آسيب جو پاڇو …..!

0
36
آسيب جو پاڇو .....!

 ستهتر سالن جو ديس به پراڻي کنڊر ۾ تبديل ٿي ويو آهي. هن نئين ملڪ لاءِ شروع کان دنيا وٽ هونءَ ئي اهو تصور هو ته هتان جا ماڻهو شين کي سنڀالڻ جي سگهه نه ٿا رکن… ۽ پوءِ هر گذرندڙ گهڙين سان ماڻهن ان جو عملي مظاهرو پڻ ڪري ڏيکاريو. شين کي جهڙي ريت ٽوڙيو ويو، ان جا مثال ڪنهن سماج ۾ نه ملندا. نتيجو، هر پاسي رفتار ايتري سست ٿي وئي جو ڀائنجي ته غيبات مڪمل طور هن ڀونءَ کي پنهنجي وس ۾ ڪري ڇڏيو آهي. انهن حالتن ۾ منير نيازيءَ جو مشهور شعر هر گهڙيءَ ذهني جي درن تي کڙڪا ڪندي ملي ٿو:

منير اس ملڪ پر آسيب ڪا سايه هي يا ڪيا هي،

ڪه حرڪت تيز تر هي اور سفر آهسته آهسته.

                 هن ملڪ جي هر لمحي جون ايتريون ته ڪهاڻيون آهن، جن کي لکندي به ورهيه لڳي وڃن، پر انهن سڀني ۾ اهم مامرو سچ جو هئڻ آهي. سچ جي سخت کوٽ، ڪوڙ مٿان ڪوڙن معاملن کي سٽ جي ڌاڳي جيان ڪري ڇڏيو آهي، جيڪو هر ڪوشش بعد وڌيڪ وچڙي وڃي ٿو. انهيءَ جو ئي هڪ مثال روان سال جي روان مهيني، فيبروريءَ جي اٺين تاريخ ٿيل پاڪستان جي تاريخ جي بيحد تڪراري اليڪشن هئي. ايئن به ناهي ته اڳ ٿيندڙ چونڊون ڪي درست هيون، انهن ۾ ڪو به نقص نه هو، پر هن اليڪشن ته سڀني جا رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا. پنهنجي پويان سوالن جي پوري لانڍ ڇڏي وئي. پاڻ رڳو ان کي حيرت گاڏڙ حالت ۾ ڏسي رهيا آهيون. چوڻ وارا چون ٿا ته اهڙين بي قاعدگين جون ڪهاڻيون اڳ ڪڏهن به نه ٻڌيون ويون! ان سڄي صورتحال ۾ متعلقه فورم يعني اليڪشن ڪميشن جو ضد به ڏسڻ وٽان آهي ته سڀ ڪجهه صحيح آهي. معاملو ته ايترو سنگين ٿي ويو آهي، جو ملڪ جي واڳون سنڀالڻ ۾ سدا کان اهم رهندڙ ڊويزن راولپنڊيءَ جو ڪمشنر اچي ته ملڪ ۾ جاري ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ پي ايس ايل جي باري ۾ پريس ڪانفرنس ڪرڻ ٿو، پر اتي پهچي اليڪشن ۾ ڌانڌلين جي باري ۾ ايترو به چئي وڃي ٿو ته هن جي مٿان ضمير جو ايترو گهڻو وزن آهي، جو هن صبح نماز پڙهندي مصلي تي آپگهات جو سوچيو. ملڪ جي ڪنهن به ڊويزن جو ڪمشنر ڪو عام ماڻهو ته ناهي هوندو. هو ڪهڙيون ڳالهيون ڪري پيو؟ بجاءِ جو اسان انهن ڳالهين جي باري ۾ جاچ ڪريون، پاڻ سڌو ان جي ذات جي تلاش شروع ڪئي، آخرڪار هن کي چريو ثابت ڪرڻ جي ڪوشش پڻ ٿي. عجب ڳالهه ته اُن وڏي پوزيشن تي ويٺل هڪ وڏو آفيسر ۽ اهڙا خطرناڪ انڪشاف ڪندڙ همراهه ان شام کان گم آهي! خبر ناهي هن کي زمين کائي وئي يا آسمان پاڻ ڏانهن اڏاري گم ڪري ڇڏيو؟ ان همراهه جي باري ۾ معلوم ڪرڻ ته ‘ڪٿي آهي؟’ يقينن هڪ اهم سوال، پر ان سنگين معاملي ۾ اليڪشن ڪميشن جو جو رڳو ايترو ته چوڻ ته، ‘ڪمشنر جو تعلق ته چونڊن سان ناهي ٿيندو، ته هو ڌانڌلي ڪئين ڪرائيندو!’ ڇا ڪافي آهي؟ ها، ان صورت ۾ جڏهن عدليه مان آر اوز ۽ ڊي آر اوز کنيا ويندا آهن ته اها ڳالهه سمجهه ۾ به اچي ٿي. هتي ته سڀ آر اوز ۽ ٻيا آفيسر ڪمشنر جي ماتحت عملي جا ئي هئا، جيڪي اصولي طور ڪمشنر جي هر ڳالهه مڃڻ جا پابند هوندا آهن.

اهي سڀ سوال آهن، جن جا جواب نه ملڻ جي ڪري هاڻي انهن جو جبل ٺهي ويو آهي، پاڻ چاهيندي به ان جبل جي پار نه ٿا پهچي سگهون، ڇاڪاڻ ته عام ماڻهوءَ جا ذريعا، ڀلي اهو ڪيترو به وڏو صحافي هجي، آخرڪار محدود هوندا آهن، هو معاملي جي هر رخ کي ڏسڻ جي صلاحيت نه ٿو رکي، نتيجي ۾ سوالن جي جوابن بابت اسان تشنه آهيون. اهڙين حالتن ۾ جڏهن جواب ناهن ملي سگهندا ۽ انهن کي تاريخ تي ڇڏيو ويندو آهي ته اهي قوم کي وڻ وڪوڙيءَ جيان چنبڙي پوندا آهن ۽ هن ديس جي اها بد قسمتي جو آسيب جي شڪل ۾ سوالن جو اهو سلسلو ايترو ته طويل آهي، جو پاڻ کي ڪڏهن به جواب ناهن ملي سگهيا! اهو سڀ ڪجهه حيرت ۽ پريشانيءَ کانسواءِ ڪجهه به ناهي. راولپنڊيءَ ۾ ئي ملڪ جي پهرئين وزير اعظم جو قتل، ملڪ جو ٻه اڌ ٿيڻ، پنڊيءَ ۾ ئي محترما بينظير ڀٽو جي شهادت سميت انيڪ سانحا، انهن سان سلهاڙيل سوال، اڃا اتي بيٺا آهن. اسان انهن کي هڪ پاسي ناهيون ڪري سگهيا.

اليڪشن 2024ع ۾ ٿيل مامرن جي سنگين الزامن ۽ سوالن کي به هتي ساڳي ريت منهن ڏنو پيو وڃي. هر اميدوار فارم 45 کڻي ڪاميابيءَ جون دعوائون ڪندو، دانهون ڪوڪون ڪري رهيو آهي. مثال اهڙا جڙيل آهن، جيڪي ڏيندي به شرم ٿئي ٿو. اها ئي 2018ع جي اليڪشن هئي، قاسم سوريءَ جي مقابلي بيٺل اميدوار به ساڳي طرح رڙيون ڪندو رهيو، ڪجهه نه ٿيس، تان جو قاسم سوري نه فقط قومي اسيمبليءَ جو ميمبر رهيو پر ڊپٽي اسپيڪر پڻ ٿي ويو. هن پاسي سپريم ڪورٽ ۾ اهو معاملو چئن سالن تائين ‘حڪم امتناهي’ جو ور چڙهيل رهيو! هاڻي به پورو ملڪ فارم 45 ۽ 47 جي تضادن جي ور ئي چڙهيل آهي. راولپنڊيءَ جو ڪمشنر ڇا ٿو چئي؟ هن اليڪشن جي عمل تي آڱر ناهي کنئي، هن سڌو سنئون فارم 47 ۾ نتيجن کي تبديل ڪرڻ جو الزام مڙهيو آهي. اليڪشن جو درست ٿيڻ معنى فارم 45 جو ٺيڪ هجڻ آهي. ان پوزيشن ۾ جڏهن اهي سڀ دستاويز اليڪشن ڪميشن وٽ موجود آهن ته حل ڪڍڻ جا بجاءِ مختلف تاويلون ڇو پيون پيش ڪيون وڃن؟ اهو به ڄڻ ثابت ئي ٿي ويو آهي ته اميدوارن وٽ موجود فارم 45 ۽ آخري نتيجي فارم 47 جي وچ ۾ وڏا فرق آهن ته آخر ان ابهام کي اڳتي ڇو پيو وڌايو وڃي؟ جيڪڏهن ڪمشنر راولپنڊي لياقت علي چٺا وٽ ثبوت موجود آهن ته هن کي ڪنهن فورم تي ڇو نه پيو آندو وڃي، هو پاڻ روپوش ٿيو آهي يا گم ڪيو ويو آهي. في الحال ته اهو سوال ئي منجهائڻ لاءِ ڪافي آهي. ڪمشنر لياقت چٺا جي باري ۾ اهو دليل ته هو ٻن هفتن کانپوءِ رٽائر ٿي وڃي ها، ڪافي ناهي. ان جي پوري ريت جاچ ٿيڻ گهرجي، پر سوال اهو ته اها جاچ ڪير ڪري؟ ڇاڪاڻ ته هن ديس ۾ بدعنواني کي روڪڻ لاءِ جڙيل ادارا پاڻ رڪارڊ ڪرپشن ۾ ملوث هوندا آهن.

هي پوري صورتحال فقط ‘مان نه ٿو مڃان’ جي مصداق آهي. جڏهن ته فارم 45 بابت ابتدائي جاچ ئي نه پئي ڪئي وڃي. جڏهن ته ان حوالي سان ٽيڪنالاجيءَ کان مدد وٺي سگهجي ٿي. فارم 45 تي پولنگ اسٽيشن تي لاڳاپيل ٻن عملدارن پرزائيڊنگ آفيسر ۽ سينئر پرزائيڊنگ آفيسرن جي آڱوٺن جا نشان موجود آهن. جيڪڏهن نيت صاف هجي ته انهن جي آسانيءَ سان نادرا کان تصديق ڪرائي سگهجي ٿي. نتيجا ڏينهن نه پر ڪلاڪن ۾ اچي ويندا، پر وري به ساڳيو سوال ته اهو ڪير ڪري؟ ڇاڪاڻ ته چونڊون ڪرائڻ جي ذميداري نڀائيندڙ لاڳاپيل فورم يعني اليڪشن ڪميشن، ڪنهن به هڪ پهلوءَ کان ان معاملي ۾ سنجيده ته پري پر چپ چورڻ لاءِ به تيار ناهي. هن جي بقول ته سڀ ڪجهه صحيح آهي، جڏهن ته حقيقتون ان جي ابتڙ وهڪري ۾ هلن پيون. ڪجهه به ته درست ناهي. نتيجو، معاشري کي سالن کان وڪوڙيل ‘آسيب جو پاڇو’ وڌيڪ گَهِرو ٿئي پيو. خدا نه ڪري اهڙي صورتحال نه ٿي وڃي جو ڪجهه به ڏسي نه سگهجي. باقي حالتون ته يقينن ان پاسي ڏانهن تيزيءَ سان ڊوڙي رهيون آهن.