ٽنڊوڄام (ن پ ا) سنڌ زرعي يونيورسٽي ۾ خطاب ڪندي ملڪي توڙي عالمي ماهرن، ملڪ ۾ غذائيت ۽ خوراڪ جي کوٽ کي منهن ڏيڻ لاءِ عملي اپاءَ وٺڻ جي تجويز ڏيندي چيو آهي ته ملڪ ۾ ڳورھاري عورتن ۽ ٻارن ۾ غذائي کوٽ جي ڪري ايندڙ نسل جي واڌ ويجھه متاثر ٿيندي، ان ڪري سمورن اسٽيڪ هولڊرز کي گهرجي ته يونيورسٽي سطح تي غذائيت جي آگاهي واري پروگرام کي ھٿي ڏني وڃي ۽ غربت جي خاتمي ۽ ڳوٺاڻي صحت بھتر بڻائڻ لاءِ خوراڪ جي نون ذريعن تي تحقيق ڪئي وڃي، اڱاري ڏينهن سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوجام جي انسٽيٽيوٽ آف فوڊ سائنسز اينڊ ٽيڪنالاجي جي ميزباني ھيٺ ۽ ڪوريا انٽرنيشنل ڪوآپريشن ايجنسي (ڪوئيڪا) پاڪستان،۽ زرعي يونيورسٽي فيصل آباد جي سھڪار سان پاڪ-ڪوريا نيوٽريشن سينٽر (پي ڪي اين سي)ڪانفرنس شروع ٿي وئي، افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي وائيس چانسلر ڊاڪٽر فتح مري چيو ته ملڪ ۾ پنجن سالن کان گهٽ عمر جا 45 سيڪڙو ٻار غذائي کوٽ سبب متاثر ٿين ٿا، جڏهن ته 32 سيڪڙو کان  وڌيڪ ٻار پنهنجي عمر جي لحاظ کان گهٽ وزن ۽ 15 سيڪڙو شديد غذائي کوٽ جو شڪار آهن، جنهن سبب مستقبل ۾ ڪمزور افرادي قوت جي ڪري ملڪ جي ترقي ۽ جي ڊي پي متاثر ٿيندي، ٻئي طرف موسمياتي تبديلين جا پڻ زرعي پيداوار ۽ ان جي معيار تي ناڪاري اثر پئجي رهيا آهن، تنهنڪري سائنسي ادارن ماهرن ۽ اسٽيڪ هولڊرز کي خوراڪ جي تحفظ تي گڏيل ڪردار ادا ڪرڻ جي ضرورت آھي، مهمان خاص سنڌ فوڊ اٿارٽي جي ڊائريڪٽر جنرل آغا فخر حسين چيو آهي ته غير صحت بخش خوراڪ سبب مختلف بيماريون جنم وٺي رهيون آهن، جنهن کي منهن ڏيڻ لاءِ اسان فوڊ بزنس مانيٽرنگ سسٽم کي ھٿي ڏني آهي، ان حوالي سان ڪيميڪل، فوڊ اينالائيزيشن ۽ مائڪرو بائيولاجي ليبارٽريون کي متحرڪ ڪيو ويو آهي، جيھوويان چيو ته حڪومت جي گڏيل سهڪار سان هو پاڪستان ۾ غذائيت جي منصوبن ۾ سهڪار ڪري رهيا آهن،  ڊاڪٽر ڪم جائي ھان چيو ته زرعي پيداوار وڌائڻ ۽ ڳوٺاڻن جي صحت تي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي، نور محمد بلوچ،.  مسعود صادق بٽ، ڊاڪٽر جيمس رابرٽ اوڪوٿ، اڪبر زرداري، ڊاڪٽر اعجاز حسين سومرو، ڊاڪٽر تحسين فاطمه ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو.