٿيل آھي، جيئن ته ھي شاعر سنڌ ڌرتيءَ جو ڄايو آھي، تنھن ڪري سندس شاعريءَ ۾ ھر جاءِ تي سنڌ جي مٽيءَ جي خوشبو ڦھلجندي ڀاسي ٿي. وطن دوستي، قوم پرستي، مذھب، جماليات ۽ رومان مسڪين راشديءَ جي شاعريءَ جا اهم موضوع آھن، جنھن جي شاعريءَ جون پاڙون سنڌ ڌرتيءَ جي وجود ۾ پختيون کُتل آھن، اھا شاعري ھر ديس واسيءَ جي دل جي ڌڙڪڻ بڻجي وڃي ٿي”.

ھيٺ سائين مسڪين راشديءَ جا حوالي طور تي چند شعرَ اوهان لاءِ رکان ٿو، جنھن مان اوهان پڙھندڙن کي پتو پوندو ته ھُو ڪھڙي پائي جو تخليقڪار ھو ۽ اھو به ته کيس اھا مڃتا ضرور ملڻ کپي، جنھن جو ھُو مسڪين طبيعت ماڻھو پوري زندگي گھرجائو رهيو ھو.

ٻارڻ ٻاري ڏس ته اچن ٿا،

تَوَ ڏي تاڻيندا پروانا.

ديوتائن جو دؤر گذري ويو،

ھاڻي انسان آ خدا کان پوءِ.

ڪونجَ، پپيھو، ڪوئل، مينا ٻولي ٻولَ،

تنھنجي ٻڌائون لات ته وڃي سڀ خير ٿيا.