تعليم سڀني لاءِ ضروري!

 

اڄوڪي دور ۾ تعليم اسان لاءِ تمام ضروري آهي، تعليم کان سواءِ ماڻهو ڄڻ ته اکين ۽ شعور کان انڌو آھي. جيئن امام حضرت علي عه جن جو قول آھي ته “پينگھي کان وٺي قبر تائين علم حاصل ڪيو.“ ۽ حضور ﷺ جن جو به قول آهي ته “توهان علم حاصل ڪيو پوءِ ان لاءِ ڀلي توهان کي چين به ڇو نه وڃڻو پوي.” ھن جديد ٽيڪنلاجي جي دور ۾ ته تعليم ڪيتري نه سولي ٿي چڪي آھي جو ماڻهو گھر ويٺي به حاصل ڪري سگهي ٿو, ھاڻ ته رڳو توهان گوگل جي سرچ واري جگھ تي ڪلڪ ڪيو ھو توهان کي سڄي دنيا جو مواد توهان جي موبائيل جي اسڪرين تي اچي وڃي ٿو. تعليم صرف ڪنهن فرد جو، لکي پڙھي سگھڻ جو نالو ناهي پر جديد دور جي گھرجن موجب فني ۽ ٽيڪنيڪل ھنر کان واقف نوجوان گھرجن، جديد دور ۾ بنيادي تعليم ڪنهن به معاشري کي اڏڻ جي لاءِ ڪافي ناهي پر ان سان گڏ ھنر، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي ۾ پڙهڻ پڻ انتهائي لازمي بڻجي ويو آهي.

 

زاھد حسين زرداري/ڳوٺ گھنور خان زرداري

 

سنڌ جو روڊن جي اڻهوند وارو علائقو!

ڪاڇو سنڌ جو تمام پوئتي پيل علائقن ۾ ڳڻجي ٿو جتي ٻين سهولتن سميت روڊن تي نظر وجهبي ته ظلم جي انتها نظر ايندي، گذريل 22 ورهين کان ڪچي مٽي جي نقشن سان ٺاهيل روڊ پڪا نه ڪيا ويا آهن ۽ جيڪي پڪا ڪيا ويا انهن اسڪيمن جا ڪروڙين رپين جا ٺيڪا وٺي لکين رپين ۾ ناقص مٽيريل سان مڪمل ڪرڻ بعد ڪجھ مهينن اندر اهي روڊ تباهه ٿي ويا. روڊ انساني بنيادي سهولتن مان هڪ آهن، اسان جو علائقو مڙني سهولتن کان محروم آهي، سنڌ جي شهري علائقن ۽ ڪاڇي جي علائقن ۾ روڊن جي اڻھوند آهي، گذريل 13 سالن کان سنڌ ۾ پ پ جي گورنمينٽ هوندي خاص طور ڪاڇي جي علائقن ۾ روڊن جي بهتري لاءِ ڪي به قدم ناهن کنيا ويا، انهن جي مرمت جا ڪروڙين رپيا روڊس کاتي دادو جي انجنيئر سميت تمام آفيسرن ۽ ٺيڪيدارن پاران هڙپ ڪيا ويا. ورهين کان روڊن تي هڪ پٿر به نه وڇايو ويو جنهن سبب روڊن تي سفر ڪندڙ گاڏين کي ته نقصان پهچي ٿو پر انساني زندگيون موت جي منهن ۾ آهن. سرڪاري طرفان دعوائون ڪيون وڃن ٿيون ته ڪاڇي ۾ روڊن جو ڄار وڇايو ويو آهي سرڪار جي انهن دعوائن موجب روڊن نه پر انسانن جي موت جو ڄار وڇايو ويو آهي. ڪيترائي انسان پنهنجون قيمتي جانيون وڃائي ويٺا آهن، ڪاڇو جتي روڊن جي اڻھوند سبب رهواسين جون زندگيون داءَ تي لڳل آهن، 10 سال اڳ اسڪيمن جا ڪروڙين رپيا هڙپ ڪيا ويا، ڪاڇي ۾ خراب روڊن سبب رهواسي ڏکيائين کي منهن پيا ڏين. هن معاملي تي سنڌ جي ايندڙ وزيراعليٰ سنڌ، پ پ چيئرمين کي گذارش ٿي ڪجي ته ڪاڇي جي پٺتي پيل شهرن کي ڏنل روڊن جو ڪم مڪمل ڪرائي علائقي واسين جون تڪليفون ختم ڪيون وڃن.

 

محمد اسماعيل لانگاهه/ ڊرگهه بالا، ڪاڇو

 

سول اسپتال خيرپورميرس ۾ ڊاڪٽر سان گڏ دوائون به اڻلڀ!‎

 

تعليم سان سان گڏ انسانن لاءِ صحت به بنيادي حقن مان ھڪ حق آھي، سنڌ جي سرڪاري اسپتالن جو حال انتهائي خراب آھي، جتي مريض ايمرجنسي م به اسٽرڪچر ۽ ويل چيئر لاءِ پريشان آھن. خيرپور سول اسپتال جو به اھڙو ئي خراب حشر آھي جتي مريض ايمرجنسي ۾ ته وڃي ٿو پر اتي رات جي پھر ۾ نه ته ڪو ڊاڪٽر ملي ٿو ۽ نه وري ڪو مريض کي کڻڻ جي لاءِ اسٽريڪچر يا ويل چيئر ملي ٿي، رات جي وقت صرف نوان سيکراٽ ڇوڪرا اسپتال ۾ موجود هوندا آھن جن کي انجيڪشن ۽ بلڊ پريشر به چيڪ ڪرڻ ڪو نه ايندو آهي. اربين رپين جي بجيٽ خبر پوي نٿي پوي ته ڪيڏانھن پئي وڃي ۽ ڪٿي پئي خرچ ٿئي؟ خيرپور سول اسپتال ۾ ڊاڪٽر صحيح ڊيوٽيون نه پيا ڪن، اھي پنھنجي خانگي اسپتالن ۽ سينٽرن تي وڌيڪ وقت ڏين ٿا. هتي ڊيوٽي ڪرڻ جون صرف پگھارون کڻن ٿا، مريضن کي صحيح طرح  چيڪ اپ، صحيح علاج به نه پيا ڪن. سول اسپتال خيرپور جي ٻاھران ٺيڪ ۽ مھيني جي فڪس تي ٽيسٽيون ڪرايون ٿيون وڃن، ٽيسٽين جون اڪثر رپورٽون به غلط ٿيون اچن. سول اسپتال خيرپور ۾ سھولتون مريضن کي نه ٿيون ڏنيون وڃن نه ئي وري صحيح طرح انهن جو علاج ٿئي ٿو نه وري مريضن کي دوائون ملن ٿيون. ڊاڪٽر به ايمرجنسي ۾ ڊيوٽيون نٿا ڪن. اسان موجودھ ۽ ايندڙ نئين حڪومت کي گذارش ٿا ڪريون ته خدارا مريضن تي رحم ڪريو ۽ گھٽ ۾ گھٽ ايمرجنسي وارڊ ۽ شعبي ۾ ڊاڪٽرن کي ڊيوٽيون ڪرڻ جو پابند ڪيو وڃي ته جيئن مريض موت جي منھن کان بچي سگھن.

 

شفيق وساڻ/ڳوٺ جھنگو وساڻ

گذريل دور ۾ ٿيل ڪرپشن جي جاچ ڪرايو!

 

ٽائون ڪاميٽي احمدپور جيڪو 80 ھزار آبادي وارو شھر ھئڻ باوجود به تعلقي جو درجو ماڻي نه سگھيو آهي پر ٽائون  ڪاميٽيءَ جو درجو ضرور مليو اٿس، ھن شھر جي بجيٽ 60 لک رپيا آهي ۽ 6 وارڊن تي ٻڌل آهي، جنهن ۾ مشهور ڳوٺ پڻ شامل آهن، جنهن ۾ ڀليڏنو ميتلو، مبارڪ شر، وسطڙا ڳوٺ ۽ کنڀڙا شامل آهن پر جيڪڏهن اسين شھر جي حالت ڏسنداسين ته اسان کي ڪو ترقياتي ڪم نظر نه ايندو، جيڪڏهن احمدپور جي چئرمين ڪو ڪم ڪرايو به آهي ته اھو شھر ۾ نالين جو ڪم آهي، جنهن کي به پنجن سالن ۾ مڪمل نه ڪرائي سگھيو آهي، جنهن جي ڪري نالين مان اٿليل گندو پاڻي شھر جو رخ ڪندي گندگي ڦهلائي رھيو آهي، جنهن ڪري ڪيترين ئي بيمارين شھر ۾ منهن ڪڍيو آھي، ٻيو ته وري ڪجهه وقت اڳ چيئرمين ۽ وائيس چيئرمين جو ٽائون جي پئسن تي تڪرار ميڊيا تائين پهتو هو، 5 سالن ۾ احمدپور ۽ آسپاس ۾ ڪو ڪم نه ڪرائيندڙ چيئرمين جيڪو عھدي کان اڳ 20 ھزار جي موٽر سائڪل تي گھمندو ھو ۽ غريباڻي گھر ۾ رھڻ واري وٽ آخر اوچتو 8 لک جي ڪار ۽ بنگلا ڪٿان آيا؟ اھو به ھڪ اھم سوال آهي ته ٽائون ۾ ماليءَ جو ڪم ڪندڙ آخر اڪائونٽنٽ ڪيئن ٿيو؟ وائيس چيئرمين وٽ 5 سالن ۾ ڪرياني جي دڪان مان ڪروڙن جي پلاٽن جا پئسا ڪٿان آيا؟ اسان جي سنڌ جي وڏي وزير ۽ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو کي اپيل آهي ته احمدپور جي ڪرپٽ چيئيرمين خلاف ڪارروائي ڪري شھر ۾ ڪم ڪرايا وڃن جيئن شھرين کي رليف ملي سگهي.

 

نزاڪت علي/ احمدپور، خيرپورميرس

 

نوجوان جي لاءِ گھڻ گھرجائو ڪم!

 

اسان وٽ جيئن جيئن سوشل ميڊيا جو لاڙو عام ٿيندو پيو وڃي تيئن تيئن اهو ماڻھن جي دماغن تي انتھائي گھڻو اثرانداز ٿيندو رھيو، تان جو اڄوڪو پسمنظر اسان جي اڳيان آھي ڇو ته اھڙو گھر ڪو به ماڻهو ڪونه ھوندو جنھن گھر ۾ ٽچ موبائيل نه ھجي! اڪثر طور تي غيرسنجيده نوجوان پنھنجو قيمتي وقت سوشل ميڊيا تي وڃائيندا آھن. ھونئن ته عام زندگي ۾ سوشل ميڊيا جو ڪارج ڪو ڀوڳ ناھي ڇو جو فيس بڪ وغيره نيٽ ورڪ تي انتھائي گھڻي ملڪي حالتن ۽ عام ماڻھن جي زندگي بابت ڄاڻ ملي ٿي پر حقيقت اھا آھي ته ڪتابن جي دلبري کي به وسارڻ نه گھرجي، ڪتاب ئي بھترين ساٿي رھيا آھن اڪيلائي جي وندر ۽ ورونهن به ڪتاب جي سٿ ۾ شامل آھي. ادبي نوعيت جي ڪتابن سان وچڙڻ ڪري مختلف شخصيتن جي حوالي سان بنھ گھڻي معلومات ملي سگھي ٿي، ان ڪري دماغ ۽ دل کي ڪتابن ڏانھن به ٿورو گھڻو ڌيان ڪرڻ گھرجي. نوجوانن کي پنھنجا ڪورس ۽ درسي ڪتاب به وسارڻ نه کپن. خاص ڪري سائنسي ۽ لوڪ ڪھاڻين جي ڪتابن سان دلچسپي رکڻ ڪري ڏاھن ۽ سائنسدانن بابت ڪارائتي ڄاڻ ملي سگھي ٿي. ننڍڙن ٻارڙن کان وٺي نوجوانن ۽ وڏن ماڻھن کي انگريزي، اردو ۽ سنڌي ادب ۾ ڇپيل ڪتابن ۽ بايوگرافي تي ٻڌل خاڪن کي پڙھڻ سان ھڪ ته ڄاڻ وڌندي ٻيو ته گذريل وقت جا حالتن بابت به گھڻو ڪجھ سمجھي سگھجي ٿو، ان جي ڪري جيترو وقت توهان سوشل ميڊيا کي ڏيو ٿا ان کان به وڌيڪ وقت ڪتابن کي ڏيو ته هوندا توهان دنيا جا اڪابر ٿي وڃو.

 

ڪيلاش ميگھواڙ/ٿرپارڪر