موهن جي دڙي جا ماڻهو

0
33
موهن جي دڙي جا ماڻهو

 موهن جو دڙو سنڌ جو خوبصورت تهذيب يافته ماضي آهي. موهن جي دڙي جي تاريخي اهميت تي وِل ڊيورانٽ پنهنجي ڪتاب ‘تاريخ، تهذيب، تمدن، فلسفه هندستان’ جي صفحي نمبر 19 تي هيئن لکي ٿو: “حيرت جي ڳالهه اها آهي ته زير زمين انهن مربوط آثارن جي سڀ کان هيٺيون تهه، مٿئين تهه جي نسبت وڌيڪ ترقي يافته هئڻ جو ڏس ڏئي ٿو، جڏهن ته اُن آثارن جي قديم ترين ذخيره به سوين نه بلڪه هزارين سال اڳ جي تهذيب متعلق آهن. پٿر، ٽامي ۽ ڪانسي جا ٺهيل اوزار ٻُڌائين ٿا ته جڏهن باقي دُنيا Chalcolithic Age ۾ هئي ۽ جڏهن انسان پٿر کان پوءِ ڪانسي (ڪنجهي) جو استعمال سِکي رهيو هو، سنڌ جي تهذيب ان جي اڳتي وارين منزلن کي طئه ڪري چُڪي هُئي. ماهرن جو اندازو آهي ته موهن جي دڙي جي تهذيب اُن وقت وڏي عروج تي هُئي، جڏهن پهريون مصر جو اهرام تعمير هيٺ هو. ان جا سوميري ۽ بابلي تهذيبن سان واپاري، مذهبي ۽ فني رابطا موجود هئا. حضرت عيسيٰ جي پيدائش جي 300 سال اڳ تائين هي ٽي هزار سالا تهذيب موجود هُئي”.1924ع ۾ سر جان مارشل، آر-ڊي- بينرجي سان گڏ جڏهن موهن جي دڙي جي کوٽائي ڪئي هُئي ته ڪيئي منزلا عمارتون، ٿانو، سِڪا، ٺپا، ٻن ڦيٿن واري ڍڳي گاڏي، هار ۽ زيورات وغيره مليا هئا. هن تهذيب جي مطالعي مان پتو پوي ٿو ته هتي زندگي گُذارڻ جا قاعدا قانون هئا، منظم سماجي ماحول، ڪُشادا رستا، پڪين سِرن جون جايون، غسل خانا ۽ گندي پاڻي جي نيڪال لاءِ ڊرينج سسٽم هو. مطلب ته هي ماڻهو صحت ۽ صفائي جو خيال رکندڙ هئا. شهر جي عمارتن مان اندازو ٿئي ٿو ته هتي بادشاهي نظام نه هو، پر واپارين جي تنظيم هُئي، جيڪا نگراني ڪندي هُئي. ماڻهو زندگي گُذارڻ ۾ آزاد هئا، زندگي جي ضرورتن ۾ برابر حق ۽ طبقاتي برابري واري سماج جي عڪاسي ٿئي ٿي. موجوده دور جا ڪي ڪميونسٽ موهن جي دڙي کي انساني تاريخ جو primitive socialist سماج به سڏين ٿا.

سر جان مارشل ڪتاب The Prehistoric Civilization of the Indus -1928 ۾ لکي ٿو: “سنڌ ۽ پنجاب ۾ موجود هي آثار ٽي ۽ چار هزار سال قبل از مسيح جي ترقي يافته شهري زندگي جو ڏس ڏين ٿا. انهن آثارن ۾ ملڻ وارا گھر، ان سان گڏ کوهه، غسل خانا ، نيڪال جو خاطر خواهه نظام ۽ شهري معاشرت جون ٻيون سهولتون، هن تهذيب کي سومير سان گڏ گھٽ ۾ گھٽ، پنهنجي همعصر بابل ۽ مصري تهذيبن کان وڌيڪ ظاهر ڪن ٿيون. ايستائين جو “ار” جا گھر به پنهنجي طرز تعمير ۾ موهن جي دڙي جو مقابلو نٿا ڪن”.هتي عورت جو رُتبو اعليٰ هو. آثارن ۾ عورتن جون ڪافي تعداد ۾ مورتيون، چوڙيون ۽ وار سنوارڻ جا اهڃاڻ مليا آهن. جھُومر، آڱرين جون مُنڊيون، پيرن جا ڪڙا وغيره ٻُڌائين ٿا ته هتي عورتن ۾ هار سينگار جو رُجحان عام هو. ناچڻي کي ڏسجي ٿو ته مُجسمي جي کاٻي هٿ ۾ ڪرائي کان بغل تائين چُوڙيون آهن. اهي چُوڙيون هاٿي جي ڏندن يا سنک جُون ٺهيل هيون. سمبارا جو مُجسمو رقص و موسيقي جي ثقافت کي ظاهر ڪري ٿو. توڙي جو، موهن جي دڙي جا ماڻهو طِرز زندگي ۾ سيڪيولر هئا، سر جان مارشل انهن جو تعلق تنترڪ عقيدي ۽ رسمن سان ٻُڌائي ٿو. رقص شايد مذهبي رسمن ۾ به شامل هو.موهن جو دڙو واپاري بندرگاهه به هو. سنڌو ندي جي ڪناري تي آباد هئڻ ڪري هنن ماڻهن جو واپار ٻيڙين ۽ خُشڪي رستي تي ٿيندو هو. هتي جا ماڻهو اڪثر ٻهراڙين ۾ هئا ۽ ٻني ٻاري جو ڪم ڪندا هئا. زمين سندن گڏيل ملڪيت هُئي، فصل سڀ ڪو پنهنجي ضرورت جي مُطابق کڻندو هو. انهيءَ زماني ۾ ڪپهه جو فصل فقط سنڌ ۾ ٿيندو هو. هيروڊوٽس به انهي جو ذڪر ڪيو آهي ته، “واديء سنڌ ۾ هڪ ٻوٽو ٿئي ٿو، جنهن ۾ چاندي جهڙا صفيد گُل ٿين ٿا”. هتي ٻني ڏاڍي سرسبز ۽ زرخير هُئي. اِهوئي اهڃاڻ واديء سنڌ جي تهذيب جي پروان چڙهڻ جو آهي! هن تهذيب جي عروج ۾ ڪنهن ٻي قوم جو هٿ نه هو. سبط حسن ڪتاب  ‘پاڪستان ۾ تهذيب ڪا ارتقاء’ ۾ لکي ٿو ته: “واديء سنڌ جي تهذيب تي بجا طور تي فخر ڪري سگھجي ٿو ته ان جي تخليق ۽ تعمير ۾ ڪنهن ٻي قوم جو خُون پگھر شامل نه هو. ڪو انهن تي اهو الزام نٿو لڳائي سگھي ته توهان پنهنجي عظمتن جا مينار انسانن جي کوپڙين تي اَڏيا آهن يا غُلامن کي ڪَوڙا هڻي ٺاهيا آهن. اڄ  جي معيار مُطابق به نهايت مهذب ۽ شائسته ماڻهو هئا”.

واديء سنڌ جي تهذيب کي دنيا جي قديم ترين تهذيبن ۾ شُمار ڪيو وڃي ٿو، جنهن جا آثار موهن جي دڙي مان ملن ٿا. مختلف نسل جا ڍانچا ۽ کوپڙيون اهو به اشارو ڏين ٿيون ته مختلف نسل هئڻ هن بربادي جو سبب ٿيو هجي. ٻيا به انيڪ سبب ٿي سگھن ٿا جهڙوڪ قدرتي آفتون، حمله وغيره. بهرحال، هتي جا رهندڙ ماڻهو دراوڙ نسل جا ڪول ۽ سنٿال هئا. هن وقت دراوڙ نسل جون ڪولهي، ڀيل، اوڏ ۽ ٻيون جاتيون سنڌ ۾ موجود آهن، جن جي صورتحال به موهن جي دڙي جي آثارن جهڙي آهي!!

موهن جي دڙي جا هي ماڻهو پُر امن هئا. قتل و غارت، حملا ۽ وحشتون انهن ماڻهن جي من ۾ نه هُيون، جنهن جو ثبوت اهو آهي ته موئن جي دڙي جي آثارن جي کوٽائي ۾ جنگي هٿيار نه مليا آهن. البته تير ڪمانيون هٿ آيون آهن، جيڪي هي ماڻهو شڪار لاءِ استعمال ڪندا هئا. محمد ادريس صديقي پنهنجي ڪتاب  ‘واديء سنڌ جي تهذيب’ (1959) ۾ لکيو آهي ته: “هڪ مهر تي ٻن ماڻهن کي تير جي ذريعي هرڻ جو شڪار ڪندي ڏيکاريو ويو آهي، ٻي مهر تي جھنگ جي ٻڪري کي نشانو بڻايو ويو آهي. هتان جي تصويري تحرير ۾ به تير ڪمان جا نشان ملن ٿا”.

هن تهذيب کي مُڪمل سمجھڻ مشڪل اُن ڪري به آهي ته هتي مُختلف نوادرات تي اُڪريل لکت اڃان پڙهي ۽ سمجھي نه وئي آهي، جڏهن اِهي تحريرون پڙهي سگھبيون ته اَڃان به گھڻو ڪُجھ چئي سگھبو. موهن جي دڙي جي تهذيب مان پاڻ ڇا پرايو آهي؟ سبط حسن لکيو آهي ته: “تهذيب معاشري جي طرزِ زندگي ۽ طرزِ فڪر ۽ اَحساس جو جوهر هوندي آهي”.اڄ کان پنج هزار سال اڳ سنڌ جا ماڻهو خوشحال زندگي گذراريندا هئا، جڏهن دنيا اوندھ ۽ جهالت ۾ هئي. اهڙو اُسريل ڪلچر ٻڌائي ٿو ته هي ماڻهو پُرامن ۽ سيڪيولر هئا. اڄ اها ساڳي سنڌ جنهن جو ماضي شاندار تهذيب جو ورثو رکي ٿو، ان سکاري سنڌ جا ماڻهو ڏکارا آهن.

[email protected]