سِنڌُو سَڀِيتا جي اوجَ ۽ زوالُ وارا ڏينهن … III … سنڌ جي جينياتي صورتحال

0
20
سِنڌُو سَڀِيتا جي اوجَ ۽ زوالُ وارا ڏينهن ... III ... سنڌ جي جينياتي صورتحال

 هڪ هزار سال قبلِ مسيح کان ڏسجي پيو ته سنڌو سڀيتا جي علائقن ڏانهن ٽولن جي صورت ۾ لڏ پلاڻ ٿي، وڏي پيماني تي ڪاهون ۽ حملا ٿيا، ان ڪري سنڌو سڀيتا جي نسلي يا جينياتي صورتحال ۾ تبديلي ٿي آهي ۽ جڏهن ٻاهران آيلن هتي شاديون به ڪيون ته آبادي پاڻ ۾ ملي وئي ۽ هڪ گڏيل ڏکڻ ايشيائي جينياتي شڪل اختيار ٿي وئي، جنهن ۾ ڪيترائي نسلي ڳانڍاپا گڏجي ويا، ان حوالي سان Ahloowalia, B. S جو 2009ع ۾ ڇپيل ڪتاب Invasion of the Genes: Genetic Heritage of India  گهڻ نسلي ۽ جينياتي معاملن جا تفصيل ڏئي ٿو پر راکي ڳڙهي واري ڊي اين اي رپورٽ بعد آرين بابت آڳاٽي ٿيوري کانسواءِ پوءِ واري دورن بعد سندس ڳالهه اهم آهي. جيڪڏهن هن وقت جي پاڪستان وارين سرحدن اندر سنڌو سڀيتا جي علائقن جي جينيٽڪ ۽ آرڪيالاجي جي رپورٽن کي ڏسون ٿا ته اها ڳالهه ظاهر ٿئي ٿي ته جن کي وچ ايشيا ۽ اوڀر يورپ جي آريائي لوڪ چيو ويو، انهن جا جينياتي طور لاڳاپا نه هئڻ برابر آهن، ڪي پي هجي يا سنڌ انهن جي جينياتي رپورٽن مان معلوم ٿئي ٿو ته هتي عيسوي سالن دوران انڊيجينس سان گڏ وچ اوڀر ۽ اولهه يورپ سان لاڳاپيل ماڻهن جون ڪي جينياتي هڪجهڙايون ملن ٿيون. باقي گهڻي ڀاڱي ڏکڻ ايشيائي نسلي سڃاڻپ وڌيڪ بيهي ٿي. سنڌو سڀيتا جي پاڪستان وارن علائقن بابت جيڪي جينياتي رپورٽون آهن، انهن موجب هتي مُک يارنهن نسلي گروپ آهن، جڏهن ته ننڍا ننڍا گروپ پڻ چڱا چوکا آهن، جيڪي هزارين سالن کان موجود آهن. باقي جيڪڏهن مجموعي آبادي ۾ ڊيموگرافي جي بنياد تي ڏسبو ته مختلف وقتن جي جنگين، لڏپلاڻ، روزگار يا ٻين سببن طور ايندڙ نسلي گروپ به مختلف علائقن ۾ رهندڙ آهن. ڊيموگرافيڪل صورتحال ۾ تبديلي گهڻي ڀاڱي جنگين ۽ حملن سبب آئي آهي. مثال: سنڌ جي تاريخ ئي ڏسبي ته هتي فارس يعني ايراني، مصري، يونانين، ترڪن، منگولن، عربن، غورين، پورچوگيزن، ڊچ، ارغونن، ترخانن، مغلن، انگريزن وغيره قومن جون ڪاهون ملنديون ۽ ڪاهون ڪندڙن جي فوجن ۾ به مختلف نسلن جا ماڻهو سپاهين طور رهيا آهن، ڏکڻ هندستان مان به اتان جي سلطنتن سنڌ تي ڪاهون ڪيون يا لڏپلاڻ ٿي ته ان سان به سنڌ جي ڊيموگرافي متاثر ٿيندي رهي. هونئن ته جيڪي به جينيٽڪ سائنس توڙي بايولاجيڪل رپورٽون اچن ٿيون، انهن ۾ سمورو خطو انڊيا ڄاڻائي تجزيو ڏنو وڃي ٿو پر سنڌو سڀيتا جو ذڪر ڪندي ان کي اتر هندستان وارا علائقا چيو وڃي ٿو. 20 فيبروريءَ تي bioRxiv جي ويب سائيٽ جي لنڪ https://www.biorxiv.org/content/10.1101/2024.02.15.580575v2 تي پوسٽ ڪيل هڪ اهم رپورٽ 50,000 years of Evolutionary History of India: Insights from ∼2,700 Whole Genome Sequences تيار ڪئي وئي آهي، جنهن کي ترتيب ڏيندڙ بايولاجي جينيٽڪ سائنس جا ماهر سائنسدان آهن، انهن موجب به نئين ڊي اين اي رپورٽن تحت سنڌو سڀيتا جي نسلي گروپن ۾ وچ ايشيا جا ماڻهو سڀيتا جي اوج توڙي زوال وارن ڏينهن کان گهڻو پوءِ ايندي نظر اچن ٿا. ان حوالي سان جيڪڏهن 30 نومبر 2022ع تي BMC Genomics جي لنڪ https://bmcgenomics.biomedcentral.com/articles/10.1186/s12864-022-09028-z تي آيل رپورٽ Genetic diversity and forensic application of Y-filer STRs in four major ethnic groups of Pakistan ڏسون ٿا ته اهي پنجابي، سنڌي، بلوچي ۽ پٺاڻ قومن جي هاڻوڪن ڏينهن دوران ڊي اين اي جا نمونا ورتا ۽ انهن ۾ وڌ ۾ وڌ سنڌين جا 135 ڄڻن مان نمونا ورتا ويا ۽ ان مان نتيجا ڪڍيا ويا آهن، انهن موجب:

The results had shown us that Pakistani populations do not have a unique set of genes but share the genetic affinity with regional (Central Asia and Northern India) populations.

مون اڳ ۾ ئي چيو ته اتر انڊيا جو اڪثر حصو سنڌو سڀيتا وارو رهيو آهي ۽ ان جي آڳاٽي سڀيتا جي اوج ۽ زوال وارن ڏينهن جي ڊي اين اي هتان جي يا وري آڳاٽي ايران ۽ ترڪمنستان وغيره سان ملندڙ آهي. اهو سلسلو ٽُٽو ناهي ۽ بعد ۾ وچ ايشيا جي اچ وڃ ۽ ڪاهن جي ڪري نسلي آبادي گڏجي وئي آهي. هاڻوڪي نسلي يا جينياتي نتيجن مان هڪ ڳالهه هي سامهون آئي آهي ته:

These low gene diversity (heterozygosity) values showed that these populations are endogamous and this observation is equally supported by the results of forensic parameters which are mostly static across 4 combinations of STRs in these four populations.

اها آبادي گهڻي ڀاڱي قبيلن (يا ذات برادريءَ) ۾ شادي ڪندڙ آهي ۽ اها صورتحال چئني قومن ۾ موجود آهي. ان رپورٽ آڌار پشتون قبيلا هڪ ٻئي کان ڌار ڌار آهن ۽ انهن جا ٻين قومن سان شادين وارا يا جنهن کي رت جا رشتا چئجن، سي نه هئڻ برابر آهن. سنڌي، بلوچن ۽ سرائيڪي علائقي جي ماڻهن سان گهڻو لاڳاپو رکن ٿا. جڏهن ته پشتون جي ڀيٽ ۾ بلوچ قبيلن جا پاڻ ۾ شادين توڙي رت جا رجحان ملندڙ آهن. مون هتي رت جو استعمال سولائي سان سمجهڻ لاءِ اصطلاحي طور ڪيو آهي، ڇو ته رپورٽن ۾ جينيٽڪ فارمولا تحت ڏنل آهي. انهن جينيٽڪ رپورٽن آڌار پاڪستان ۾ رهندڙ چئن مُک قومن جي هن وقت ڳالهائي ويندڙ ٻولي بابت ان رپورٽ ۾ هي نتيجا آيل آهن:

 Based on Y chromosomal analysis, Pakistani languages such as Balochi, Punjabi, Pushto, and Sindhi are from the Indo-Iranian branch of the Indo-European language family

تجزيا نگارن ۽ جينياتي ماهرن هن رپورٽ جي نتيجي ۾ ان ڳالهه جو به اظهار ڪيو آهي ته سنڌ سميت هتان جي نسلي گروپن جي جينياتي جوڙجڪ گهڻي منجهائيندڙ ۽ وڌيڪ تحقيق طلب آهي. ظاهر آهي ان جو سبب سنڌ طرف لڳ ڀڳ هر طرف کان انساني آمد آهي، جيڪا هتان جي اينٿراپالاجي ۽ ڊيموگرافي سميت نسلي واڌ ويجهه کي اثر ڪندي رهي ٿي. پر مجموعي طور سنڌو سڀيتا جي اوائلي ڏينهن بابت انساني آبادي لاءِ قائم ڪيل ٿيوريز کي سائنس بدلائي رهي آهي ۽ ان بنياد تي جيڪي چار سوال پيدا ٿيل آهن، جن کي منڍ ۾ ڏنو ويو آهي، انهن مان ٻن کي ته سائنس لڳ ڀڳ حل ڪري رهي آهي ته سنڌ ۽ هند جي ڌرتي تي ايندڙ ماڻهن جي جينياتي تاريخ ڪيئن آهي ۽ اهي ڪٿان آيا؟ ان سان هاڻي سنسڪرت وارو سوال به ٻولي ماهر حل ڪندا ته اها انڊو يورپين آهي يا ٻي ڪا شئي آهي، ڇو ته ان جو بنياد سڀيتا جي اوج جي پوئين حصي ۾ آريائي ٿيوري سان جوڙيل رهيو آهي، جيڪا هاڻ هوريان هوريان نئين ٿيوري ۾ تبديل ٿيندي نظر پئي اچي، جنهن کي سائنس هڪ افسانو بڻائي ڇڏيو آهي پر ممڪن آهي ته سائنس اڃان ٻيا راز کولي وجهي ۽ پنهنجي ان تحقيق کي وڌائي يا رد ڪري ڇڏي. پر ايڏي وڏي سڀيتا جي اوچتي خاتمي ۽ انڊس اسڪرپٽ جي پڙهڻي وارا سوال اڃان حل طلب آهن، ٿي سگهي ٿو اهي به آريا ٿيوري ۾ ايندڙ تبديلي سان حل ٿي وڃن، ڇو ته اڳ واري تحقيق جو رڳو اهو ئي اثر انداز ٿيندڙ رخ هو، پر هاڻ نئون رخ به سامهون آيو آهي. اهو به ممڪن آهي ته ان کي چئلينج ڪيو وڃي، ان سان به ڪي نوان رخ سامهون ايندا.

نوٽ: مختلف رپورٽون مختلف ادارن جي سائنسدانن جون آهن، جڏهن ته راکي ڳڙهي واري رپورٽ 92 سائنسدانن ۽ آرڪيالاجسٽس جي آهي، جيڪي ڊپارٽمنٽ آف جينيٽڪ هارورڊ ميڊيڪل اسڪول بوسٽن آمريڪا، آرڪيالاجي ڊپارٽمنٽ دڪن ڪاليج انڊيا، هاورڊ هيوز ميڊيڪل انسٽيٽيوٽ بوسٽن آمريڪا، بيربل ساهني انسٽيٽيوٽ آف پيليو سائسز لکنئو انڊيا، ڊپارٽمنٽ آف هيومن ايووليشنري بائيولاجي هارورڊ يونيورسٽي آمريڪا ۽ ٻين ادارن سان تعلق رکن ٿا. مک آرڪيالاجسٽس ۽ سائنسدانن ۾ ڊاڪٽر وسنت شندي، ڊيوڊ ريخ، واگيش ايم ناراسمهن، نادن روهلينڊ، ميٿيو ماه، مارڪ لپسن، اين ميري، نڪ پيٽرسن، نراج راءِ شامل آهن. هن مضمون لاءِ منهنجي تجزين کانسواءِ ڪتابي ۽ تحقيقي مضمونن جا حوالا به آهن، جيڪي مون وٽ موجود آهن يا انٽرنيٽ تي پيل آهن. (پورو ٿيو)