ڊاڪٽر اياز قادريءَ جي لطيف شناسي

0
26
ڊاڪٽر اياز قادريءَ جي لطيف شناسي

 اياز حسين، غلام حسين قادريءَ جي گهر ۾ 19 جنوري 1927ع تي محله ميان جي ڳڙهي لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو، سندن ادبي سڃاڻپ شاعر، ڪهاڻيڪار، محقق، نقاد ۽ شاهه لطيف جي پارکوءَ جي آهي، 1944ع ۾ مئٽرڪ، پوءِ اڳتي بي اي آنرس، ايم اي فارسي، ايم-اي سنڌي ۽ ايل ايل بي ڪرڻ کانپوءِ “سنڌي غزل جي اوسر” جي موضوع تي پي ايڇ ڊي جو مقالو لکي ڊاڪٽريٽ جي سند ورتائين، سندن طويل مقالو انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي ٻن جلدن ۾ 1984ع ۾ شايع ڪيو آهي، ڪراچي يونيورسٽي جي سنڌي ڊپارٽمينٽ مان 1986ع ۾ پروفيسر جي حيثيت ۾ رٽائر ڪيائين ۽ 1986ع کان 1991ع تائين شاهه لطيف چيئر ڪراچيءَ جو پهريون ڊائريڪٽر مقرر ٿيو، ڊاڪٽر اياز جي ڪتابن ۾ “بلو دادا” (ڪهاڻيون)، “آزاديءَ جا اڳواڻ” (ترجمو)، “عشقي داستان”، “مٽيءَ لڌو مان”، “گورڪيءَ جي آتم ڪهاڻي”، “پرين جون ڪهاڻيون”، “سنڌي غزل جي اوسر”، “مون مطالع سپرين” ۽ ٻيا ڪتاب آهن، ڊاڪٽر اياز جو لطيف شناسيءَ ۾ ڪم اهميت جوڳو آهي، هن “شاهه عبدالطيف ڪلچرل سوسائٽيءَ” جو قيام 1972ع ۾ عمل ۾ آندو، “ڪلام شاهه عبداللطيف ڀٽائي” جي عنوان سان ڊاڪٽر سيد وقار عظيم سان گڏ شاهه جي رسالي جو اردو نثر ۾ ترجمو چئن جلدن ۾ ڪيو، چار ئي جلد 1993ع ۾ شايع ٿيا. اڪيڊمي ادبيات اسلام آباد مان اردو ٻوليءَ ۾ شاهه جي رسالي جو هيءُ ترجمو ڇپيو، (انهيءَ کان اڳ چند بيتن جو نثري ترجمو آغا تاج محمد جو ڪيل هو) ان کانسواءِ ڊاڪٽر اياز لطيفي تحقيقي ڪم جو نگران رهيو، سندن رهبريءَ ۾ شاگردن ايم فل ۽ پي ايڇ ڊي مڪمل ڪيون.

ڊاڪٽر اياز ڪيترائي مضمون ۽ مقالا لطيف شناسيءَ تي لکيا، جي مختلف ماهوار يا ٽه ماهي مئگزين ۾ شايع ٿيا. جيئن نئين زندگي، لطيف ڊائجيسٽ ۽ ٻيا آهن، ان کانسواءِ ڊاڪٽر اياز اردو ٻوليءَ ۾ پڻ ڪجهه لطيفي مضمون لکيا آهن. سنڌيءَ ۾ لکيل لطيفي مضمونن جو ڪتاب “مون مطالع سپرين” جي عنوان سان آهي. مون مطالع سپرين، ۾ ڪل 16 مقالا آهن. جن کي شاهه عبداللطيف ڪلچرل سوسائٽيءَ 1995ع ۾ شايع ڪرايو. هن ڪتاب ۾ آيل مقدمو ڊاڪٽر اياز جي شاهه جي رسالي جي نثري اردو ترجمي مان ورتل آهي. (جو اڪيڊمي آف ليٽر اسلام آباد طرفان شايع ٿيو هو) کين اهو ڪم ابيات پاڪستان جي طرفان سپرد ڪيو ويو جنهن ۾ سٽ وار ترجمي جي پابنديءَ سبب گهڻو احتياط ڪرڻو پين پر تمام محنت سان انهيءَ ڪم کي پايه تڪميل تي پهچايائون). “مون مطالع سپرين” جو عنوان هن سٽ مان سرجيل آهي: ”لوڪان نحو صرف، مون مطالع سپرين“.

مقالن ۽ مضمونن جا عنوان هن ريت آهن؛ “شاهه جي مجازي شاعري”، “شاهه جو رقيب”، ”شاهه ۽ سنڌ جي سياست”، “شاهه جا پهاڪا”، “شاه ۽ قسمت”، “سارنگ جي سورمي”، “متو آهين مچ”، “کاهوڙي خبرون”، “جي ڀانئين جوڳي ٿيان”، “شاهه عبداللطيف ۽ ڪربلا جو قضيو”، “شاهه جا پاراتا ۽ دُعائون”، “شاهه جو ڊرامائي انداز”، ۽ “نئين شرح لطيفي” آهن. هيٺ ڪجهه حوالا پيش ڪجن ٿا؛”شاهه جو ڪلام تصوف جي تمام مقامات تي حاوي آهي. ان ۾ رنج و الم فرحت ۽ انبساط، صبر ۽ استقلال، بي نفسي ۽ بي تعلقي، وحدت ۽ احديت، مڪان ۽ لامڪان، محويت ۽ حيرت، آسفتگي ۽ وارفتگي سڀ نظر اچن ٿا، هن پنهنجي ڪلام کي تصوف جي باريڪ رمزن سان مالا مال ڪيو آهي.”

“ظاهري نگاهه سان ڏسبو خالق ۽ مخلوق جي وچ ۾ وڏو فرق آهي. ٻنهي جي وچ ۾ جا نسبت آهي، سا عقل ۽ قياس کان بالا تر آهي. اها ڳالهه تسليم شده آهي ته هر روح کي جسم سان، روشنيءَ کي چراغ سان، خوشبوءَ کي گل سان تعلق آهي. اهڙي طرح الله کي به ممڪنات سان هڪ قسم جي نسبت آهي، سطح آب تي حباب تي نگاهه وجهنداسين ته حباب علحده ۽ پاڻي علحده محسوس ٿيندو، پر حقيقت ۾ حباب ۽ پاڻي ٻيئي هڪ شيءَ آهن. صوفياءِ ڪرام جو چوڻ آهي ته الله تعاليٰ ڪائنات کان الڳ نه آهي. ڪائنات ۽ الله هڪٻئي کان عليحده ڪري سڃاڻي نٿا سگهجن.“

“سنڌ ۾ شاهه کان اڳ جي دور جي شاعرن ۾ قاضي قاضن، شاهه ڪريم ۽ پوين شاعرن ۾ سچل جي ڪلام جا ڪجهه مصرعا پهاڪن واري حيثيت حاصل ڪري چڪا آهن. شاهه عبداللطيف کي سنڌ جي ٻين شاعرن جي ڀيٽ ۾ وڌ ۾ وڌ مقبوليت حاصل آهي. شاه جي ڪلام ۾ مشاهدو ۽ مطالعو آهي ته آزمودو به آهي حڪمت ۽ دانائي به آهي ته سوچ ۽ ويچار به آهي. سنڌ جي تهذيب ۽ تمدن جي عڪاسي به آهي. لوڪ ڪهاڻيون ۽ عشقي داستان به آهن. تاريخي ۽ نيم تاريخي واقعا به آهن. الله ۽ ان جي رسول جي اُلفت به آهي ۽ تصوف جي چاشني به آهي. مطلب ته زندگي سان واسطو رکندڙ هر شيءِ موجود آهي. اهو ئي سبب آهي جو لطيف جا تمام گهڻا بيت ۽ مصرعا اسان جي زبانن تي ايترا چڙهي ويا آهن، جو اسان انهن کي گهڙي گهڙي، پل پل، هر ڳالهه ۾ پهاڪي طور استعمال ڪريون ٿا”.

”ان ۾ ڪو شڪ ڪونهي ته شاهه قسمت، قضا تقدير ۽ لکئي جو قائل آهي. هو چوي ٿو ته انسان جي قسمت ۾ جيڪي ڪجهه لکيل آهي اهو اَوَس ٿيڻو آهي. هو سسئي، سهڻي ۽ مارئيءَ جي ڪردارن مان اسان کي سبق ڏئي ٿو ۽ ڏيکاري ٿو ته سندس نامور سورمين تي قسمت ۽ قضا پنهنجا وار ڪري ٿي پر هو ان سان مهاڏو اٽڪائين ٿيون. سندن راهه ۾ تقدير تڪيلفون ۽ پريشانيون پيدا ڪري ٿي. مگر هو انهن کان بي پرواهه ۽ سر ۽ ساهه جو سانگو لاهي پنهنجي منزل ڏانهن وک وڌائينديون رهن ٿيون. ڇاڪاڻ ته کين اهو پڪو يقين آهي ته هو پنهنجين ڪوششن ۽ عمل سان پنهنجي تقدير جي نتيجن بدلائڻ ۾ ڪامياب ٿينديون.” (ص، 61-71)

”شاه پنهنجي ڪلام ۾ ڪيترن ئي پورهيتن جو ذڪر ڪيو آهي پر سرمارئي ۽ سر سارنگ ۾ ٿر جي ڀٽن ۽ ڀڙن ۾ رهندڙ مارن، سر سريراڳ ۽ سامونڊي ۾ سمونڊ کيڙيندڙ ملاحن ۽ ميربحرن ۽ سر کاهوڙيءَ ۾ جبلن ۾ سر گردان کاهوڙين جو خاص ذڪر آهي. انهن پورهيتن جي سخت زندگيءَ جو چٽ اهڙو چٽيو آهي جو ان جاگيرداري دور جي محنت ڪش عوام جي ڪسمپرسي واري حالت جو نقش اکين اڳيان اڀري ٿو اچي“.

”جتي شاهه پنهنجي ڪردارن کي صبر ۽ سور سهڻ وارا ڏيکاريو آهي جن وٽ پٽ پاراتو نه پر دُعا ئي دُعا آهي. اتي اسين ڏسنداسين ته ڪٿي ڪٿي سندس هٿن مان صبر جو دامن ڇڏائجي وڃي ٿو ۽ هو ٿوري ٿوري ڳالهه تي ڪڏهن پاراتي جو دڙڪو ٿو ڏيڻ لڳي ۽ ڪڏهن ڪڏهن پاراتو ٿو ڏيئي وجهي. ….. شاهه عبداللطيف چانگي تي چڙهي پنهنجي محبوب سان ملڻ لاءِ وڃي رهيو آهي. کيس محبوب سان جلد از جلد ملڻ جي اڻ تڻ آهي. اهو ڏسي کيس ڪاوڙ ٿي لڳي ۽ خار ٿا اچن ته سندس چانگو وک وتري نه وجهي رهيو آهي. عاشق لاءِ محبوب سان ملڻ ۾ هڪ گهڙيءَ جي دير به برداشت کان ٻاهر آهي ۽ هو ڪرهي کي ڪاوڙ مان چتاءُ ڏيندي چوي ٿو ته عاشق جي آهه کان ڊڄ، گيسر ڇڏي، تڪڙو هل، مون کي منهنجي محبوب سان ملاءِ، ايئن نه ٿئي ته تنهنجي سست رفتار ڪري سڪايل جي سيني مان ڪا پٽ پاراتو نڪري توکي ساڙي ۽ تنهنجا سنڌ سڪي پون.

ڪرها ڪَسَر ڇڏ، وکون وجهه وڌنديون،

هيڪر حبيبن سان، مون کي نيئي گڏ،

مڇڻ! پونئي هڏ، آهون اڪنڊين جون.

”شاهه جي ڊرامائي انداز جي مطالعي مان پتو پوي ٿو ته هن مختلف سُرن جي سورمين کان سندن مختلف جذبن جو ڊائيلاگ رستي اظهار ڪرائي انهن کي زوردار نموني اُڀاريو آهي، جو سندن عظمت اسان جي اکين اڳيان وڌي وڃي ٿي.“ (ص 137، 172)

مجموعي طور اهو چئي سگهجي ٿو ته اياز صاحب جي هن ڪتاب جو مواد موضوع سان ٺهڪندڙ ۽ اثرائتو آهي. وفات 15 ڊسمبر 1997ع ۾ ٿي، سندن لطيفيات جو ڪم مڃيو وڃي ٿو.