ملڪ جو سياسي منظر نامو

0
19
ملڪ جو سياسي منظر نامو

 رئيسيءَ جو ناڪام دورو عوام جون اکيون کولڻ لاءِ ڪافي ھو. ايراني صدر جو دورو  شل عوام جي حق ۾ فائديمند ثابت ٿئي!  اھا عوام جي دعا ھئي. اھا دعا به اھڙيءَ ريت ئي رھي، جيئن فلسطين جي آزاديءَ جو خواب. جنھن جي تعبير لاءِ مسلمان سِڪي ويا آھن. ايراني صدر پاڪستان مان ڇا کڻي ويو، اھو الڳ معاملو آھي. يعني ٿي سگھي ٿو ته اھو دورو ايرانين لاءِ ڪامياب ٿئي، جيئن ھنن جو گذريل سال پاڪستان کي 944 ملين ڊالر جون شيون وڪڻڻ، ان جي مقابلي ۾ پاڪستان ان عرصي ۾ 155 ملين ڊالر جون شيون ايران کي ڏنيون. مطلب ته ايران پاڪستان جي ڀيٽ ۾ چٽيءَ ريت فائدي ۾ رھيو. ان دوري کي ڪامياب چئي سگھجي ھا، جيڪڏھن پاڪ- ايران گئس پائيپ لائين عمل ۾ اچي ھا پر آمريڪا پاڪستان کي ڌمڪي ڏئي سڌيءَ ريت پاڪستان کي روڪيو ۽ پاڪستان وفاداريءَ تي پڪو رھڻ جو ثبوت ڏيندي اھو به ثابت ڪيو ته رقص زنجير پائي به ڪري سگھجي ٿو. البت ھتي ڪا مزاحمتي تحريڪ موجود ناھي.

                 مامري ۾ ٿورڙو گھرو وڃجي ته 2022 ۾  جڏھن ليگي وزير اعظم آندو ويو، تڏھن ان کي جيڪي وڏا ڪم سونپيا ويا، انھن ۾ آءِ ايم ايف کان رڪيل قرض وٺڻ، نجڪاري ۽ تيل، بجلي، گئس سميت ھر اھا شئي مھانگي ڪرڻ، جنھن تي ھر ماڻھوءَ جي زندگي ۽ ڪاروبار جي وھڪري جو دارومدار آھي. انھن مان ھر ٽاسڪ پورو ڪيو ويو. ان ۾ جيڪڏھن ڪا گھٽتائي ٿي ته اھا رڳو انڪري ھئي ته ليگين سامھون عمران خان ھو، ان کي منھن ڏيڻ ھنن لاءِ رڪ جا چڻا چٻاڙڻ برابر ھو. ان ھوندي جو سمورين حالتن ۽ محرڪن کي ليگين جي حق ۾ ڪيو ويو، بعد ۾ عمران خان کي قيدي نمبر 804 بنائي ليگين کي چيو ويو ته ھاڻي اوھان جي راھ جو ھر ڪنڊو ھٽايو ويو آھي، سو اڳتي وڌو !پوءِ ليگين کي چونڊن وارو درياھ پار ڪرايو ويو پر اھو يقيني بنايو ويو ته وزير اعظم ھر صورت ۾ ليگين مان ھجي. ان فيصلي کي اکين تي رکي پ پ وارن چيو ته ايستائين مڃيوسين پر اسان جي حمايت بنا حڪومت نه ٺھي سگھندي. اھو ٻڌي سڀئي ليگي طنزيه مرڪ مرڪندا رھيا. سو طئه ھو ته ملڪ جو مرد اول ليگين مان  ھوندو ۽ انھن ۾ به جنھن شخص کي آزمائي ڪري اوليت ڏني وئي ھئي، ان جو نالو اچاريو ويندو آھي شھباز شريف.

ڪو شخص پنھنجي ڪردار ۾ شريف آھي يا نه، ان سان پاڪستانين جو واسطو نه ھوندو آھي. اڀ اکئين پئي ڏٺو، تڏھن به خفيه سرڪار پنھنجي پي رول تي صحافين کان اھي ڳالھيون ڪرايون ته، “نواز شريف کي وزيراعظم بنائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آھي”. نئين حڪومت آئي ته ان تيل، بجلي، گئس سميت ھر شئي جا اگھ وري وري وڌائي عوام جو جيئڻ جنجال ھڪ طرف ڪيو آھي ته پي آءِ اي سميت ڪيترن ئي ادارن جي نجڪاريءَ ۾ وکون ٻئي طرف وڌايون آھن. ان کان اڳ آءِ ايم ايف جا پير پڪڙيا اٿئون. آءِ ايم ايف 3 ارب کن ڊالر ڏيڻ لاءِ ڪنڌ مس لوڏيو ته وزير اعظم چيو ته اڃا وڌيڪ ڏيو، بلڪ 3 اھڙا پروگرام ٻيا به ڏيو !ھيئن کڻي چئجي ته آءِ ايم ايف کان قرض وٺڻ ۽ ان جي روپ ۾ آمريڪا کي آقا بنائڻ  ھاڻوڪي ڪابينا جي اوليت قرار ڏني وئي. بلڪ علي الاعلان چيو ويو ته، “آءِ ايم ايف جو ھر شرط مڃيون ٿا”. ھاڻي آمريڪا جو حڪم اکين تي رکي پاڪ- ايران گئس پائيپ لائين ۾ ھٿ نه وجھڻ جي پڪ ڏني وئي آھي. بيشڪ ته آمريڪا جي حڪم تي اھو ڪم به ڪرڻ ۾ پير پوئتي نه ڪندا. ڇو ته ھنن اھو ثابت ڪيو آھي ته ايران کان توانائيءَ جا سستا ذريعا حاصل ڪري عوام تان مھانگائيءَ جو بار گھٽ ڪرڻ بدران ھو ان جي ابتڙ ڪندي عوام تي اھي بار وڌائيندا رھندا.

واپارين 24 اپريل تي ھڪ موقعي تي وزيراعظم کان  مطالبو  ڪيو ته انڊيا سان واپار ڪيو وڃي. واپارين جي ان مطالبي کي اھميت ان ڪري ناھي ته ان مطالبي ۾ ڪا جان آھي. اھو رڳو ان ڪري اھم آھي جو اھو واپارين پاران آيو آھي. واپارين جي اھميت اھا آھي ته وڏا واپاري رياست ۾ اسٽيڪ ھولڊر آھن. ان ڪري حرف آخر جن جو ھوندو آھي انھن ۾ ھي به شامل آھن. ھي بيان ته، “اسان واپارين جي صلاح سان پاليسيون ٺاھينداسين”، ان ڳالھ ڏانھن اشارو آھي ته اھي اھم آھن. جيڪڏھن واقعي وزيراعظم انڊيا سان واپار ڏانھن وڌي ٿو ته ڏسون ته ھيل ڪھڙو ڪارگل ٿو برپا ٿئي! ۽ ايئن ٿيو ته پوءِ ته پڪ اھا ڪرسي به ٻيھر جلد ئي خالي ٿيندي. پر شھباز شريف فرمانبردار آھي ۽ سندس ذھن گھٽ ۾ گھٽ ايترو ڪم ضرور ڪري ٿو ته نافرمانيءَ ۾ وڏو جوکو آھي. شريفن وٽ سوچڻ جي سگهه گهٽ آهي. بحث ھلندي ڪنھن چيو جيڪڏھن ايئن آھي ته اھي ايڏي وڏي پارٽي ڪيئن ٿا ھلائين؟ ورندي ڏني وئي ته جن جي گنديءَ ۾ داڻا، تن جا چريا به سياڻا.

اصل اھو آھي ته ھتي سياڻپ ۽ سوچ کي ڌڪي ڌار ڪري برادريء کان ئي ٻاھر ڪيو ويو آھي. ۽ سياست جو ڪاروبار ھلائڻ وارن جي عام ماڻھن سان ڪا پنھنجائپ ڪٿي آھي؟ جيل ۾ عيش ڪرڻ، باندي ھوندي سڄي دنيا سان رابطو ڪري سگھڻ وارو ھجي يا اسٽيبلشمنٽ خلاف نمائندن جي ھڪ ايوان ۾ ڀنڊي ٻاري نالو ڪمائي سگھندڙ, مھانگائي ڪري عوام کان رڙيون ڪڍرائي خوش ٿيڻ وارن سميت، يعني آصف، خواجا آصف، عمران خان، اختر مينگل، ايمل ولي، اچڪزئي محمود، ابوالخير زبير، بلاول، بئريسٽر گوھر، بلوچ ڪرسي نشينن، ف ليگ وارن، فضل الرحمان سميت مذھبي سياست ڪندڙن سڀني کي ۽ سندن سياست کي ڏسي وڃو.

 ڪونھي ات ڪوھيار، جت تو ڀوري! ڀانئيو,

پنڌ مَ ڪر پھاڙ ڏي! وجود ئي وڻڪار.

عوام مان ڪي پنھنجي ووٽ جھڙي املهه شئي سرمائيدارن حوالي ڪن ٿا، ۽ پوء اميد ڪن ٿا ته اھي اسيمبلين ۾ عوام لاء ڳالھائيندا بل پاس ڪرائيندا پر اتي عوام لاء تہ ڪاريء وارا ڪک آھن. البت سرمائيدار اسلام آباد وڃي پنھنجو سرمايو ٻيڻو ٽيڻو چئوڻو پنجوڻو ڪن ٿا ۽ اھو سرمايو ھوندو حقيقت ۾ عوام جو آھي.

عوام جي نانءَ تي اپوزيشن وارا 5 مئي تي ڪراچي ۾ ۽ 10 مئي تي فيصل آباد ۾ جلسو اعلاني ويٺا آھن. ھنن جا مطالبا چٽا پٽا ناھن. البت سڀني کي خبر آھي ته اپوزيشن گرينڊ الائنس جي نالي ۾ اھي شهباز سرڪار جو سر کڻڻ ٿا چاھن.  ۽ خفيہ کان حاصلات ڪرڻ ٿا چاھن. عجيب آھي! نھايت عجيب غريب آھي تہ انھن ماڻھن مھانگائيء خلاف ڪجھ نه ڪيو آھي، فلسطينين لاء ھنن جا چپ سبيل آھن پر اھڙين چونڊن جي شفافيت تي مرن ٿا جن چونڊن جو مقصد ئي عوام سان دوکو ڪرڻ، مافيائن کي راضي ڪرڻ ۽ سامراجين کان آشيرواد حاصل ڪرڻ ھو. مطلب تہ عوام ۽ ان جي حقن سان تہ اپوزيشن وارن جو به ڪو سروڪار ناھي. اھا اپوزيشن نام نھاد آھي يا نه پر عوام ۽ ان جي عيوضين کي ته اھا بہ شھر بدر ڪيو ويٺي آھي. افلاطون چواڻي ھر شھر ۾ ٻہ برادريون ھونديون آھن، ھڪ اميرن جي ٻي غريبن جي. ٻين لفظن ۾ ٻہ ئي قوتون ھتي بہ ھڪٻئي سامھون آھن. وچ ۾ ڪجھ ناھي. جي وچ ۾ ھجڻ جي دعوا ڪن ٿا، سي زان پال سارتر کي ٻڌن، جو چوي ٿو: “آزادي ۽ جنگ ۾ اڻ ڌريا ماڻھو دراصل ظالم، جابر ۽ آمر سان گڏ ھوندا آھن. دنيا ۾ يا ظالم آھن يا وري مظلوم، وچ ۾ ڪجھ بہ ناھي”.