صالح پٽ ( ن پ ا ) صالح پٽ لڳ ڳوٺ کاهي جي رهواسين ميربحر برادري جي ماڻهن تعلقه پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو. مظاهرين دلراز ميربحر، پنجل ميربحر، محمد حسن ميربحر ۽ ٻين دانهيندي چيو ته اسان جو نوجوان جميل ميربحر پنهنجي ڀاءُ سان گڏ درگاهه پير مراد شاهه تي وڃي رهيو هو ته صالح پٽ پوليس وارن کين روڪي ڀاءُ دلراز ميراڻي کي لاهي ۽ جميل ميربحر کي موٽر سائيڪل سميت گرفتار ڪري هليا ويا جنهن بعد اسان نوجوان جميل ميربحر سان ملڻ لاءِ صالح پٽ ٿاڻي تي آياسي ته پوليس نوجوان سان ملائڻ  بجاءِ چيو ته جيمل ميربحر اسان وٽ نه آهي. اسان کي شڪ آهي ته پوليس اسان جي نوجوان تي ڪوڙا ڪيس داخل ڪري کيس نقصان نه پهچائي  مظاهرين ايس ايس پي سکر کان مطالبو ڪندي چيو ته اسان مسڪين آهيون صالح پٽ پوليس پاران گرفتار ڪري گم ڪيل نوجوان کي ظاهر ڪرائي اسان سان انصاف ڪيو وڃي ٻئي طرف صالح پٽ پوليس ٻڌايو ته اسان جميل ميربحر کي گرفتار ناهي ڪيو.