ڪيريئر لاءِ ادارن ۽ داخلا پاليسين جي ڄاڻ رکڻ

0
28
ڪيريئر لاءِ ادارن ۽ داخلا پاليسين جي ڄاڻ رکڻ

 ھاڻي اسان کي ھي معلوم ٿي چڪو آھي ته جاب ۽ ڪيريئر ۾ ڪھڙو فرق آھي. ڪيريئر جي چونڊ ۾ اسان جي شخصيت جو ڪيترو عمل دخل آهي. اڄ اسان توھان کي ڪيريئر جي لاءِ اعليٰ تعليمي ادارن، انھن جي داخلا پاليسين ۽ داخلا جي مختلف ٽيسٽن جي باري ۾ سرسري ڄاڻ ڏيڻ جي ڪوشش ڪنداسين. اھڙي طرح سان ڪيريئر تي لکڻ وارو ھي سلسلو به پنھنجي پڄاڻي تي پھتو، سواءِ ايندڙ ھڪ آخري آرٽيڪل جي، جيڪو ڪيريئر جي لاءِ اسان کي ڪھڙن ڪھڙن چئلينجن مان گذرڻو پئجي ٿو، ان تي ھوندو. گھڻن ڪيريئرز جي لاءِ يونيورسٽي جي ڊگري گھربل هوندي آهي. ٻيو ھڪ مخصوص مدت واري تعليم ۽ تربيت. يا وري ان خاص ڪورس کي پڙھڻ جي، جيڪو توھان جي مقصد جي عين مطابق ھجي. انھيءَ ڪري ھي تمام گھڻو ضروري ٿي پئي ٿو ته جن جن يونيورسٽين يا ڪاليجن ۾ توھان وڃڻ چاھيو ٿا، انھن جي باري ۾؛ ۽ انھن جي داخلا پاليسين ۽ ترجيحن جي باري ۾ توھان کي ڄاڻ لازمي ھجڻ گھرجي. ھت ھن ڳالھ کي ڌيان ۾ رکڻ به ضروري آھي ته جن يونيورسٽين يا ڪاليجن ۾ توھان داخلا وٺڻ چاھيو ٿا، پڪ ڪريو ته انھن ادارن ۾ توھان جي خواھشن ۽ مقصدن جي مطابق ڊگري ڪورس ڪرايا وڃن به ٿا يا نه. سڀ ڄاڻون ٿا ته جنھن ڏينھن کان انٽرينٽ ۽ ويب سائيٽس ٺاھن جو رواج عام ٿيو آھي؛ پوءِ ڪو ادارو ھجي يا يونيورسٽي پنھنجي ھڪ عملي ويب سائيٽ به رکي ٿي. ويب سائيٽس تي يونيورسٽيون پنھنجي باري ۾، پنھنجن شعبن، موجود سھولتن ۽ داخلا پاليسين جي حوالي سان تفصيل سان ڄاڻ ۽ گھربل معلومات وغيره رکن ٿيون. معلومات جيڪا ھڪ متحرڪ ويب سائيٽ تي نه صرف تفصيل سان پر، 7/24 يعني ھر وقت دستياب به آھي. اڄڪلھ ھر يونيورسٽيءَ شاگردن کي قبول ڪرڻ جي لاءِ داخلا ٽيسٽن کي ئي پنھنجو حتمي معيار بڻائي ڇڏيو آھي. ممڪن آھي ته انھن يونيورسٽين پاران داخلا ٽيسٽن جا ماڊل پيپرز به توھان کي ويب سائيٽس تي ملي وڃن. ڪجھ اھڙيون يونيورسٽيون به آھن، جيڪي صرف سيٽ (اسڪوليسٽڪ ايپٽيچوڊ ٽيسٽ) ٽيسٽن ۾ حاصل ڪيل اسڪور کي ئي معيار بڻائين ٿيون، يعني داخلا جي لاءِ سيٽ جي اسڪور کي قبول ڪن ٿيون. انھن يونيورسٽين جي ويب سائيٽس جا ڀيرا ڪريو ته جيئن توھان پاڻ کي انھن جي سيٽ ٽيسٽن جي معيار جي مطابق تيار ڪري سگھو، ۽ ھي ڄاڻ حاصل ڪري سگھو ته انھن جي سيٽ ٽيسٽن ۾ ڇا ڇا شامل آھي. پر، جيڪڏھن توھان ڊاڪٽر بڻجڻ جي شديد خواھش رکو ٿا ته پوءِ ضروري آھي ته توھان ڪنھن ميڊيڪل يونيورسٽي جي، چاھي پوءِ اھا ٻاھرين ھجي يا مقامي، انھن جي داخلا ۽ انھن جي ايم ڪيٽ (ميڊيڪل ڪاليج ايڊميشن ٽيسٽ) واري صورتگيري (فارميٽ) جو جائزو وٺو. انجينئر بڻجڻ جي لاءِ اِي ڪيٽ (انجنيئرنگ ڪاليج ايڊميشن ٽيسٽ) جو رواج عام آھي. ھت اسان توھان کي صلاح ڏينداسين ته ايم ڪيٽ يا اِي ڪيٽ يا سيٽ ٽيسٽن ۾ شامل مضمونن (سبجيڪٽس) کي کڻڻ کان اڳ ۾، اهي ٽيسٽون ڏيڻ جي لاءِ پاڻ کي مڪمل طور تي تيار ڪرڻ گھرجي. ھن ڪم جي لاءِ لائبريرين ۾ ويھو يا انٽرنيٽ ڦلهوريو. لاڳاپيل ڪتابن، مواد جي ڳولا ڪريو، تياري ڪريو ۽ ٽيسٽن ۾ حاضر ٿيو. ڪيتريون ئي اھڙيون ويب سائيٽس به آھن، جيڪي توھان کي موڪ (Mock) ٽيسٽون آڇين ٿيون، جيڪي توھان جون سٺيون مددگار ٿي سگھن ٿيون. موڪ ٽيسٽون توھان کي ٻڌائينديون ته توھان جون اصل ۾ ترجيحون ڪھڙيون آھن ته جيئن توھان بعد ۾ انھن تي سھڻي نموني سان ڪم ڪري سگھو. اسان پنھنجي گذريل ڪالمن ۾ ھن ڳالھ کي بار بار ورجائي چڪا آھيون ته پنھنجي ڪيريئر جي لاءِ سوچڻ محض ھڪ خواھش نه ھجڻ گھرجي، ڪيريئر توھان کان عملي رٿابندي، غور ويچار ۽ سخت محنت جي گھر ڪري ٿو. پڪي ارادي، صحيح وقت تي صحيح فيصلي کي ڪرڻ؛ ۽ وڏي ڳالھ ته ھاڪاري ورتاءُ جي گھر به ڪري ٿو.

باوجود مٿين سڀني ڳالھين جي، ڪڏھن ڪڏھن صحيح فيصلي ڪرڻ ۽ مناسب ڪوششون وٺڻ کانپوءِ به، اسان پنھنجي مقصد کي حاصل ڪرڻ کان رھجي ويندا آھيون. شڪست کائڻ کان بھتر آھي ته اسان کي پنھنجي ڪيريئر جي باري ۾ سدائين حقيقت پسنداڻو به ھجڻ گھرجي. انھيءَ لاءِ ته جيئن ناڪام ٿيڻ کانپوءِ اسان ناڪامين کي روڳ نه بڻايون پر، ٻين امڪاني موقعن جي باري ۾ ھڪ پلان – بِي به پاڻ وٽ تيار ھجڻ گھرجي. اسان توھان کي ڪڏھن به ھي نٿا چئون ته پنھنجي عظيم خوابن تان ھٿ کڻي ڇڏيو پر اسان چوڻ ھي ٿا چاھيون ته توھان جڏھن پنھنجي مقصدن ۽ خوابن کان ڪنھن به سبب جي ڪري ھٽي ٿا وڃو ۽ توھان ڪنھن ٻي کيتر ۾ پنھنجو ڪيريئر بڻائي چڪا آھيو، ان جا مزا ماڻي رھيا آھيو ته پوءِ توھان جو ماضي اھڙو نه ھجي، جنھن تي توھان کي ھر وقت افسوس ٿيندو رھي يا ھي پڇتاءُ ته ڪاش منھنجي گھر وارا ساٿ ڏين ھا ته اڄ مان ھڪ ڊاڪٽر، يا انجنيئر ھجان ھا. جيڪڏھن ضروري سمجھو ته، پنھنجي مقصد کي ٻيھر ھڪ نئين جذبي سان گڏ کڻو ۽ ٻيھر تياري ڪريو. ھن جو مطلب ھي پڻ آھي ته، پنھنجي  حڪمت عملي جو جائزو وٺو. ۽ پنھنجي ڇڙ وڇڙ سگھ کي ٻيھر يڪجا ڪري ھڪ نيئن خيال سان ھڪ ٻي ڪوشش ڪريو. زندگي لاءِ مشھور آھي ته اھا ڏکن ۽ سکن جو ميلاپ آھي. زندگي ۾ ھر انسان ڪافي منفرد ۽ عجيب ۽ غريب تجربن مان گذرندو آھي. اسان جا اھي تجربا اڻوڻندڙ به آھن ته سٺا به هوندا آهن. پنھنجي ان وسيع ۽ وڏي تجربي جي سڌي ريت پرک ڪريو. زندگي جي تجربن کي سمجھڻ واري صلاحيت اصل ۾ زندگي جي موقعن جو سمنڊ ھوندي آھي. انھن موقعن مان فائدو وٺڻ جي لاءِ ميدان تي نڪري نروار ٿيو، ڌيان سان شين جو جائزو وٺو، کوج لڳايو ته اھي موقعا توھان جي لاءِ ڪھڙي اھميت رکن ٿا. ھن ڪم کي ايستائين پاڻ سان ساڻ رکو، جيستائين توھان کي توھان جي مطلب جو ڪم نٿو ملي وڃي.

ھر ماڻھو انفرادي طور تي ھڪ بند ڪتاب ھوندو آھي. نامعلوم دريافت ھوندو آھي. پنھنجي فطرتي صلاحيتن جي مدد سان پنھنجي دريافت ڪريو. توھان مان ھر ڪنھن ماڻھوءَ ۾ اڳتي وڌڻ جي لاءِ ھڪ امڪاني صلاحيت (اڻ تڻ) پھريان کان ئي موجود ھوندي آھي. توھان صرف ايترو ڪريو جو ان شعبي جي نشاندھي ڪريو يا ان ڪيريئر جو پتو لڳايو، جتي توھان پنھنجي انھن امڪاني صلاحيتن کي ڀرپور نموني سان استعمال ڪريو. بلڪل پنھنجي مرضين ۽ خواھشن جي مطابق آزادي سان استعمال ڪريو. توھان مان ھرڪو صرف ھڪ ڪم کي ڪرڻ جي لاءِ پيدا ناھي ٿيو يا ساڳي رستي تي ھلڻ جي لاءِ ناھي آيو. ڪيترائي اھڙا ٻيا رستا به آھن، جن تي تمام ٿورو سفر ڪيو ويو آھي ۽ انھن تي ھلندي سوين اھڙا پيچرا به ملي وڃن ٿا، جن مان توھان ڪنھن نه ڪنھن پيچري کي چونڊيندا ته زندگي سولي ٿي پوندي. ھن ڳالھ کي چڱي طرح سان ياد رکو ته پنھنجي صلاحيتن تي سدائين يقين رکڻو آھي. پنھنجي مستقبل جي باري ۾ پاڻ کي بلڪل صاف ۽ چٽو رکڻو آھي. پاڻ کي ھڪ ايمانداراڻي جائزي جي لاءِ پنھنجي آڏو پيش ڪرڻو آھي. پنھنجي ڪٿ ڪرڻي آھي. پنھنجي ڪم سان سچائي ڏيکارڻي آھي. پنھنجي قابليتن، صلاحيتن جي مدد سان سخت قسم جي جاکوڙ ڪرڻي آھي. جيڪڏھن توھان ھنن سڀني ڳالھين تي عمل ڪيو ته پوءِ يقين رکو دنيا توھان جي سلامي آھي، ڇاڪاڻ جو سڀني کي تارن ۽ ستارن وانگي توھان جي چمڪڻ جو انتظار ئي ته آھي.

(ڪيريئر تي لکڻ جي لاءِ معلومات جو ذريعو: ذاتي تجربا، انٽرنيٽ ۽ فرسٽ ايئر انگلش جو درسي ڪتاب)