گهوڙيسوار بهارو ۽ خالي خرزين

0
171
گهوڙيسوار بهارو ۽ خالي خرزين

 هو هاڻي ٿڪي پيو آھي. هو نه فقط پنڌ ڪري ٿڪو آھي پر هو هڪ هنڌ ويٺي ئي ٿڪي پيو آھي. ماڻھو نيٺ ته ٿڪي پوڻو ئي آھي ۽ ھڪ ڏينهن ڦانءِ ڪري فرش تي ڪري پوڻو آھي. وقت جو ٿڪ ڪيئن نه انگ انگ چُور ڪري ٿو ڇڏي. جڏھن انگ انگ چُور ٿئي ٿو ته ڪوئي اندران ايئن ڪمزور ٿي ٽُٽي پوندو آھي, جيئن پراڻي ڪاٺي ٽُٽندي آھي. هو به هاڻي ٽُٽي چڪو آھي. هو ڪو ويڙهو گهوڙيسوار ته ڪونه آھي, هو مقدر جو چڱو آھي، تڏھن ئي سڪندر ٿيو آھي. هن کي مقدر جي اها هاڪ نصيب ٿي جنهن کيس شھرت جو شھ سوار بڻائي ڇڏيو.

                 هو هن وقت به زخمي آھي، پر هن جا گهاءَ آرڻ ۾ آمهون سامهون وڙھندڙ سپاهين جي تلوارن جي تاءَ ۾ نه ٿيا آھن. چوڻ وارا چون ٿا ته اهي زخم ڪنهن فلمي شوٽ جي زخمن جهڙا آھن. وڌيڪ خبر ناهي. بحر ڪيف، هن جي ڪمزور ڄنگهه ۾ گوليءَ جي گهاءَ ھن کي درد رسايو آھي ۽ اهو ڪيڏو نه برو ٿيو هو. گهوڙيسوار ته گهوڙن جي سُنبن جي ٽاپ ٽاپ ۽ تلوارن جي آوازن سان ڳالهائيندا آھن، پر هي ته ان ريڊئي جيان ڳالهائيندو آھي، جنهن ۾ نوان سيل وجهي ان کي کوليو ويندو آھي ته سارو ڏينهن ماٺ نه ڪندو آھي. هي ته پنهنجن واعدن تان ڦرڻ گِهرڻ وارو ماڻھو آھي. هن جي نظر ۾ اقتدار کانسواءِ زندگي اڌوري آھي,

تاريخ ۾ اقتدار حاصل ڪندڙن اقتدار جي حاصلات کان پهرين ۽ پوءِ ڇا ڇا ن ڪيو آھي! هنن هزارين انسان موت جي منهن ۾ ڌڪيا آھن، وڏا ڪوڙ ڳالهايا آھن، سرحدون لتاڙيون آھن. تاريخ ۾ اڄ به انهن بيگناهه ماريل ماڻھن جو رت اُٻڙڪا پيو کائي، جيڪي اقتداري ڌرين سان مزاحمت ڪندي مفت ماريا ويا هئا.,

هي ته هيڻو گهوڙيسوار آھي. هن کي ته اها به خبر ناهي ته گهوڙن جا گهڻا قسم آھن، انهن جا ڪهڙا رنگ آهن، اهي ڪيئن سنجبا آھن؟

هن کي اها به خبر ناهي ته اسان وٽ سنڌي، ڪڇي، عربي ۽ سامونڊي گهوڙا به پاليا ويندا هئا. اسان جي ويڙھاڪ وڏڙن انهن تي سوار ٿي حملي آورن سان مقابلا ڪيا. اسان جا گهوڙا به گهوٽن سان گڏ جنگ ۾ ماريا ويا آھن، پر ڪڏھن به اهي جنگ جي ميدان مان پُٺ تي نه مُڙيا آھن. مون کي هڪ نظم ياد ٿو اچي؛

سوار جو پير رڪيب ۾، واڳ هٿ ۾ آھي

ڪميت ٿو ڊوڙي طوفان سامهون

سُڃ ۾ ڌوڙ اڏامي ٿي پئي

ڪنهن جي آس وسامي ٿي پئي

ڪڏھن بهارن جي نشانن تي ڪو رهيو

ڪڏھن خزائن جي واٽ تي ٿي ڪهيو

ڪڏھن آگ جي ڪنارن تي ڪنهن گذاريو

ڪڏھن رڻن ۾ ريگزارن تي وقت گذاريو

ڪڏھن رات گهوڙن جي ٽاپ ٽاپ سان وڳي

ڪڏھن ننڊ اکين مان ڪنهن جي اوچتو ڇرڪي ڀڳي

هن جي نيڻن مان ننڊ تڏھن ڇلڪي هارجي پيئي هئي، جڏھن اقتدار جي گهوڙي جي واڳ هن جي هٿن مان کسي وئي هئي.

هاڻي ته نه واڳ هن جي هٿ ۾ رهي آھي، نه هن جا پير رڪيب ۾ آھن. هاڻي ته ان گهوڙي تي ڪوئي ٻيو سوار آهي

گهوڙيسوارن لاءِ ميدان ڏاڍو ڏکيو هوندو آھي. ميدان ۾ آسانيءَ سان هر ڪو پهلوان بيهي مقابلوڪري نه سگهندو آھي

اسان وٽ سياست جو هڪڙو ئي شھسوار هو، جنهن جي سامهون مد مقابل پهلوانن جون ڄنگهون رڦنديون هيون، اهو گهوڙيسوار هو ذوالفقار علي ڀُٽو، جنهن کي سندس ئي هڪ اعتماد واري سپاهيءَ اقتدار تان لاهي زخمي ڪري وڌو هو. هو زخمي هوندي به زخمن جي درد ۾ ڪڏھن به ڪنجهيو ڪو نه هو. هو آخر تائين ڪنهن شينهن جيان گجندو رهيو. هن صليب تي پهچڻ تائين آخري رات به ڪال ڪوٺڙيءَ ۾ ڪجھ ڪلاڪ ننڊ ڪئي هئي. هن جا ڦاهي گهاٽ ۾ چيل اهي تاريخي جملا ته “آئون تاريخ هٿان مرڻ کان ڪنهن سپاهيءَ هٿان مرڻ کي ترجيح ڏيندس.” هو واقعي هڪ سپاهيءَ هٿان ماريو ويو.

هو هن دکايل ديس جو اڪيلو ئي گهوڙيسوار هو، جنهن آرڻ جي ميدان ۾ زخمي شينهن جيان گجگوڙ ڪندي جان ڏني هئي.

هن کي ته اها خبر به ناهي ته نيپولين گهوڙي تي چڙھي جنگ جي ميدان ۾ ننڊ ڪندو هو. هي ته هزارين سپاهين جي پهري ۾ محلات ۾ ننڊ ڪري ٿو. هن کي شايد ئي اها خبر هجي ته راجا پورس جي سپاهين جون ساڍا چار فوٽ ڊگهيون تلوارون هونديون هيون، جيڪي هو ٻئي هٿ وجهي هڻندا هئا. هن کي شايد اها خبر به هجي ته آڳاٽي وقت ۾ گهوڙيسوار ڪمان ڪشي تير به گهوڙي تي چڙھي هڻندا هئا.

هڻڻ هڪلڻ ٻيلي سارڻ، مانجهيان ايءُ مرڪ،

وجهن تان نه فرق، رُڪ وهندي راند ۾.

هي ته ان گهورڙئي گهوڙيسوار جيان آھي, جيڪو هڪ ئي وقت وکر به کپائي ته اَنَ ڪڻا به پِني.

مون کي گهوڙيسوار بهارو ياد ٿو اچي. بهارو ڪير هو، ڪٿان جو ۽ آخر ۾ ڪيڏانھن ويو، ان جي ته ڪا خبر ناهي. هو ڪاري گهوڙي تي سوار ٿي اوطاق تي لهندو هو. گهوڙي تان لهي خرزين لاهي هيٺ رکندو هو. پوءِ ان مان ڦڙھن جو ڇٻو ڪڍي ان ۾ ساريون وجهي گهوڙي کي چارو ڏيندو هو, پوءِ اوطاق ۾ ويٺلن کي سُوتليءَ جي ڳوڻ هٿ ۾ ڏيئي چوندو هو ته بابا وڃو، گهران ٻُڪ کڻي اچو. پوءِ گهر وڃبو هو، ڇٻو اڌ کڻي بهاري جي اڳيان آڻي رکبو هو. بهارو چوندو هو ته اڃان فلاڻي فلاڻي جي گهران ساريون کڻي اچو. پوءِ پيو ڳوٺ جي ڇوڪرن کي ڊوڙائيندو هو. انهن جي گهر وڃبو هو ته انهن گهرن جون عورتون گهر جي ڪمن ڪارين ۾ مصروف هونديون هيون، سي ڇڙٻون ڏيئي چونديون هيون؛ “وڃو فقير کي جواب ڏيو، اسين ٻن ڪڻن لاءِ ليپو لڳل پَليون ڪونه پٽينديون سين.” اچبو هو واپس بهاري وٽ. “بابا فلاڻي جي گهران داڻا ڪونه مليا پَلين کي ليپو لڳل هو.” پوءِ به بهارو ويٺو رهندو هو انهن گهر ڌڻين جي اچڻ جي انتظار ۾. ايتري ۾ بهاري لاءِ ماني به کڻي اچبي هئي. لسيءَ جو لوٽو، ڳاڙھن چانورن جي ماني، مکڻ ۽ مستي. بهارو ماني کائي اوڳرائي ڏيندو هو ۽ گهوڙو به هڻڪاريندو هو.

بهاري ٻڌايو هو ته هو انگريزن سان حر تحريڪ دوران خوب وڙھيو هو. هو ڀُڄ جي علائقي مان روپوش ٿي هتي هليو آيو. هن هتي به ڪاروايون جاري رکيون. بهاري پوءِ ٿڌو ساهه ڀري چيو ته وقت ڪيئن نه زندگيءَ جا بکيا اڊيڙي ڇڏيا آھن، جو کيس اڄ در در سين هڻڻي ٿي پوي. بهارو پوءِ وري ڪڏھن به موٽي نه  آيو.

هي ته ان ڪمزور گهوڙيسوار جيان آھي، جيڪو وڇيرا ڊوڙائڻ لاءِ تيار نه هوندو آھي. هيڻي گهوڙيسوار کي اهو خوف هوندو آھي ته سرڪش وڇيرو ڪٿي ڪو هڏ نه ڀڃي وجهي. هن جي اها به خوشقسمتي آھي، جو بنا ڪنهن محنت جي ايترا ته وڇيرا تيار ٿي ويا آھن، جيڪي جنگ جي ميدان تي نڪرڻ لاءِ نرا کڻي رهيا آھن ۽ هاڻي به اسان وٽ ٻيهر جنگ جو ميدان سجي رهيو آھي. ڏسجي ت ان ميدان ۾ ڪهڙو گهوڙيسوار ٿو فاتح ٿئي.