مادري ٻولين جي قومي ٻولين واري حق کان انڪار

0
65
تخريب ۽ دهشت جو مَڪنو هاٿي
تاريخي، تهذيبي ماڳن ۽ قديم آثارن ڏانهن لاپرواهيءَ وارو رويو

ٻولي ڪنهن به قوم جي تشخص، بنيادي سڃاڻپ ۽ ثقافت جو اهم جز هوندي آهي. دنيا جي ملڪن ۾ مادري ٻولين جي ترقيءَ کي بنيادي انساني حقن ۾ شامل ڪيو ويو آهي. مادري ٻولين جي تدريس لازمي قرار ڏنل آهي. گڏيل قومن جي اداري يونيسڪو طرفان اڄوڪي ڏينهن (21 فيبروري) کي مادري ٻولين جو عالمي ڏينهن قرار ڏنو ويو آهي ۽ اهو ڏينهن اسان جي ملڪ سميت سڄي دنيا ۾ ملهايو پيو وڃي. اڄوڪي ڏينهن تي اسان جي ملڪ ۾ مادري ٻولين جي اهميت اجاگر ڪرڻ لاءِ مختلف تقريبون منعقد ڪيون وينديون آهن، سيمنيار ڪرايا ويندا آهن، مادري ٻولين جي تحفظ لاءِ شعلا بيانيءَ جا جوهر ڏيکاريا ويندا آهن، لفظن جي فضول خرچي ڪئي ويندي آهي ۽ اهو سڀ ڪجهه سال جي هڪڙي ئي ڏينهن، يعني اڄوڪي ڏينهن تي ٿيندو آهي ۽ باقي سڄو سال مادري ٻوليون هن ملڪ ۾ سرڪاري ۽ غير سرڪاري ادارن کان وسريل رهنديون آهن. افسوسناڪ رويو اهو آهي ته، هن ملڪ ۾ مادري ٻولين جي قومي ٻولين واري حق کان انڪار ٿيندو رهيو آهي.

نيو ورلڊ آرڊر، ميڊيا يلغار، مادري ٻولين جي ترقيءَ واري بنيادي انساني حق کان انڪار ۽ ٻين سببن جي ڪري دنيا ۾ مادري ٻوليون تيزيءَ سان پنهنجو وجود وڃائينديون وڃن. دنيا ۾ گهڻ قوميائي ۽ گهڻ ٻوليائي ملڪن ۾ مادري ٻولين کي قومي ٻوليءَ جي حيثيت ڏيئي انهن کي آئيني تحفظ ڏنو وڃي ٿو ته جيئن انهن جي ترقيءَ لاءِ موقعا فراهم ٿي سگهن پر اسان جي ملڪ جي صورتحال دنيا جي انهن ملڪن کان بنهه مختلف آهي. توڙي جو هي گهڻ قوميائي ۽ گهڻ ٻوليائي ملڪ آهي پر هتي مادري ٻولين کي قومي ٻولين جو درجو ڏيڻ کان انڪار واري روش رهندي آئي آهي. هن ملڪ جي قائم ٿيڻ جي 24 سالن اندر ٽُٽي وڃڻ جي سببن مان هڪ سبب مادري ٻولين کي انهن جو حق ڏيڻ کان انڪار پڻ آهي ۽ 1952ع ۾ بنگالي ٻوليءَ جي قومي ٻوليءَ واري رتبي لاءِ هلايل جدوجهد ان جو بنياد بڻي. بنگالي ٻوليءَ جي ان حق لاءِ احتجاج ڪندڙ شاگردن تي، ڍاڪا ۾ گوليون هلايون ويون، وڏي تعداد ۾ شاگرد شهيد ٿيا ۽ نيٺ 1956ع ۾ بنگالي ٻوليءَ کي اردو ٻوليءَ سان گڏ قومي ٻوليءَ جو رتبو ڏنو ويو ۽ گڏيل قومن جي اداري يونيسڪو ان جدوجهد ۽ قربانين جي ياد ۾ ان ڏهاڙي (21 فيبروري) کي مادري ٻولين جو عالمي ڏينهن قرار ڏنو. توڙي جو هتي جي حڪمرانن کي تاريخ مان سبق سکڻ گهرجي ها، پر ايئن نه ڪيو ويو ۽ مادري ٻولين خلاف جبر ۽ ان جي قومي ٻولين واري حق کان انڪار جي روش جاري آهي. سنڌي ٻوليءَ جي ته پنهنجي صورتخطي آهي ۽ انگريزن جي دور ۾ 1853ع کان وٺي سنڌي ٻوليءَ کي پرڳڻي جي واحد سرڪاري ۽ دفتري ٻوليءَ جي حيثيت حاصل رهي ۽ ورهاڱي بعد سنڌي ٻوليءَ کي ان رتبي کان محروم ڪيو ويو. پاڪستان ۾ سنڌي، بلوچي، پشتو، پنجابي، سرائيڪي، بلتي ۽ براهوي سميت 9 ٻولين کي قومي ٻولي قرار ڏيڻ لاءِ مطالبا ٿيندا رهيا آهن. پارليامينٽ ۾ مختلف وقتن تي تحرڪ به ڏسڻ ۾ ايندو آهي، بل پيش ٿيندا آهن پر پوءِ اهڙي تحرڪ جي رستي روڪ ڪئي ويندي آهي. معاملي کي ڪاميٽين جي سرد خاني حوالي ڪيو ويندو آهي. اها روش وفاقي سطح تي ته جاري آهي پر سنڌ سرڪار ۽ سنڌ جا چونڊيل نمائندا به ان حوالي سان پنهنجي مينڊيٽ جو حق ادا ڪري ناهن سگهيا. سنڌ جي گاديءَ واري شهر ڪراچيءَ جي سرڪاري اسڪولن مان به سنڌي ٻوليءَ کي نيڪالي مليل آهي. صرف چند اسڪول آهن، جتي سنڌي ٻولي پڙهائي وڃي ٿي. سڄي سنڌ جي خانگي اسڪولن ۾ ته سنڌي ٻولي ممنوع بڻيل آهي. سنڌ ۾ تعليم جي سرڪاري شعبي کي منظم رٿابنديءَ سان تباهه ڪيو ويو آهي. خانگي شعبي کي اڳتي وڌڻ لاءِ ميدان فراهم ڪيو ويو آهي. هاڻي ته نه صرف وڏن شهرن ۾ پر ننڍن شهرن ۽ وسندين ۾ به خانگي اسڪول کنڀين وانگر ڦُٽي پيا آهن، جتي شاگردن کي سنڌي مادري ٻولي نٿي پڙهائي وڃي ۽ اهي اسڪول انگريزن جو ‘بليڪ ايڊيشن’ تيار ڪرڻ واري گس تي هلي رهيا آهن. لساني ڪمتري جو احساس ايترو، جو والدين به خوش آهن ته سندن اولاد “انگريز” پيو ٿئي. ٿورو سوچيو ته جڏهن سنڌي ٻولي نه پڙهندڙ اهو نسل وهيءَ چڙهندو ته سنڌي ٻولي ڪٿي هوندي؟

توڙي جو حڪومت طرفان پرائيويٽ اسڪولن جي ڊائريڪٽوريٽ قائم ٿيل آهي، جنهن جو ڪم نگراني، رجسٽريشن ۽ ٻين معاملن کي ڏسڻ آهي، پر اها ڊائريڪٽوريٽ خانگي اسڪولن کي سنڌي ٻولي پڙهائڻ لاءِ مجبور ڪري نه سگهي آهي. توڙي جو مختلف وقتن تي سنڌ جي حڪمرانن جا سنڌي نه پڙهائيندڙ خانگي اسڪولن جي رجسٽريشن ختم ڪرڻ وارا بيان ته ايندا رهن ٿا، پر اِهي هاٿيءَ جا اُهي ڏند آهن، جيڪي صرف ڏيکارڻ جا آهن. اها پڻ حقيقت آهي ته خانگي اسڪولن وارا هاڻي ايترا ته سگهارا ٿي ويا آهن، جو اهي حڪمرانن کي به ليکي ۾ نٿا آڻين، ته اهي پرائيويٽ اسڪولن جي مانيٽرنگ لاءِ قائم اداري جي انتظاميا کي ڪهڙي اهميت ڏيندا؟ ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته سمورن خانگي اسڪولن کي سنڌي ٻوليءَ جي تدريس لاءِ پابند ڪيو وڃي ۽ ان تي عمل ڪرايو وڃي. ملڪ جي سمورين مادري ٻولين کي قومي ٻولين جو درجو ڏنو وڃي، جيڪو انهن جو حق ۽ بنيادي انساني  حق آهي.