مادري زبانن جي عالمي ڏھاڙي جي مختصر تاريخ

0
57
ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪراچي سٽي ڪورٽ مان قاتل فرار ، اي ايس آءِ سميت 3 اھلڪار گرفتار ، ان ڏس ۾ عوامي /ڏسو صفحو 2 بقايا 20 ڪالوني پوليس قتل جي الزام ۾ جوابدار شوڪت کي گرفتار ڪري عدالت ۾ پيش ڪيو، جتي قيدي پوليس جي موجودگي ۾ آساني سان فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو، سٽي ڪورٽ پوليس جو چوڻ آھي تھ جوابدار جي هٿن ۾ لڳل هٿڪڙيون صحيح بند نه ڪيون ويون ھيون، جوابدار سان گڏ پوليس جا ٽي اهلڪار به موجود هئا، واقعي بعد اي ايس آءِ رمضان، ڪانسٽيبل شميم ۽ ايوب کي حراست ۾ ورتو ويو، واضح رھي تھ جيل ۽ ڪورٽ پوليس جي لاپرواهي سبب هڪ مهيني دوران 3 قيدي فرار ٿي چڪا آھن،

  بنگالي قوم ڏاڍي خوشنصيب قوم آهي جو نوي واري ڏھاڪي دوران انھن جي مادري ٻولين واري موقف کي دنيا پاران نه صرف تسليم ڪيو ويو پر گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي 2002ع ۾ پنھنجي ھڪ ٺھراءُ 56/262 جي ذريعي مادري ٻولين جي واڌ ويجھ، بچاءُ ۽ انھن کي محفوظ ڪرڻ جي لاءِ ھر سال فيبروري 21 واري ڏھاڙي کي مادري ٻولين جي عالمي ڏھاڙي جي طور تي ملھائڻ جي لاءِ ميمبر ملڪن تي زور وڌو. ھن کان اڳ 1999ع ۾، يونيسڪو (يونائٽيڊ نيشنز ايجوڪيشنل، سائنٽيفڪ اينڊ ڪلچرل آرگنائيزيشن) پاران ھن ڏينھن کي ملھائڻ جي لاءِ ھڪ پڌرائي جاري ڪئي وئي ھئي. ھر سال مادري ٻولين جو ڏھاڙو ملھائڻ جي پويان اصل ۾ گڏيل قومن جو اھو خاص تحرڪ ۽ ڌيان آھي، جنھن جو مقصد ھي آھي تہ سڄي دنيا جي ٻولين کي محفوظ ڪرڻ ۽ انھن جي فروغ تي سنجيدا ٿي ڪري ڪم ڪيو وڃي. پنھنجي انھيءَ مقصد جي لاءِ گڏيل قومن جي جنرل اسمبلي 2007ع ۾، ھڪ ٻيو ٺھراءُ 61/266 پاس ڪيو ھو جنھن جي ذريعي 2008ع کي “ٻولين جو عالمي سال” قرار ڏنو ويو ھو. ٻولين کي مان ڏيڻ جي لاءِ بنگالي قوم جي ھي ڪا سياسي حڪمت عملي نه ھئي پر ھن ڪم جي پويان ھنن جو اھو غم ۽ رنج ضرور آھي جنھن جو واسطو ڍاڪا شھر ۽ سن 1952ع سان آھي. پاڪستان جي سرڪار جڏھن رياست جي قومي زبان واري معاملي تي بضد ھئي تہ اھي بنگالي ھئا جيڪي پاڪستان سرڪار سان ٻولي واري معاملي تي سئو سيڪڙو صاف ۽ چٽا ھئا. 1952ع ۾، ٻولي معاملي تي پاڪستان سرڪار پاران انڪار تي ھو رستن تي آيا. ھنن جي ٻولي سان بي انتھا سچائيءَ هڪ مڪمل سياسي پر قومي تحريڪ جو روپ اختيار ڪري ورتو. پنهنجي ٻولي کي پاڪستان ۾، اردو سان گڏ قومي ٻولي جو درجو ڏيارڻ جي لاءِ هنن پاڪستان جي باني قائداعظم محمد علي جناح جي بہ نہ ٻڌي. 24 مارچ 1948ع ۾، ڍاڪا يونيورسٽي ۾، شاگردن جي ڪانووڪيشن ۾، خطاب ڪندي قائداعظم فرمايو: “مونکي پاڪستان جي لاءِ سرڪاري زبان واري سوال تي پنهنجي خيالن جو اظهار ڪرڻ ڏيو. هن صوبي ۾، دفتري استعمال جي لاءِ، صوبي جو عوام پنهنجي مرضي جي مطابق، ڪنهن بہ زبان جي چونڊ ڪري سگهي ٿو. هن سوال جو فيصلو صرف ۽ صرف صوبي جي عوام جي خواهشن جي مطابق ڪيو ويندو، ھن معاملي تي بغير ڪنھن روڪ رنڊڪ جي، ۽ مڪمل غير جانبداري سان صوبي جي چونڊيل نمائندن پاران وقت بہ وقت اظهار ٿيندو رهي ٿو. باوجود ان جي پوري ملڪ ۾ رابطي جي زبان صرف هڪ ئي ٿي سگهي ٿي. منھنجو مطلب ھي آھي تہ ملڪ جي مختلف صوبن جي وچ ۾ گڏيل رابطي جي زبان ڪابہ ٻي زبان ٿي نٿي سگهي. رابطي جي زبان کي صرف اردو ئي هجڻ گهرجي، واضع طور تي ملڪ جي قومي زبان صرف ۽ صرف اردو کي هجڻ گهرجي.“

مٿي بيان ڪيل تحريڪ جي تاريخ تي نظر وجھئون ٿا تہ ان تحريڪ جي نتيجي ۾، اوڀر بنگال، بنگلاديش بڻجي ويو ۽ دنيا جي گولي تي هڪ آزاد ملڪ جي حيثيت اختيار ڪري ورتي. معلوم ٿئي ٿو تہ بنگالي قوم پنهنجي زبان جي معاملي ۾ ڪنھن بہ اگر مگر کان مٿاھون ٿي ڪري سوچيو. 11 مارچ 1948ع منجهند ڌاري ڍاڪا يونيورسٽي ۽ ان سان لاڳاپيل ٻين تعليمي ادارن جا شاگرد پنهنجي زبان کي سرڪاري درجو ڏيارڻ جي لاءِ گڏجي احتجاج ڪن ٿا. ھنن جو مطالبو آهي تہ بنگالي زبان کي ملڪ جي سِڪن، پوسٽ آفيس جي ٽڪلين، فوجي ڀرتين جي ٽيسٽن تي نمايان ڪيو وڃي. مظاهري دوران قانون لاڳو ڪندڙ ادارن سان چڪرين ۾ ڪيترائي شاگرد زخمي ٿي پون ٿا. ڪيترائي اسپتال ڀيڙا ۽ ڪيترن کي گرفتار ڪري لاڪپ ڪيو وڃي ٿو. هڙتال ساندہ چار ڏينهن جاري رهي ٿي. ان دوران بنگال جو وڏو وزير خواجا ناظم الدين شاگردن کي ٿڌو ڪرڻ جي لاءِ بنگالي زبان کي رياستي زبان تسليم ڪرڻ کانسواءِ ڪجھ نقطن ۽ شرطن تي شاگردن جي اڳواڻن سان ٺاھ ڪري ٿو پر، ڳالھ گهڻو اڳتي نڪري چڪي آهي. ٻولي فسادن جو وڌي وڃڻ جي امڪان کي نظر ۾ رکندي قائداعظم 19 مارچ تي ڍاڪا پهچي ٿو، 21 مارچ تي شهرين پاران ڏنل آجياڻي ۾ تقرير ڪندي فرمائي ٿو: “ٻولي مامرو مسلمانن جي دشمنن پاران اٿاريل آهي تہ جيئن مسلمان پاڻ ۾ گڏجي نہ رهن.” قائداعظم شاگردن جي مطالبي کي مسلمانن جي خلاف سازش قرار ڏيندي اعلان ڪري ٿو: “اردو صرف اردو، مسلمان قومن جي روح کي جوڙي ٿي.” هو وڌيڪ چئي ٿو: “جيڪي هن جي خيالن سان سهمت نٿا ٿين اهي پاڪستان جا دشمن آهن.” قائد اعظم پاران ساڳين خيالن کي 24 مارچ تي ڍاڪا يوينورسٽي واري خطاب دوران ٻيهر ورجايو ويو. قائداعظم شاگرد اڳواڻن ۽ خواجا ناظم الدين جي وچ ۾ ٿيل معاهدي کي رد ڪيو. ڍاڪا ڇڏڻ کان اڳ 28 مارچ تي ريڊيو تي تقرير ڪندي “صرف اردو پاليسي” تي زور ڏنو.

بنگالي نوجوان بہ مڙڻ جا ڪٿي هئا، مظاهرا، هڙتالون، احتجاجن کي جاري رکندا آيا ڳالھ اتي اچي پهتي جو ٻولي معاملي تي چئن سالن دوران دکندڙ دونھون 1952ع ۾ هڪ چڻنگ جي شڪل اختيار ڪري چڪو ھو. خواجا ناظم الدين “صرف اردو پاليسي” جو دفاع ڪندو رهيو. شاگرد اڳواڻن پاران 31 جنوري تي ايَ پي سي ايل ايَ سي (آل پارٽيز سينٽرل لينگويج ايڪشن ڪاميٽي) جوڙي وئي.21 فبروري تي پوري ڍاڪا شهر ۾ وڏو احتجاج ڪرڻ جو پروگرام جوڙيو ويو. جڏهن 21 فيبروري آئي تہ شاگرد پتنگن وانگي مُچا ٿيندا ويا. پوليس قلم 144 جي نفاذ جي پابندي نہ ڪرڻ جي ڏوھ ۾ شاگردن مٿان ڳوڙها گئس جو استعمال ڪيو ۽ لٺ بازي ڪئي. نتيجي ۾ ڳالھ ھٿن مان نڪري وئي. پوليس پاران سڌيون گوليون هلايون ويون. تمام گهڻي تعداد ۾ شاگرد زخمي ٿي پيا ۽ پنجن شاگردن پنھنجي زندگي جي بازي ھارائي ڇڏي. سڄو بنگال سوڳ ۾ وٺجي ويو. ايڪشن ڪاميٽي ۽ عوامي ليگ جي سهڪار سان 21 فيبروري کي هر سال قومي ڏهاڙو ڪري ملهائڻ جو فيصلو ڪيو ويو. ھن سوڳ بنگالين ۾ قومي سڃاڻپ کي هٿي ڏني ۽ بنگالي قومپرست تحريڪن جنم ورتو. 1966ع ۾ ان وقت جي صدر ايوب خان جي خلاف لاهور ۾ هڪ قومي ڪنوينشن منعقد ڪيو ويو جنهن جي صدارت ڪنهن ٻئي نہ پر پاڪستان جهموري پارٽي جي سربراھ جناب نوابزادي نصرالله خان (13 نومبر 1916 – 27 سيپٽمبر 2003) ڪئي. ان ڪانفرنس ۾ شيخ مجيب الرحمان (17 مارچ 1920-15 آگسٽ 1975) بہ شريڪ ٿيو. ان ئي ڪانفرنس ۾ پهريون ڀيرو شيخ مجيب الرحمان پنهنجا 6 نقطا بہ پيش ڪيا. 6 نقطا اصل ۾ 6 نقاطي اها تحريڪ هئي جنهن کي اڀاريو تہ اوڀر پاڪستان جي قومپرست تحريڪن پاران ويو ھو پر هنن کي اڳتي کڻي هلڻ ۾ شيخ مجيب الرحمان جو ڪردار نمايان رهيو. هنن نقطن کي پيش ڪرڻ جو مقصد بہ هي هو ته اولھ پاڪستان جو رويو اوڀر پاڪستان سان ٺيڪ نہ آهي، تنهن ڪري هنن نقطن ذريعي بنگال جي لاءِ وڌيڪ خودمختاري جي گهر ڪئي وئي. مجيب جي نقطن کي رد ڪندي هن تي علحدگي پسند جو ٺپو لڳايو ويو. تاريخ ۾ هي نقطا بنگلاديش جي آزادي جي لاءِ سنگِ ميل جي طور تي ياد رکيا وڃن ٿا. بنگالي ٻولي ڳالهائيندڙ عوام کي هي کٽڪو تہ سدائين رهندو آيو تہ اولھ پاڪستان جي سرڪار هنن سان ڪجھ سٺو نہ پئي ڪري. مختلف وقتن تي هنن پنهنجو آواز ايوانن تائين پهچايو بہ سهي پر هنن تي هر دفعي علحدگي پسندن جو الزام لڳندو رهيو ۽ مرڪزي سرڪار جو رويو بنگالي عوام جي لاءِ سخت کان سخت ٿيندو ويو. بي اعتمادي جي ھن ماحول ۾ آخرڪار اهو وقت بہ اچي ويو جو ملڪ جي ٻنهي حصن ۾ 1970ع وارين عام چونڊن جو چرچو عام جام ٿيندو رھيو. چونڊن جي نتيجن کي تسليم نہ ڪرڻ جي سبب بنگال صوبو ملڪ بنگلاديش بڻجي ويو. بنگلاديشي حڪومت 1981ع ۾، بنگالي ٻولي ايڪٽ کي لاڳو ڪيو. اھڙي طرح سان هرسال 21 فيبروري واري تاريخ کي بنگالي قوم پاران ٻولي جو قومي ڏهاڙو ڪري ملهايو وڃي ٿو. هن ڏينهن جي نسبت سان ڍاڪا ۾ هڪ يادگار بہ جوڙيو ويو آھي. نہ صرف ايترو پر بعد ۾ ھن ڏھاڙي کي بين الاقومي طور تي ملھائڻ جي لاءِ بنگال جي سرڪار اڳتي آئي يونيسڪو کي اعتماد ۾ ورتو ويو ۽ اھڙي طرح سان مادري زبانن کي فروغ ڏيڻ، انهن کي تحفظ ڏيڻ ۽ محفوظ ڪرڻ جي لاءِ 21 فيبروري کي هرسال بين الاقوامي طور تي دنيا جي ٻولين جو ڏهاڙو ڪري ملهائڻ جو اعلان بہ عمل ۾ آيو. سن 2000ع کان ڪنھن نہ ڪنھن موضوع (ٿيم) ھيٺ ھن ڏينھن کي سڄي دنيا ۾ مادري ٻولين جو عالمي ڏينھن جي طور تي ملھايو وڃي ٿو. سال 2024ع جو موضوع آھي “گھڻ ٻوليائي تعليم بين النسلي تعليم جو ھڪ ٿنبو آھي.” يعني مادري زبانون تعليم ڏيڻ ۾، خواندگي کي وڌائڻ ۾، ٻين زبانن کي سکڻ ۾ ۽ مختلف ثقافتن کي ويجھو آڻڻ ۾ مددگار بڻجن ٿيون. پاڪستان ۾ بہ قومي ۽ صوبائي سطح تي مختلف تنظيمن، تعليمي ادارن، ۽ قومي ۽ صوبائي ادارن پاران ھن ڏينھن جي مناسبت سان کوڙ سارا پروگرام تہ ڪيا وڃن ٿا پر اھي سڀ رسمي پروگرامن جي طور تي ملھايا وڃن ٿا. ھن ملڪ ۾ ٻولين جو مسئلو اڄ بہ جيئن جو تيئن موجود آھي. پاڪستان کي اشرافيا جي خواھشن ۽ مرضين سان انتشار طرف وٺي وڃڻ کان بھتر آھي تہ پاڪستان کي، پاڪستاني ثقافتي تنوع جي مدد سان باوقار ملڪ بڻائڻ تي وڌ ۾ وڌ ڌيان ڏنو وڃي.