ڳالهه نڪتي ته پري تائين هلي ويندي!

0
29
ڳالهه نڪتي ته پري تائين هلي ويندي!

 ڊي جي آءِ ايس پي آر ميجر جنرل احمد شريف چوڌري جو چوڻ آهي ته 9 مئي پاڪستاني فوج جو مقدمو ناهي پر اهو پاڪستاني عوام جو مقدمو آهي. هن اهو پڻ چيو ته 9 مئي جي جوابدارن کي جلد کان جلد سزا ڏيڻي پوندي. سندس چوڻ هو ته 9 مئي جي جوابدارن کي جيڪڏهن سزا نه ڏني وئي ته ڪنهن جي جان ۽ مال محفوظ نه رهندا. هن اهو پڻ چيو ته فوج تي حملي آور ٿيندڙن سان ڳالهيون نه ٿينديون. انتشاري ٽولي لاءِ هڪ ئي رستو آهي ته اهو معافي گهري. نفرت جي سياست ڇڏي ۽ سياسي جماعتن سان ڳالهه ٻولهه ڪري. ڊي جي آءِ ايس پي آر اهو پڻ چوڻ هو ته ڳالهه ٻولهه سياسي جماعتن جي وچ ۾ ٿيندي آهي، فوج سان نه. هڪ سوال جي جواب ۾ هن جو چوڻ هو ته 9 مئي جي جاچ لاءِ جڊيشل ڪميشن جوڙڻي آهي ته پوءِ اها 1914ع جي ڌرڻي جي به جاچ ڪري. سندس چوڻ هو ته هڪ مخصوص پارٽي کي 1.8 ڪروڙ ووٽ پيا، جيڪو مجموعي آباديءَ جو 7 سيڪڙو ٿئي ٿو. فوج جي ترجمان غالبن اهو مد نظر نه رکيو ته 1.8 ڪروڙ ووٽ، ڪل پيل ووٽن مان تحريڪ انصاف حاصل ڪيا آهن. ملڪ جي مجموعي آبادي 25 ڪروڙ کان وڌيڪ آهي، جڏهن ته ملڪ ۾ رجسٽرڊ ووٽرن جو تعداد 13 ڪروڙن کان وڌيڪ آهي. ان ريت سندس 7 سيڪڙي وارو حساب درست ناهي.

جيتري قدر جڊيشل ڪميشن جي جوڙجڪ واري سوال تي ان جي جواب جو تعلق آهي ته ان کي پڻ نرم کان نرم لفطن ۾ غير حقيقت پسنداڻو ئي چيو ويندو. سنئون سڌو سبب اهو آهي ته 2014ع ۾ ڊي چوڪ تي هنيل ڌرڻو ‘مئنيج’ ٿيل ڌرڻو هو. اهو ڌرڻو هڪ چونڊيل حڪومت خلاف رياستي ايجنسين جي محنتن جو ثمر هو. ان ڌرڻي جي ڪري پاڪ- چين لاڳاپا متاثر ٿيا. تڏهن به تجزيه نگارن جي راءِ اها هئي ته اهو ڌرڻو پاڪ- چين سي پيڪ منصوبي خلاف ملڪ ۾ موجود آمريڪي لابي جي ڪارستاني هئي. آمريڪي لابي جي ڪردارن جي حوالي سان جن شخصيتن تي آڱريون کنيون ويون، ڇا بري فوج، ڪا جڊيشل ڪميشن ٺهڻ ۽ ڊي جي آءِ ايس پي آر جي ان خواهش ته، جاچ جي شروعات 2014ع جي ڌرڻي کان ٿئي، انهن ڪردارن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ لاءِ تعاون ڪندي؟

اهڙي ريت 2018ع جي چونڊن کان اڳ رياستي سرپرستي ۾ وڏين سياسي جماعتن ۾ ڪيل ڀڃ ڊاهه ۽ بااثر سياسي شخصيتن کي پي ٽي آءِ ۾ شامل ٿيڻ لاءِ مجبور ڪرڻ سان گڏ چونڊ عمل ۾ کليل نموني مداخلت ڪري مرضيءَ جا نتيجا حاصل ڪرڻ جو معاملو به جڊيشل ڪميشن جي سامهون اچي ٿو ته ڇا ان مداخلت جا رياستي ڪردار به ڪميشن جي سامهون پيش ڪيا ويندا؟ انهن سوالن جا جواب سمجهڻ لاءِ پرويز مشرف واري معاملي کي سامهون رکڻو پوندو. ان اڳوڻي فوجي آمر خلاف قائم ٿيل مقدمي تي تبصرو ڪندي فوجي ترجمان ئي اهو چيو هو ته اڳوڻي آرمي چيف جي خلاف ڪيس هلائڻ سان جوانن جو مورال گهٽ ٿيندو. جيڪڏهن ڊي جي آءِ ايس پي آر جي ڳالهه مڃي هڪ اهڙي ڪميشن جوڙيو وڃي، جيڪا جاچ جي شروعات 2014ع کان ڪري ته ان صورت ۾ ٻن اڳوڻن فوجي سربراهن سان گڏ ڳجهين ايجنسين جي گهٽ ۾ گهٽ پنجن سربراهن کي ڪميشن سامهون پيش ٿي جواب ڏيڻو پوندو. انتهائي احترام سان اهو عرض ڪرڻ ضروري آهي ته جيڪڏهن ڪميشن ٺهي ۽ جاچ جي شروعات 2014ع جي ڌرڻي کان ٿئي ته پوءِ وڌيڪ بهتر ٿيندو ته جاچ جو دائرو ڏيڍ ٻه ڏهاڪا پوئتي کڻي وڃجي ۽ اهو ڏسجي ته تحريڪ انصاف کان اڳ رياست جيڪي تجربا ڪيا، انهن جا نتيجا ڪهڙا نڪتا؟ اسان جي راءِ موجب لفظن جي تڪرار ۽ جذباتي جملن کان وڌيڪ اهم اها ڳالهه آهي ته پاڪستاني آئين ۾ فرد ۽ اداري لاءِ جيڪا حد مقرر ڪيل آهي، سڀ ان حد ۾ رهي معاملن کي اڳتي وڌائين.

ڊي جي آءِ ايس پي آر جي پريس ڪانفرنس تي اڳوڻي حڪمران جماعت پاڪستان تحريڪ انصاف جو جارحاڻو رد عمل اچرج جوڳو ناهي، پي ٽي آءِ جي اوسر ئي ان جارحاڻي طرز عمل تي آڌاريل رهي آهي. سياسي جماعتن خلاف مبينا پاڪبازن جو هجوم گڏ ڪري جيڪو ماحول جوڙيو ويو، اڄ اهو پنهنجي خالقن لاءِ عذاب بڻجي چڪو آهي. ان سڄي معاملي ۾ نقصان آئين جي حڪمراني، جمهوريت، سماجي اخلاقيات ۽ عوامي يڪجهتي جو ٿيو.

9 مئي 2023ع تي جيڪو ڪجهه ٿيو، ان تي سڀني کي افسوس آهي پر اها پڻ حقيقت آهي ته رياست جي هر تجربي جو نتيجو 9 مئي جي صورت ۾ ئي برآمد ٿيندو آيو آهي. هاڻي چيو پيو وڃي ته فوج تي حملو ڪندڙن سان ڳالهه ٻولهه نه ٿيندي پر ماضيءَ ۾ ته انهن ماڻهن سان به ڪابل ۾ وڃي ڳالهيون ڪيون ويو، جن مجموعي طور تي 85 هزار پاڪستانين کي پنهنجي درندگيءَ جو بک بڻايو هو. ٻنان ڪنهن هٻڪ جي اهو عرض ڪري سگهجي ٿو ته عوام ۽  محڪمن ۽ ادارن ۾ ويڇا ۽ وڇوٽيون تمام گهريون آهن ۽ ان جو سادو مثال ڪجهه مقدمن ۾ ٻن ٻن سالن کان هلندڙ عبوري ضمانتون آهن. اهو چوڻ غلط نه هوندو ته اڄ نه ته سڀاڻي معاملن کي سياسي انداز ۾ ئي سلجهائڻو پوندو. اهو صحيح آهي ته اڳوڻو وزيراعظم عمران خان تواتر سان اهو چوندو پيو اچي ته ڳالهيون صرف آرمي چيف سان ٿينديون. دلچسپ ڳالهه اها آهي ته هو ۽ سندس ساٿي جن سان مذاڪرات ڪرڻ چاهين ٿا، اهي ان تي ئي اٿندي ويهندي پنهنجو مينڊيٽ کسڻ جو الزام پڻ مڙهين ٿا.

ڊي جي آءِ ايس پي آر جو اهو چوڻ درست آهي ته ڳالهيون سياسي جماعتن سان ٿينديون آهن، فوج سان نه پر کيس اها ڳالهه به نظر ۾ رکڻي پوندي ته پي ٽي آءِ جي نشاته ثانيه، اوڀڙ ۽ اوسر رياست جي سرپرستي ۾ ٿي ۽ ماضيءَ ۾ اهو تسليم ڪيو ويو ته، “اسان پنهنجي سياسي جماعت جي جوڙجڪ چاهيون ٿا”. بهرحال اها حقيقت آهي ته سياسي ۽ معاشي بحران ۽ گهري ٿيندڙ سماجي ورڇ ۽ ڦيٽاڙي جا نتيجا سڀني کي ڀوڳڻا پوندا، ڇو ته سڌاري لاءِ ڪوبه سنجيده ناهي، في الحال ته اهو ئي چئي سگهجي ٿو ته، “بات نڪلي تو ‘دور’ تلڪ جائيگي”.