پاڪستان جو آئين ۽ مخصوص سيٽون

0
58
پاڪستان جو آئين ۽ مخصوص سيٽون

پاڪستان اڄ جن بحران کي منهن ڏئي رهيو آهي ان جو هڪ بنيادي سبب پاڪستان ۾ آئين ۽ قانون جي حڪمراني نه هجڻ آهي. پاڪستان جي سياست ۾ آئين جي حڪمراني صرف نعريبازي تائين محدود آهي. ملڪ جو ڪو به ادارو آئين جي بالادستي قائم ڪرڻ لاءِ تيار ناهي. پاڪستان نالي ۾ هڪ جمھوري ۽ وفاقي ملڪ آهي. اهو سوال الڳ آهي ته پاڪستان ۾ ڪڏهن به حقيقي جمهوريت ۽ وفاقيت نه رهي آهي. پر نالي ۾ ئي صحيح هڪ جمهوري ۽ وفاقي ملڪ هئڻ جي حيثيت ۾، هڪ وفاقي آئين (1973 جو آئين) هجڻ جي ڪري پاڪستان جي سمورن ادارن مٿان اها ذميواري لاڳو آهي ته هو ان دستاويز جي روشني ۾ پنهنجو ڪارونهوار ھلائن پر پاڪستان ۾ سدائين الٽي گنگا وهندي آئي آهي. اڄ جڏهن تحريڪ انصاف مخصوص سيٽون حاصل ڪرڻ لاءِ سني ڪائونسل اتحاد ۾ شموليت جو فيصلو ڪيو آهي ته ان صورتحال ۾ ضروري آهي ته ادارن ۽ سياسي پارٽين طرفان پاسيرو ڪيل ملڪ جو آئين جيڪو هن رياست ۽ عوام وچ ۾ معاهدو آهي، جيڪو سمورن قانونن کان وڌيڪ آهي، جنھن ۾ ڪنھن به اداري کي ان ۾ گھٽ وڌائي ڪرڻ جو ڪو اختيار ناهي (سواءِ پارليامينٽ وسيلي وڏي اڪثريت سان ان ۾ ترميم ڪرڻ جي) جنھن ۾ اليڪشن ڪميشن ۽ سپريم ڪورٽ کان ويندي بيوروڪريسي جي اختيارن ۽ ڪمن جي لسٽ ڏنل آهي، جيڪو انھن سمورن ادارن جي رهنمائي ڪندڙ آهي ان بنيادي ۽ اهم دستاويز کان رهنمائي وٺجي ته اهو ان صورتحال ۾ ڇا ٿو چوي؟ ڇا واقعي تحريڪ انصاف آئيني طور مخصوص سيٽون حاصل ڪرڻ جي مجاز آهي؟ سڀ کان پھرين ڳالهه ته پاڪستان جي سياسي تاريخ شاهد آهي ته آئين کي جهڙي طريقي سان پاسيرو ڪري ان کي بي عمل بڻايو وڃي ٿو. ان جو بدترين مثال سواءِ پاڪستان جي ٻئي ڪنھن به ملڪ ۾ ورلي ملندو. مخصوص سيٽن تي آئين جي روشني ۾ ڪجھ گذارش کان پھرين اچو ته ڏسون ته چونڊن کانپوءِ جي سموري عمل بابت آئين پاڪستان ڇا ٿو چئي؟ ڇاڪاڻ ته هي جيڪي چونڊون ۽ ادارا ڪم ڪن ٿا سڀ هن آئين جي ماتحت ئي آهن ۽ ان ڏسيل اصولن تحت ئي هلڻ جا پابند آهن.

پاڪستان جي 1973 جي آئين جيڪو هن وقت پاڪستان ۾ نافذ العمل آهي موجب صدر پاڪستان قومي اسيمبلي جي نئين سيشن کي گهرائڻ جو پابند آهي. 8 فيبروري تي ٿيل چونڊن کانپوءِ اليڪشن قانون تحت 29 فيبروري تائين قومي اسيمبلي جو سيشن گهرائڻ لازم آهي. پاڪستان جي آئين جي آرٽيڪل 91 (2) تحت صدر  8 فيبروري تي ٿيل چونڊن بعد اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان طرفان انھن چونڊن ۾ ڪامياب ٿيل اميدوارن جي جاري ٿيل حتمي نتيجن جي اچڻ جي 21 ڏينھن اندر قومي اسيمبلي جي اجلاس گهرائڻ جو پابند آهي. آئين چوي ٿو ته عام چونڊن جي 21 ڏينھن اندر قومي اسيمبلي جو اجلاس گهرائڻو آهي. اليڪشن ايڪٽ 2017 جي سيڪشن 98 تحت اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان کي ڪامياب ٿيل اميدوارن جي حتمي لسٽ جاري ڪرڻي آهي. اسيمبلي جي سيشن کانپوءِ اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر جي چونڊ ڪئي ويندي. جڏھن ته ان کانپوءِ وزيراعظم جي چونڊ ڪئي ويندي. آئين جي آرٽيڪل 91 (3) تحت اسپيڪر جي چونڊ کانپوءِ لازمي طور ايوان کي ڪنھن به مسلم اميدوار جي وزيراعظم طور چونڊ ڪرڻي آهي. آئين جي آرٽيڪل 91 (4) تحت وزيراعظم قومي اسيمبلي جي اميدوارن جي اڪثريت جي ووٽ سان چونڊجي ايندو. برابر ٿيڻ جي صورت ۾ گهڻا ووٽ کڻندڙ اميدوارن وچ ۾ چونڊ ٿيندي. ائين هڪ جي وزيراعظم چونڊجڻ تائين ووٽنگ ٿيندي رهندي. هاڻي اچو ڏسون ته مخصوص سيٽن بابت ملڪي آئين ڇا ٿو چئي. پاڪستان جي آئين جو آرٽيڪل 51” نيشنل اسيمبلي “جي عنوان سان آهي. هن آرٽيڪل جي شروعاتي ڪلازن ۾ قومي اسيمبلي جي جوڙجڪ ڏنل آهي. جنھن تحت قومي اسيمبلي جو ايوان ڪل 336 ميمبرن تي مشتمل هوندو. انهن ۾ 266 جنرل سيٽون هونديون، جن تي چونڊون ٿينديون جڏھن ته عورتن جون 60 سيٽون ۽ اقليتن جون 10 سيٽون آهن. آئين جو اهو آرٽيڪل هر صوبي جي جنرل سيٽن ۽ مخصوص سيٽن جا انگ اکر پڻ پيش ڪري ٿو. هن آرٽيڪل جي سڀ کان اهم ڳالھ جيڪا مخصوص سيٽن سان لاڳاپيل آهي ان ۾ پاڪستان جي آئين جي آرٽيڪل 51 ڪلاز 6 (ڊي) تحت مخصوص سيٽن لاءِ قومي اسيمبلي جي رڪنيت هر سياسي تنظيم کي جنرل سيٽن تي کٽيل سيٽن جي حساب سان ڏني ويندي يعني ڪنهن به سياسي جماعت کي مخصوص سيٽون ان جي کٽيل سيٽن جي حساب سان ورهايون وينديون. ساڳئي ئي آرٽيڪل جي ساڳئي ڪلاز ۾ آئين هيٺ وڌيڪ لکي ٿو ته ڪنھن به سياسي جماعت کي ان ۾ شامل ٿيندڙ آزاد اميدوارن جي حساب سان پڻ مخصوص سيٽون مهيا ڪيون وينديون پر شرط اهو آهي ته اهي آزاد اميدوار آفيشل گزيٽ ۾ نڪتل نوٽيفڪيشن جي ٽن ڏينهن اندر ان پارٽي کي جوائن ڪن. يعني جيڪڏهن اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان تحريڪ انصاف جي ڪنھن به آزاد اميدوار جي ڪاميابي جو نوٽيفڪيشن 13 فيبروري تي جاري ڪيو آهي ته ان نوٽيفڪيشن جي ٽن ڏينھن اندر انھن کي ڪنهن به پارٽي ۾ شامل ٿيڻو آهي. هاڻي رڪارڊ کڻي ڏسجي ته تحريڪ انصاف جا حمايت يافته ڪيترائي آزاد اميدوار اليڪشن ڪميشن طرفان ڪافي وقت اڳ ڪامياب قرار ڏنا ويا آهن جن جو نوٽيفڪيشن پڻ جاري ڪيو ويو آهي. جڏهن ته تحريڪ انصاف 19 فيبروري تي پنھنجن آزاد اميدوارن کي سني اتحاد ڪائونسل ۾ شامل ڪرايو آهي. آئيني طور ٽن ڏينهن جو مدو پورو ٿي چڪو آهي، ان حساب سان تحريڪ انصاف لاءِ مخصوص سيٽون نٿيون ملي سگهن. پر ڏسجي ته پاڪستان ۾ وري نظريه ضرورت لاڳو ڪيو وڃي ٿو يا ملڪي آئين کي عزت احترام ڏئي ان جي عمل کي يقيني بڻايو ويندو. منھنجي ڪنهن به اقتداري ڌر سان همدردي ناهي مون فقط پاڪستان جي آئين ۽ سياست جي شاگرد جي حيثيت ۾ جيڪو آئين پاڪستان چئي ٿو اهو پيش ڪيو آهي.