سنڌ جي ‘منترين’ ۽ ‘سنترين’ وٽ آهي ڪو بدامنيءَ جو علاج؟!….

0
27
شاگرد يونين جي بحالي: قانونسازيءَ باوجود رڪاوٽ ڪهڙي آهي؟

سنڌ ڌرتي بدامني جي ڀونءِ بڻيل آهي. روز قتل غارت گري، قبيلائي دهشتگردي ۽ ڌاڙيل گرديءَ جون خبرون رپورٽ ٿي رهيون آهن ۽ حڪمرانن جي احسن ڪارڪردگيءَ جو اندازو ان ڳالهه مان لڳائي سگهجي ٿو ته سنڌ جون اخبارون ڪرائيم ڊائرين جو ڏيک ڏيڻ لڳيون آهن ۽ ماڻهو خير جي خبر لاءِ سِڪي ويا آهن. اهو ڏينهن خالي ڪونهي جنهن ڏينهن قتل يا غارت گري جي ڪا واردات رپورٽ نه ٿيندي هجي. اهڙي ئي ڏکوئيندڙ خبر انسان شڪارگاهه جو تعارف جوڙيندڙ شڪارپور ضلعي جي همايون ويجهو ڀيا- معرفاڻي تڪرار جي نتيجي ۾ ٻن عورتن سميت ٽن ڄڻن جي قتل جي حوالي سان پڻ رپورٽ ٿي آهي. پوليس موجب، عبدالرحمان معرفاڻيءَ ڌر جي هٿياربندن ڳوٺ ذوالفقار علي ڀيو ته چڙهائي ڪري فائرنگ ڪئي، گوليون لڳڻ سبب ٻن عورت سميت ٽي ڄڻا قتل ٿي ويا. مقتولن جي وارثن احتجاج  ڪندي ڌرڻو هنيو ۽ انهن اڳوڻي صوبائي وزير امتياز شيخ جي پٽ تي معرفاڻي ڌر جي هٿياربندن هٿان سندن ماڻهو مارائڻ جو الزام هنيو، جڏهن ته امتياز شيخ اهڙن الزامن جي ترديد ڪندي چيو آهي ته ان واقعي سان سندس توڙي سندس پٽ جو ڪوبه تعلق نه آهي. واقعو معرفاڻي ۽ ڀيا ڌرين ۾ هلندڙ تڪرار سبب پيش آيو آهي. سنڌ ۾ امن امان جي حالت ايتري ته خراب آهي جو نيٺ ماڻهو امن امان جي  بحالي لاءِ اڇا جهنڊا کڻي ريليون ڪڍڻ لڳا آهن ۽ اهڙي ريلي ڪنڌڪوٽ ۾ پڻ ڪڍي وئي آهي، جنهن ۾ وڏي تعداد ۾ ماڻهن شرڪت ڪري حڪومت کان امن امان قائم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي.

سنڌ ڏوهن جي آڪٽوپس جي مڪمل جڪڙ ۽ گرفت ۾ آهي. هڪ طرف ڌاڙيل آهن، جيڪي ڀُنگ خاطر ماڻهن کي اغوا ڪري رهيا آهن ته ٻئي طرف قبيلائي دهشتگرديءَ جي صورت ۾ سنڌ کي رت ۾ وهنجاريو پيو وڃي ۽ ان ذريعي سنڌ جي ماڻهن تي اعصابي ۽ نفسياتي جنگ مڙهي وئي آهي. ان بدامني جي ڪري ماڻهو سخت پريشان آهن ۽ هراس ۾ حواس وڃائي ويٺا آهن. سنڌ جي اجتماعي شعور کان خائف ۽ خوفزده قوتن ۽ انهن جي فتور جي فيڪٽرين ۾ تيار ٿيل مقامي پراڊڪٽ جي مرضي ۽ منشا به اها ئي آهي ته ماڻهن تي خوف ۽ هراس جي آسيب جو واسو هجي، ۽ ڪنهن ٻئي طرف اهي نه سوچين. انهن جي مذموم ايجنڊا ته انتظاميا به شعوري ۽ لا شعوري طرح عمل پيرا آهي. قانون جي مٿڀرائپ ۽ عملداري قائم ڪرائڻ بدران حڪومتي اهلڪار به سردارن ۽ ڀوتارن جي جاهه ۽ جلال، رعب ۽ دٻدٻي جي سج کي گرهڻ لڳڻ نٿا ڏين. ڪجهه ڏينهن اڳ سنڌ جي گهرو منتري جو اهو بيان سامهون آيو هو، جنهن ۾ هن وزير باتدبير قبيلائي جهيڙا ختم ڪرڻ لاءِ سردارن سان ملڻ ۽ مدد وٺڻ جي ڳالهه ڪئي هئي. سوال اهو پيدا ٿئي ٿو ته قانون جي موجودگيءَ باوجود آخر سردارن جو سهارو ڇو ٿو ورتو وڃي؟ ان ڳالهه کان ڪنهن به صورت ۾ انڪار نٿو ڪري سگهجي ته اڪثر سردار ته قبيلائي جهيڙن کي هُشي ۽ هٿيارن جي آڪسيجن فراهم ڪندڙ رهيا آهن. ٻيو ته جيڪب آباد مان هٿيار پڪڙجڻ کانپوءِ هاڻي اها ڳالهه به راز ناهي رهي ته ڌاڙيلن ۽ قبيلائي دهشتگردي ڪندڙن وٽ خطرناڪ ۽ جديد هٿيار ڪيئن ۽ ڪٿان ٿا اچن! ڇا قانون ايترو ڪمزور آهي جو سنڌ جي منتظمين کي سردارن جو سهارو وٺڻو ٿو پئجي وڃي؟ ڇا قانون سردارن کان به ڪمزور آهي؟ اسان اڳ به هنن ئي ڪالمن ۾ اهو چوندا رهيا آهيون ته ڏوهن جي سرپرستي ڪندڙ اشرافيه ۾ هٿ وجهڻ سان ئي ڏوهن کي روڪي سگهجي ٿو. ضلعن جي پوليس ڪمانين جا انهن سردارن ۾ هٿ وجهڻ لاءِ پَر ٿا سڙن، ڇو ته انهن جي رسائي اختيار ۽ اقتدار جي ايوانن تائين آهي. اهي ئي پنهنجي بادشاهه، جاهه ۽ جلال، رعب ۽ دٻدٻو برقرار رکڻ لاءِ ڏوهارين جي سرپرستي ڪندڙ آهن. اهي ڪيئن چاهيندا ته ڏوهن جي سرپرستي ختم ڪري پنهنجي  زوال جا اسباب پيدا ڪن!

سنڌ جي امن امان جي خراب صورتحال اهو واضح ڪري ٿي ته امن امان هتي جي منتظمين جي انتظامي ايجنڊا جو شايد حصو ئي نه رهيو آهي. حڪمرانيءَ کي دلپشوري سمجهڻ بدران انتظامي اهليت ۽ ذميواريءَ جو مظاهرو ڪيو وڃي. جهيڙيندڙ ڌرين کي بي هٿيار ڪري انهن تي دٻاءُ وڌو وڃي ته اهي خونريزيءَ ۾ ملوث ڏوهارين کي قانون جي حوالي ڪن. رسمي ‘آوت جاوت’ ۽ ناٽڪي آپريشن بدران ڌاڙيلن خلاف حقيقي معنا ۾ آپريشن ڪيو وڃي ۽ ڏوهن جي سرپرستي ڪندڙ ‘اشرافيه’ ۾، قطع نظر انهن جي سياسي وابستگيءَ جي، هٿ وڌو وڃي.