گُڊ ڌاڙيل، بيڊ ڌاڙيل ۽ ڪچي جي اسٽاڪ ايڪسچينج

0
65
گُڊ ڌاڙيل، بيڊ ڌاڙيل ۽ ڪچي جي اسٽاڪ ايڪسچينج

 ڪجهه ڏينهن اڳ سکر ۾ سنڌ جي وڏي وزير باقاعدي طور مڃيو ته ڪچي واري علائقي ۾ ڪلپر بگٽي ۽ شر قبيلي وچ ۾ هلندڙ ويڙهاند سنڌ حڪومت جي رضامنديءَ سان ٿي رهي آهي ۽ ان ۾ پنجاب پوليس جي سرپرستي سندن ئي حڪمت عمليءَ جو حصو آهي. ڪجهه ڏينهن کان سوشل ميڊيا تي ان جنگي صورتحال بابت گهڻو ڪجهه اچي رهيو هو پر ان جي تصديق نه پئي ٿي، جيڪا وڏي وزير پاڻ ئي ڪري ڇڏي. سنڌ حڪومت جي انتظامي سربراهه پاڻ مڃيو ته کانئن ڌاڙيل ڪنٽرول نه پئي ٿيا، تنهنڪري هن پنهنجي صوبي اندر پاڙيسري صوبي جي پوليس ۽ هڪ قبائلي لشڪر کي ڌاڙيلن کي چٿڻ جي اجازت ڏني آهي. ٻين لفظن ۾ ته صوبائي حڪومت ڌاڙيلن اڳيان پنهنجي ڪمزور هجڻ جو اعتراف ڪندي، غير قانوني قبائلي مليشيا کي اها ذميواري سونپي. معنيٰ ته جيڪڏهن ضرورت پئي ته حڪومت اهو ڪم باقاعدي قبائلي لشڪرن کي ٽينڊر جاري ڪري ٺيڪي تي به ڏيئي سگهي ٿي. ملڪ ۾ طاقتور ڏوهارين کي منهن ڏيڻ جو اهو ناڪام طريقو پراڻو آهي. مثال طور: جڏهن ڪراچيءَ ۾ ايم ڪيو ايم جي دهشتگردي حڪومت کان سنڀالي نه پئي ٿي ته 90ع جي ڏهاڪي ۾ هن جي اڳيان ٻئي دهشتگرد گروپ حقيقيءَ کي اڀاريو ويو. وري ڪجهه سال پوءِ لياري ويڙهاڪ گروپ کي منظم ڪيو ويو. ان سڄي عمل ۾ هڪ دهشتگرد گروهه کي چيڀاٽڻ لاءِ ان کان وڌيڪ سگهاري دهشتگرد گروهه کي پيدا ڪيو ويو، جنهن سرڪاري سرپرستي ۾ رتوڇاڻ کي جاري رکيو. ساڳي طرح افغانستان ۾ پرڏيهي پاليسين تبديل ٿيڻ کانپوءِ طالبان جي مقابلي ۾ “سٺا طالبان” تيار ڪيا ويا. سرڪاري طور تي هڪ ڌر کي “خراب طالبان” ۽ ٻي ڌر کي “سٺا طالبان” قرار ڏنو ويو. ڪم ٻنهي جو ساڳيو هو. سنڌ حڪومت به ايئن ئي “خراب ڌاڙيل” ختم ڪرڻ لاءِ “سٺن ڌاڙيلن” جي مٿي تي هٿ رکيو آهي. ايم ڪيو ايم ۽ طالبان ماڊل وانگر هي ماڊل به ساڳيا ئي نتيجا ڏيندو. خطرو اهو آهي ته هڪ خاص برادريءَ سان تعلق رکندڙ ڌاڙيلن جي هڪ ٽولي اڳيان جڏهن ٻي برادريءَ جا هٿياربند لاٿا ويندا ته انهن جي ويڙهه رڳو ڪجهه ڏوهارين بجاءِ هڪ ٻئي قبيلي سان ٿي ويندي. جنهن پوليس کان هڪ قبيلي جا ڌاڙيل سنڀاليا نه ٿيا، اها ٻنهي قبيلن وچ ۾ قبائلي جنگ واري حالت کي ڪيئن سنڀالي سگهندي؟ سنڌ جا اتريان ضلعا ته هونئن ئي قبائلي راڄ هيٺ آهن، جتي سردارن جي حڪمراني آهي. اتي عملي طور رياست/حڪومت جو ته وجود ئي ناهي هوندو. ويتر اتي قبيلائي رتوڇاڻ شروع ٿي ته ان ۾ سُڪا گهٽ، ساوا وڌيڪ سڙندا.

جيستائين وڏي وزير جو اهو چوڻ آهي ته سڄي بدامني نگران حڪومت جي دور ۾ ٿي آهي. ان لاءِ نگران دور کان اڳ واري بدامني جون خبرون ۽ ان ڏس ۾ سنڌ ڪابينا جا ڪيل پنهنجا فيصلا رڪارڊ تي آهن. 10 مارچ 2023ع تي ڊان اخبار ۾ هڪ خبر ڇپي ته سنڌ ڪابينا ڪچي ۾ ڌاڙيلن خلاف گرانڊ آپريشن جي منظوري ڏني ۽ ان آپريشن لاءِ فوجي درجي وارا هٿيار خريد ڪرڻ لاءِ 2 ارب، 79 ڪروڙ رپين جي فنڊ جي پڻ منظوري ڏني. سال گذرڻ کانپوءِ سرڪار وٽ ٻڌائڻ لاءِ ساڳيو عذر آهي ته اسان وٽ ڌاڙيلن جهڙا جديد هٿيار ناهن. اهو ئي ڪارڻ آهي جو سنڌ سرڪار کي “بيڊ ڌاڙيلن” جهڙا هٿيار رکندڙ “گُڊ ڌاڙيل” ميدان ۾ لاهڻا پيا.

ڌاڙيل فيڪٽر به سکڻو لا اينڊ آرڊر جو معاملو ناهي. جيئن دنيا ۾ جنگين جي پٺيان هڪ معيشت ۽ ان جا شيئر هولڊر هوندا آهن، تيئن هر مقامي سطح جي بدامنيءَ جي پٺيان به معيشت هوندي آهي. جڏهن شيئر هولڊرن کي ڪا ٻي بهتر معيشت نظر ايندي، تڏهن هو بدامنيءَ جي معيشت مان هٿ ڪڍندا. ڪراچي جي بدامني ٽي ڏهاڪا هلندي رهي. هزارين ماڻهو ان جو کاڄ بڻيا. شيئر هولڊرن جا ان ۾ ايترا مفاد هئا، جو ڪا حڪومت دهشتگردن سان ٺاهه ڪرڻ کان ۽ کين سرڪار ۾ حصو پتي ڏيڻ کانسواءِ هلي نه سگهندي هئي. پوءِ جڏهن سي پيڪ آيو ۽ ان لاءِ ڪراچيءَ جو امن اڻٽر گهرج بڻيو ته ٽن ڏهاڪن جي ننگي دهشتگردي هڪ تقرير جي بنياد تي ڪجهه ڏينهن اندر سيٽي وڄائيندي ختم ٿي وئي. سي پيڪ جي معيشت ۾ شيئر هولڊرن جو مفاد منتقل ٿيڻ سبب اهو ممڪن ٿيو. ساڳي طرح ملڪ اندر مذهبي ۽ فرقيوار تنظيمن جي رتوڇاڻ کي به ڏهاڪن تائين کليل ڇوٽ مليل هئي. اوچتو ايف اي ٽي ايف FATF جي انتظام هيٺ مني لانڊرنگ ۽ ٽيرر فنانسنگ تي سختي ٿي ته ان معيشت جا اهم مهانڊا جيلن پٺيان هليا ويا ۽ فرقيوار رتوڇاڻ کي بريڪ لڳي وئي. اڳي ان جي پٺيان ٻن ملڪن مان ڪروڙين ڊالرن جي فنڊنگ جي معيشت هلي رهي هئي پر ايف اي ٽي ايف FATF جو ڳرو پير حق حلال جي معيشت کي به چيڀاٽڻ وارو هو، تنهنڪري شيئر هولڊرن کي فرقيوار رتوڇاڻ واري معيشت مان سيڙپ ڪڍڻي پئي.

ڪچي جي هلندڙ ڌاڙيل گرديءَ پٺيان به اهڙي ئي معيشت آپريٽ ڪري رهي آهي. ڪچي جي زرخيز زمين (جنهن کي واهه ۽ واٽر ڪورس به نه گهرجن) ڪڻڪ، اسٽابيري ۽ ڪيلي جي زبردست اپت، اربين رپين جي هٿيارن جو وڪرو، ڪروڙين رپين جي ڀُنگ جي آمدني، قبائلي سردارن جي سياسي والار ۽ هزارين ايڪڙن تي پکڙيل ٻيلن جي زمين ۽ آمدنيءَ جهڙي وڏي معيشت ئي ڪچي جي بدامنيءَ پٺيان اصل محرڪ آهن.

ڪچي جي رڳو زرعي زمين جو اندازو نامور اسڪالر ايم. ايڇ پنهور جي سن 2000ع ۾ لکيل هڪ رپورٽ Water Requirement of Riverain Area of Sindh ۾ ڏنل انگن اکرن مان لڳائي سگهجي ٿو. ان رپورٽ موجب: 1860ع کان 1960ع وچ ۾ سنڌ اندر درياهه کي ڏنل بندن جي نتيجي ۾ 21 لک ايڪڙ ڪچي جو علائقو وجود ۾ آيو. پنهور صاحب جي رپورٽ موجب، ان ۾ 10 لک ايڪڙ ايراضي زرعي زمين، ساڍا 4 لک ايڪڙ زمين تي ٻيلا ۽ اڌ لک ايڪڙن تي ڳوٺ آهن. جڏهن ته ڇهه لک ٻارنهن هزار 6،12000 ايڪڙ ڍورا، لٽ جا دڙا ۽ گپ چڪ وارا آهن. اهو ڪاٿو هن فضائي فوٽوگرافي وسيلي لڳايو هو. ان کانپوءِ سياسي رشوت ۾ ڏنل ٻيلن جي واڍيءَ سان به واڌو زرعي زمين پيدا ڪئي وئي آهي. هاڻي ريمورٽ سينسنگ Remote Sensing وسيلي سيٽلائيٽ جي تصويرن سان ڊيٽا حاصل ڪرڻ ويتر سولو ٿي پيو آهي. جيڪڏهن پنهور صاحب واري 24 سال پراڻي ڊيٽا کي به بنياد بڻائجي ته 10 لک ايڪڙن جي زرعي زمين ۽ ساڍا 4 لک ايڪڙن جي ٻيلي جي ايراضيءَ جي معيشت جو ڪاٿو لڳائبو ته سوين اربين رپيا وڃي ٺهندا. ڪچي جي ان مالا مال زمين جو سنڌ جي اترئين ضلعن ۾ هڪ وڏو حصو اچي ٿو، جنهن کي رواجي وهڪرن وارن سالن ۾ به پاڻيءَ جو سٺو وهڪرو ملي ٿو وڃي. ڪچي جي ان سموري زرعي ۽ غير زرعي معيشت جا سيڙپڪار مختلف شڪلين ۾ نظر ايندا آهن. اهي سيڙپڪار ۽ سندن ڪارندا ان سڄي معيشت جي مالڪي ڪن ٿا. اهو ئي سبب آهي جو سياسي ورڪرن کي پُر امن مظاهري جي اجازت نه ڏيندڙ ۽ ٽوئيٽر جي نڙيءَ تي لت ڏيندڙ رياست جنگي هٿيار رکندڙ ڌاڙيلن کي روز وڊيوز اپلوڊ ڪرڻ ۽ شهرن جي بنگلن ۾ ڪيش ڊيلنگ ڪندڙ ڊيلرن کي روز دخل تي ويٺل هوندي به ڳولهي نه ٿي سگهي.

حڪومت ان معيشت جي وڏي جهان ۾ ڪن ڪردارن اڳيان مجبور آهي ته ڪن ڪردارن سان ڀائيوار آهي. اهو ئي سبب آهي جو سنڌ سرڪار ڌاڙيلن خلاف فيصلائتو قدم نٿي کڻي، ڇو ته ان معيشت جي سيڙپڪارن ۽ شيئر هولڊرز سان ڦٽائڻ نه سندس وس ۾ آهي ۽ نه نيت ۾. ان وچ ۾ جيڪڏهن ڪي “بيڊ ڌاڙيل” مقرر حد اورانگهيندا ته انهن کي “گُڊ ڌاڙيلن” وسيلي منهن ڏنو ويندو. ڪجهه ڏينهن اها اسٽاڪ ايڪسچينج هيٺ مٿي ٿيندي پر وڏي فائدي لاءِ ننڍا وقتي نقصان ته کڻڻا پوندا آهن.