سنڌ ۾ تعليمي بورڊز جي امتحانن دوران ڪاپي روڪڻ لاءِ سخت قدم کڻڻ جواعلان

0
84

سنڌ ۾ تعليمي بورڊز جي امتحانن دوران ڪاپي روڪڻ لاءِ سخت قدم کڻڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي

بورڊز اينڊ يونيورسٽيز جي وزير محمد علي ملڪاڻي سکر ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته امتحانن دوران ڪاپي روڪڻ لاءِ اسپيشل ٽيمون جوڙيون وينديون، ڪاپي روڪڻ لاءِ صوبائي گهرو وزارت کان به مدد ورتي ويندي

صوبائي وزير چيو ته ڪاپي ۾ ملوث بورڊز ۽ تعليم کاتي جي آفيسرز خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي، ايندڙ سال کان نتيجا جاري ڪرڻ وارو سمورو نظام ڪمپيوٽرائيزڊ ڪيو ويندو، شاگرد گهر ويٺي پنهنجي موبائيل فون ۽ ڪمپيوٽرز تي نتيجا ڏسي سگهندا