حيدرآباد جو قيدي!

 

رات جو دير تائين سڀ هانڊيوال علي شير کوسي صاحب جي ڪچهري جي ڪري جاڳندا رهون ٿا، صبح جو ڀائو گل بيگ جي شنوائيءَ جي ڪري هو جلدي واپس ڪاري چڪر هليو ٿو ڃي، آئون واڪ وغيره امجد سپاهي سان ڪرڻ کان پوءِ لائبريري هليو ٿو وڃان، امجد اڄ لاهور ۾ ڪلي پي ٽي جي باري ۾ ٿو ٻڌائي، ان کان سواءِ هن اهو به ٻڌايو ته جيلر عارف ڪيئن ڪيئن ٿو سنڌي سپاهين جا حق کائي. خير لائبريري ۾ سردار محمد ايوب بروهيءَ اسان جي سموسن جي پارٽي ٿو ڪري، شبير ٻرڙي ۽ ماسٽر دانش سان تمام گھڻا ڀوڳ ڪيان ٿو. عيسيٰ ڪاتيار صاحب اڄ به چانهن جي خفن ۾ نظر ٿو اچي. لائبريري مان ڪجھه ڪتاب کڻي دير سان کوليءَ ۾ موٽان ٿو. اڄ آئون ورزش لاءِ بئنچ کوليءَ ۾ کڻي آيس. سڀاڻي منهنجا ڊمبلز به اچي ويندا، شام جو وسيم لنڊ سان گڏجي ونگز جي آزاد ورزش ڪيان ٿو. اڄ علي غلام تمام گھڻو پريشان آهي، هو بار بار هر نماز ۾ روئي رهيو آهي، اصل ۾ اڄ هن جي ملاات آئي هئي ۽ هن کي آزاديءَ جو آسرو تمام گھٽ آهي. ماني به نٿو کائي، جنهن کي زوريءَ جوس وغيره ٺاهي پياريان ٿو، جيل ۾ رات جو پنگھو لڏڻ لڳي ٿو ۽ هير ۾ مهڪ جو بدن شامل ٿيل محسوس ٿو ٿئي. (27 جنوري 2024)

 

آصف غلام رسول ڇلگري/سينٽرل جيل حيدرآباد

 

زندان جي جھروڪن مان!

 

اي من سڄي زندگي مون کي اذيتون ڏنيون اٿئي، اڃا ته آئون هن قيد خاني ۾ زندهه آهيان، جڏهن مران ته منهنجي مرڻ کان پوءِ منهنجي لاش مٿان روئڻ جو ڊرامون نه ڪجان ۽ نه وري ڪي بيوفائيءَ جون اچي منهنجي قبر مٿان قل پڙهجان، تنهنجا اهي قل پڙهڻ مون لاءِ عذاب کان گھٽ نه هوندا. تنهن لاءِ پنهنجا اهي قُل پاڻ وٽ رکجان. اوهان جي دوستي مون سان فقط وقت پاس هو، سچائي ته اوهان وٽ شروع کان ئي نه هئي، مو به سدائين اوهان سان مخلص ٿي ساٿ نڀايو، اوهان ته اڄ به مون کي ذهني مريض بڻائي زندان ۾ ڇڏي ڏنو آهي. ڪڏهن اچي سار نه لڌي آهي، مون اڪثر ٻڌو هو ته ماڻهو موسم جيان بدلجي ويندا آهن، شايد اهي تو جھڙا ئي هوندا جيڪي اڄ ڏسان پيو. تون ته ڪڏهن مون سان وفا ڪئي ڪونه هئي، تون ته سدائين مون کي درد ۽ تڪليفون ڏنيون آهن، اڃا به ڏيندو پيو اچين. ڪڏهن اهو سوچيو اٿئي ته آئون زندان ۾ ڪيئن آهيان؟ ڪڏهن ويهي غور ڪر پنهنجي انهن ڳالهين تي جيڪي تو مون سان ڪيون هيون! تون مون کي چيو هو ته اسين ٻئي هڪ ئي وڻ جون ٽاريون آهيون، جڏهن اسان مان ڪنهن هڪ کي وڍيو ويو ته اسين گڏجي ختم ٿي وينداسيون پر ان وڻ جي شاخن ۽ ٽارين مان فقط آئون هيڪلو ڪٽجي ويس. اوهان اڃا به انهيءَ وڻ تي جيئن جو تيئن موجود آهيو، ڪٽجڻ صرف منهنجي نصيب ۾ لکيل هو. جڏهن مون کي هن وڻ مان ڪٽيو ٿي ويو ته تون ان وقت مون کي بچائڻ جي ڪوشش به ڪانه ڪئي، جي تون ان ڏينهن چاهين ها ته مون کي ڪٽجڻ کان بچائين ها پر تو اهڙي ڪا به مذمت ڪانه ڪئي جنهن سان منهنجو بچاءُ ٿي پوي ها، تڏهن ته مون کي سولائيءَ سان ان وڻ تان ڪٽي ڌار ڪري اچي سينٽرل جيل حيدرآباد جي زندان ۾ ڦٽو ڪيو ويو، جتي مون کي بچائڻ وارو ڪير به ناهي، جي اوهان چاهيو ته مون کي بچائي سگھو ٿا. فقط اوهان جو..

سردار محمد ايوب بروهي/سينٽرل جيل حيدرآباد

2060ع کان پوءِ دنيا ڪيئن ھوندي!

 

(حصو ٻيون)

 

آمريڪا ۾ هڪ سماجي سائنسٽ ايلـوِن ٽافـلر (Alvin Toffler) سائنسي ۽ سماجي اڳڪٿيون ڪندو هو، هُو جديد دور جو سائنسي جوتشي هو، جنهن کي دنيا هڪ اڳڪٿي دان (Futurist) سان سڃاڻي ٿي. تازو 2016ع ۾ گذاري ويو، سندس گھڻي ئي اڳڪٿيون سچيون ثابت ٿيون آهن، فيوچر شاڪ جو اصطلاح به ٽافلر پيش ڪيو،  ان عنوان سان سندس ڪتاب پڻ شايع ٿيو، ٽافلر پنهنجي جڳ مشهور ڪتاب فيوچر شاڪ ۾ انساني تهذيب کي ٽِـن دورن ۾ ورهايو آهي جن کي هُـو انساني تهذيبي ارتقا جون لهرون ڪوٺي ٿو.  ٽافلر زرعي (Agriculture Revolution) کي پهرين لهر ڪوٺي ٿو، صنعتي انقلاب (Industrial Revolution) کي ٻي لهر ۽ اهڙي طرح  ڄاڻ جي انقلاب (Knowledge/ Information Revolution) کي ٽين لهر (Third Wave) سڏيو آهي  مرحيات ٽافلر اڄ جيئرو هجي ها ته آرٽيفيشل انٽيليجنس کي هيومن سِـولائيزيشن جي چوٿين لهر قرار ڏئي ها. ايڪويهين صدي آرٽـيفيشل اِنٽيليجنس يا مصنوعي ذهانت جي صدي آهي، جيڪا انسان کي مريخ تائين پهچائيندي ۽ ڪائنات جا عجب اسرار پڌرا ڪندي. اڄ ڪلھ هڪ خبر گردش ۾ آهي ته چين پنهنجو مصنوعي سج ٺاهي ورتو آهي. اهو سج جهڙو آبجيڪٽ دراصل نيوڪليئر فيـوزن ري ايڪٽر آهي، انسان جي تيار ڪيل هن هٿرادو سج جو گرمي پد ست ڪروڙ ڊگري سيلسيئس آهي، جيڪو قدرتي سج جي ٽيمپريچر کان پنج ڀيرا وڌيڪ آهي. هاڻي هن ايڪويهن صديءَ جي ٻاويهين سال ۾ اڄ جو انسان مصنوعي ذهانت ذريعي ڪهڙي سائنسي ترقي ڪئي آهي، اهي خبرون پاڪستان بنگلاديش جهڙن ملڪن جي خلق کي اڃا خبر به ناهي، اڄ دنيا ۾ ڊرائيور جي بغير اليڪٽرڪ ڪار روڊ هلڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي. انسان جي جسم جي تقريبن سمورن عضون جي ٽرانس پلانٽيشن ٿي رهي آهي. هاڻي ته خنزير جي دل ماڻهوءَ جي دل جي جاءِ تي لڳائي وئي آهي. ناسا وارن نيٺ هڻي هنڌ ڪيو ۽ مريخ جي ايتري ڄاڻ حاصل ڪري ورتي آهي جو مريخ تي انساني سفر جو فيصلو ٿي رهيو آهي. ايلان مَسڪ جي ڪمپني اسپيس ايڪس مريخ تي هجرت ڪرڻ لاءِ تياريون ڪري رهي آهي ۽ پنجن اٺن سالن ۾ انسان جي مريخ تي رسائي ممڪن ٿي چڪي هوندي. روبوٽڪس جي شعبي ايتري ترقي ڪئي آهي جو اڄ دنيا ۾ اهڙا ڪيترائي ملڪ آهن جن ۾ ڪاروبار روبوٽ هلائين ٿا. انسان جي حساس سرجري روبوٽ ڪن ٿا، ٻه سال اڳ ڪراچيءَ ۾ سِول اسپتال ۾ دل جو آپريشن روبوٽس پهريون ڀيرو ڪيو. اَميزون ڪمپني گھر جو راشن ۽ ٽي وي توڙي ليپ ٽاپ سميت گھريلو سامان، ڊرون ڪوريئر سروس ذريعي هوا ۾ اڏاري، گھر جي دروازي تائين پهچائي ٿي. وڏن سياسي ليڊرس ۽ ليجنڊس جي سيڪيورٽي انسان نه پر روبوٽس ڪن ٿا. ايڪويهين صديءَ جا وڏا ماڻهو ايلان مَسڪ، مارڪ زُڪربرگ، بِل گيٽس، جاب ايسٽِـيو، سُندر پِچائي، جيڪ ما ۽ جيف بيزوز آهن. هاڻي اچو ته هڪ ننڍڙو جائزو وٺون ته ٺيڪ 28 سالن کان پوءِ سنه 2050ع ۾ دنيا ڪيئن هوندي؟ چون ٿا ته جنهن تيز رفتاريءَ سان آرٽـيفيشل انـٽيليجنس/ ھٿراڌو ذھانت، روبوٽِڪس، اِسپيس ٽيڪنالاجي، سولر انرجي، ڪلوننگ ۽ الائي ته ڪهڙين ڪهڙين نت نين کان ايجادن ۽ دريافتن جي ڪري دنيا ائين ناقابلِ يقين سطح تائين تبديل ٿي ويندي، جنهن کي اڄ جو عام سادي فهم فڪر وارو عوام جادو جو ئي نالو ڏئي سگھي ٿو. (جاري)

 

ڊاڪٽر راجو ٺاڪور/ ملڪاڻي شريف

سنڌ ھاڻ امن ئي گھري ٿي!

 

سنڌ صوفين، ولين ۽ بزرگن جي ڌرتي آھي، جتي شاھ لطيف، سچل سرمست، شيخ اياز، استاد بخاري جهڙن عظيم ھستين جو جنم ٿيو. انھن پنھنجي شاعري ذريعي امن سلامتي ۽ پيار جو درس دنيا تائين پھچايو. جيتوڻيڪ سنڌ جي تھذيب شاھوڪار ۽ پرامن رھي آھي ان جو چٽو مثال پنج هزار سال قديم ھنڌ موئن جو دڙو آھي ان جي کوٽائي مان اھو پتو ۽ حقيقتن جي سڌ پوڻ ڪري ته ھتان جي ماڻھن جي رھڻي ڪھڻي اعليٰ ۽ شاندار ھئي، هي ڌرتي مهمان نواز ۽ انصاف پسند رهي آهي، ماضيءَ ۾ به ترخانن، تاتارين، دهشتگرد، ڦورو لشڪر آيا جن سنڌ تي ڪاهون ڪري ماڻهن جو قتلام ڪيو ۽ جيئرن ماڻهن کي دفنايو پر تاريخ جي ورقن کي اٿلائي ڏسبو ته سنڌين ڪڏهن به ڪنهن تي نه  حملو ڪيو، پر ڌارين دشمن کي به تڏي تي لڙي اچڻ ڪري معاف ۽ درگذر ڪري ڇڏيو. موجوده وقت ۾ اها سنڌ بيروزگاري بدامني ڌارين آبادڪارين جي ڪري انتهائي ڏکين حالتن مان پئي گذري، قانوني ادارن، ڪورٽن ۾ سرمائيدار طبقي جو راج آهي، هن سرداري، پيري نظام ايترو ته ماڻهن کي مفلوج ڪري ڇڏيو آهي جو سنڌ جو ماڻهو انهن جي غلامي ڪندي عيب به نه پيو سمجهي پر هن سرداري ڀوتارڪي سسٽم جو مڪمل طور تي سنڌ جو امن تباھ ڪرڻ ۾ وڏو هٿ آهي چوريون اغوائون به هي ٿا ڪرائن وري ڀنگ عيوض ماڻهن کي ڇڏائيندا به هي آهن، مطلب ته جهيڙا فشريون ڪرائڻ ۾ هنن جو وڏو ڪردار آهي. قانوني ادارا هنن جي صرف ڪال تي بگتربند گاڏيون پهچائين ٿا، جڏهن ته ڪنهن مسڪين جي اين سي به ڪٽڻ لاءِ تيار ناهن هوندا، رهندو ان کي بليڪميل ڪري ڦاسائيندا آهن. پريا ڪماري جيڪا اسان مسلمانن جي عقيدي جي آڌار تي سبيل هلائي رهي هئي، ان کي ان جڳھ تان اغوا ڪيو ويو جيڪا ٽن سالن کان بازياب ناهي ٿي، ان سان گڏوگڏ صحافي شهيد جان محمد مهر، پروفيسر اجمل ساوند، استاد الھ رکيو نندواڻي جهڙن شعور رکندڙ تعليم دوست ماڻهن کي قتل ڪيو ويو، جن جي قاتلن کي گرفتار به ناهي ڪيو ويو. خبر ناهي ته الائي ڇو اسان جي حفاظت ڪندڙ ادارن هنن قتلن خلاف ڪو ردعمل نه ڏيکاريو. سنهيون ٿليون وارڌاتون ته روز جو معمول بڻجي چڪيون آهن. رستي تان ويندڙ عام موٽرسائيڪل وارو به پريشان آهي، پنج سؤ، هزار ڪمائڻ واري مزدور کان به هي پوليس ڪنهن نه ڪنهن طريقي ڦاسائي انهن کان سرعام پئسا وٺندي آهي. جتي منشيات، ڏوھ جا اڏا آهن انهن تي ڪو ايڪشن ناهي باقي شل نه ڪو سنڌ يونيورسٽي، شاھ لطيف ورسٽي، ڪراچي يونيورسٽي جو ڪو شاگرد پنهنجي حقن لاءِ اٿندو آهي ته انهن لاءِ اٽالا پڄي ويندا آهن. سنڌ جو مڊل ۽ لوئر ڪلاس طبقو هر طرح جي ڏکيائين سان منهن ڏئي رهيو آهي. بدامني، بيروزگاري، پاڪستان جي ٻين صوبن کان وڌيڪ سنڌ ۾ آهي. ڌرتي جا حقيقي وارث ٽڪر ڳڀي ۽ امن لاءِ پريشان آهن، سنڌ حڪومت کي اها درخواست ڪجي ٿي ته خدا جي واسطي امن جي فضا قائم ڪرائن ته جيئن هر ماڻهو سڪون سان رهي.

 

زڪريا ڄامڙو/راڻيپور

ھڪ چٺي وزير تعليم ڏانهن!

 

پيارا سائين! آءِ بي اي سکر جي اداري پي ايس ٽي ۽ جي اي  ايس ٽي جي ٽيسٽ ورتي جيڪا تمام سٺو عمل ھو ان جي ڪري ڪيترائي استاد قابل ۽ ھوشيار ميرٽ تي ڀرتي ٿيا، تمام سٺو ۽ ساراهه جوڳو عمل آھي جيڪي اسڪولن ۾ وڃي شاگردن کي تعليم جي زيور سان سجائي رھيا آھن. تازو ئي ڪجهه انڪشاف ٿيا آھن ته  تعلقي ليول ۽ ضلعي ليول جا آفيسر ٽي اي اوز ۽ ڊي اي اوز  لسٽن ۾ وڏي ڦيرڦار ڪري وڏي ليول تي من پسندي تي لسٽون ٺاھي محنت ڪرڻ وارن نوجوانن جي حقن تي ڌاڙو هڻي رھيا آھن، ڪيترائي نوجوان مايوس ۽ پريشان ٿي چڪا آھن، سائين پوري سنڌ جي نوجوانن جون اميدون اوھان ۾ آھن، پوري ڀرتي جي نگراني ڪري نوجوانن کي مايوس ٿيڻ کان بچايو، جيڪي به ان عمل ۾ ملوث آھن انھن آفيسرن خلاف سخت کان سخت ايڪشن وٺو جيئن نوجوانن کي پنهنجو حق ملي سگھي سنڌ جو نوجوان اوھان کي تاريخ ۾ ياد رکندو مھرباني.

 

اسرار احمد/ شھدادپور

 

ايراني صدر جو دورو ۽ نيون راھون کولڻ جون اميدون!‎

 

ھن وقت پوري دُنيا ۾ ايران ۽ اسرائيل جي جنگ تي تبصرا ۽ تجزيا جاري ساري آھن، ايران جي صدر جو دورو ۽ کيس مليل پروٽوڪول پاڪستان جي طرفان ڏيڻ ساراهه جوڳو قدم آھي ٻنھي ملڪن جو ويجھو ٿيڻ امن سلامتي ۽ يڪجھتي جو اظھار آھي، جنھن سان خطي ۾ وڌيڪ امن ڀائيچارو پيدا ٿي سگھي ٿو ۽ سگھاري طاقت جو مظاھرو به پڻ آھي. پاڪستان جي فارين پاليسي کي ساراھجي ٿو، اھڙي صورتحال ۽ ايران ۽ اسرائيل جي وچ ۾ جنگ ڇڪتاڻ واري ماحول ۾ پاڪستان جو دورو ڪرڻ ئي پنھنجي جڳھ تي سوال به پيدا ڪري ڇڏيا آھن ته اولھ جي ملڪن کي به ھن دوري کان پوءِ بيچيني به پيدا ٿيندي. اسلامي ملڪن جو گڏجڻ ھن وقت تمام ضروري آھي. دوري کان پوءِ  طاقت پيدا ٿيندي، بلڪل ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته اھڙو تاريخي پروٽوڪول ايران جي صدر کان سواءِ ڪنھن ٻئي ملڪ جي صدر کي  پاڪستان کي ڏنو آھي جو پوري ڪراچي شهر کي موڪل ڪئي وئي. ايران فلسطين جي مڪمل طرح مدد ڪري رھيو آھي، اسلامي 57 ملڪن مان ان جو مثبت قدم آھي. ٻن اسلامي ملڪن جي ملڻ ۽ سندس سرحد به مليل آھي، ٻئي ملڪ جاگرافيائي لحاظ کان به مضبوط آھن، ماضي ۾ به سندن دوستاڻا لاڳاپا قائم هئا ۽ ھن دوري کان پوءِ ٿيندا. ھن وقت پاڪستان ۾ مھانگائي چوٽ چڙھيل آھي، ان ڪري گئس ۽ تيل ٻه اھم ڪارڻ آھن، جيڪڏھن ايران کان پاڪستان گئس ۽ تيل سستي اگھ تي وٺي ٿو ته يقين پاڪستان ۾ عوام کي عام واهپي جون شيون سستيون گھٽ رقم تي ملنديون ۽ ملڪ ۾ معاشي طور انقلاب اچي سگھي ٿو ملڪ معاشي طور مضبوط ٿي سگھي ٿو، غربت ۾ گھٽائي اچي سگھي ٿي، ايران جي وقتائتي دوري پاڪستان جي سياست سان گڏ ملڪي سياست تي بحث مباحثا به ڇڙي چڪا آھن، پاڪستان ۾ ھن دوري دوران روزگار ۽ سيڙپڪاري جا نوان منصوبا کولي سگھن ٿا جيڪا ھن وقت تمام گھڻي ضرورت آھي، جيڪڏھن سڀ اسلامي ملڪ گڏجن ته مسلمانن جي مٿان ظلم ختم ٿي سگھي ٿو ۽ معاشي مسئلا به حل ٿي سگھن ٿا.

 

شفيق وساڻ/ڳوٺ جھنگو وساڻ

سنڌ ۾ وڌندڙ بدامني جو ڪير ذميوار آهي؟

 

جيئن ته اسان جي سنڌ جي تقريبن هر ضلعي ۾ بدامني چوٽ چڙهي وئي آهي، سنڌ جو عوام جيڪو مهانگائي سبب اڳ ئي پريشان آهي ويتر بدامني جي ڪري پريشان حال بڻجي ويو آهي پر اسان جا چونڊيل نمائندا جيڪي اليڪشن وقت عوام کي منٿون ڪندا آهن اهي هاڻ دوربين تي ڏسڻ سان به نٿا ملن ڇوته هنن کي ووٽ وٺڻو هيو جيڪو هنن وٺي ڇڏيو هاڻ هنن کي عوام جي ڪهڙي پرواهه، تازوئي جيڪب آباد ضلعي مان پوليس پاران ڳجهي اطلاع تي ڪارروائي ڪندي هڪ پي آءِ پي پروٽوڪول ۾ ويل پوليس موبائل ۽ هڪ سياسي بااثر جي ويگو گاڏي کي هٿ ڪري تنهن مان هٿيارن جي هڪ وڏي کيپ هٿ ڪري ٽن پوليس اهلڪارن سميت چئن ٻين ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو پر اڃا تائين ان ڪيس جو خلاسو ناهي ٿي سگهيو ۽ ڪارروائي ڪندڙ آفيسر به بدلي ٿي چڪا آهن، لڳي ٿو اهو مسئلو به دٻجي ويندو ڇو ته ظاهر آهي ان ۾ وڏن ماڻهن جو ئي هٿ هوندو جيڪي ظاهري ته عوام جي فائدي ۾ هجڻ جا گيت ڳائين ٿا ته ٻي پاسي وري ڏوهارين کي هٿيار ڏئي ڪري ان ئي عوام جي جان ۽ مال کي هٿ سان لٽرائين ٿا ڇا اهي آهن اسان جا چونڊيل نمائندا؟ اسان جو عوام جيستائين سوال نه ڪندو تيستائين اسان سان اهي ڪلور ٿيندا رهندا جيڪي نه ڄاڻ ڪيتري ئي عرصي کان ٿيندا پيا اچن، اسان سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس ۽ آءِ جي سنڌ صاحب کان مطالبو ٿا ڪريون ته پنهنجي ضمير جو آواز ٻڌي سنڌ جي غريب عوام کي لٽجڻ کان بچايو وڃي.

 

آصف علي/ سکر

 

سياست ۾ عوام لاءِ فائديمند ۽ خيرسگالي جو آواز!

 

ملڪي سياست ۾ شهيد بينظير ڀٽو جي اولاد جو آواز عوام لاءِ فائديمند ۽ خير سگالي وارو آواز آهي بينظير ڀٽو جو فرزند اڄ به جڏهن عوامي جلسن ۾ خطاب ڪندو آهي ۽ ٽي وي چينل تي انٽرويو وغيره ڏيندو آهي ته ماڻهو جڏهن ان کي ٻڌندا آهن ته انهن جي دل ۽ روح ۾ شهيد بينظير ڀٽو جي ياد تازي ٿي ويندي آهي جيڪا مڪمل سياستدان هئي جيڪو ذوالفقار ڀٽو جو ڏوهٽو آهي جيڪو پنهنجي والده واري نقشي قدم تي هلندي عوامي خدمت جاري رکندو ٿو اچي ۽ پنهنجي پارٽي جو جهنڊو سربلند رکيون ٿو اچي، جيڪو بينظير شهيد جيان ڪارڪنن لاءِ مشعل راهه آهي، جنهن وٽ صرف اهو هٿيار ۽ سياسي سرمايو آهي جيڪو عوامي خدمت ڪرڻ واري جذبي تحت سياست ڪندو ٿو اچي. شهيد بينظير ڀٽو پنهنجي والد جيان رحمدل شفيق ۽ غريبن جو ڏک ونڊڻ واري عورت ليڊر هئي اهو ئي سبب آهي ته ملڪ ۾ موجود غريب نادار عورتن جي دل ۾ شهيد بينظير سان عقيدت وارو رشتو اڃا به گهڻو مضبوط ٿيندو پيو وڃي ۽ ملڪ ۾ موجود ووٽر عوام جيڪا چونڊن ۾ پنهنجي ووٽ ذريعي پ پ کي ڪامياب ڪرائيندي رهي ٿي اڄ به سنڌ ۾ ڇوٿون چڪر پ پ جي حڪومت هلي رهي آهي ۽ ايوان صدر ۾ آصف زرداري ويٺل آهي شهيد بينظير ڀٽو جي ڌيءُ آصفه ڀٽو ايوان صدر ۾ خاتون اول جو درجو ماڻيو آهي، کيس مبارڪ باد هجي ۽ شهيد بينظير جي جگر جو ٽڪڙو بلاول ڀٽو پ پ چيئرمين آهي جي ڳالهه ڪجي سياست ۾ پ پ مخالفن ۽ ڀٽو دشمنن جن وقت تي ڪيترائي حربا ڇو نه هلايا پر سياست جي ميدان ۽ صفحن تان ڀٽوصاحب ۽ بينظير شهيد جو نالو نه مٽائي سگهيا اهائي ڳالهه آهي ته شهيد بينظير ڀٽو جي اولاد پ پ جي چيئرمين آهي ۽ پارليامينٽ هائوس اندر موجود رهي ٿي جيڪا عوامي سياسي خدمت جاري رکيون پئي اچي بلڪل اهڙي ريت شهيد بينظير ڀٽو به انتهائي تڪليفن باوجود ۽ رستي رڪاوٽن بعد به پنهنجي بابا جي نالي ۽ ان جي پارٽي جي سياست جاري رکي پارٽي ۾ اڃان وڌيڪ دم خم وڌائڻ ۽ ڪامياب ڪرائڻ لاءِ پنهنجون سموريون توانايون استعمال ڪندي رهي جيڪي شهيد ڀٽو جي اولاد هجڻ ناتي ملڪي توڙي غير ملڪي سياسي دنيا ۾ پنهنجو ڪم جمهوريت ۽ عوامي سياست خاطر ڏيکاريندي رهي، ان ڳالهه ۾ ڪو شڪ ناهي ته شهيد بينظير ڀٽو جي اولاد به پنهنجي والده ۽ پنهنجي نانا واري نقش قدم تي هلندي سياسي ميدان ۾ پنهنجي پارٽي بدولت عوامي خدمت ڪري ڏيکارڻ سان گڏ پنهنجو نالو سياسي تاريخ جي ميدان ۾ سونهري اکرن سان لکندا ٿا اچن ۽ عوامي خدمت ڪرڻ لاءِ ڪوشان آهن جيڪي عوام لاءِ فائديمند ۽ خير سگالي جو آواز آهن.

 

محمد اسلم ماڪو/ پنوعاقل

 

پراڻن جيالن کي ڌڪي ڌار ڪندڙ پ پ قيادت!

 

(حصو پهريون)

 

هن وقت ماضي واري پيپلز پارٽي جيڪا قائد عوام شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ شهيد راڻي محترم بينظير ڀٽو جي پيپلز پارٽي هئي ۾ وڏو فرق آهي، قائد عوام شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ شهيد محترم بينظير ڀٽو واري پيپلز پارٽي ناهي رهي، پارٽي جڏهن ڀٽو خاندان جي هٿ ۾ هئي ان وقت عام ورڪر جي وڏي عزت هئي پارٽي جي باني قائد عوام جي جي شهادت کان پوءِ پارٽي جي سنڀاليندڙ سندس نياڻي سياسي جانشين ٿي ملڪي عوام ۽ عام ورڪر سان هر ڏکئي وقت گڏ هئي هر وقت بيٺل نظر ايندي هئي پارٽي سان ان وقت عام ورڪر جو روح جو رشتو هو، اهو رشتو ڪنهن آمر جي اذيت به نه سگھي انهيءَ پارٽي ۾ قائد عوام جي ڦاهي ۽ شهيد راڻي جي شهادت شامل ناهي پر انهيءَ پارٽي ۾ هزارن جيالن جو به رت شامل آهي. 58 سال کان نسل در نسل ڳڙهي خدا بخش ڀٽو جي قبرستان دفن آهي، قائد عوام شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ شهيد محترم بينظير ڀٽو سان عام ورڪر جو اهو ئي عشق آهي جهڙو 58 سال پهريون ضياءَ جي آمريت واري مارشلا دور ۾ پارٽي جي سچن جيالن پنهنجو پاڻ ملهايو جن کي جيلن ۾ وڌو ويو ۽ ڪوڙا ۽ ڦٽڪا هيان ويا پوءِ به انهن جي زبانن تي صرف جيئي ڀٽو جو نعرو هو، شهيد محترم بينظير جي قيادت ۾ جيڪي ڀٽي جي نعري کي لبيڪ چوندا هئا جن کي ضياءَ جي دور جي ڪهڙي مارشلا به جھڪائي نه سگھي پر افسوس اها شهيدن جي پارٽي وڏيرن جي هٿن ۾ آهي ماضي ۾ جيڪي سردار، وڏيرا، سيد، پير ۽ امير سڀ جو سڀ عام ورڪر جي پويان هئا ٽڪيٽ جي ورهاست ۾ عام ورڪر جي ميٽنگ گھرائي انهن کان پڇي فيصلو ڪيو ويندو هو جن کي ٽڪيٽ ملندي هئي اهي به پارٽي سان گڏ هوندا هئا جن کي ٽڪيٽ نه ملندي هئي اهي به پارٽي سان گڏ هوندا هئا، هن وقت پارٽي ۾ اهي پراڻا قربانيون ڏيندڙ ورڪر موجود ناهن، جيڪي پارٽي قيادت سان گڏ هوندا هئا ۽ عوام انهن سان گڏ هوندو هو هاڻي پارٽي ۾ وڏيرن پنهنجي چيلن چپاٽن کي پارٽي ورڪر بڻائي پارٽي سليڪٽ ڪري ڇڏيو آهي جن وٽ سائيڪل به نه هوندي هئي. (جاري)

 

مسڪين راهب علي سولنگي/راڌڻ اسٽيشن