حُر جماعت ۾ انتظامي عملداري جا انمول اصول

0
137
حُر جماعت ۾ انتظامي عملداري جا انمول اصول

اڻويهين صدي جي اوائل 1824ع ۾ پنجاب جي حڪمران رنجيت سنگهه جي حماقت ۾ هلاڪتن واريون پاپ ڪهاڻيون پروان چڙهي ڪربناڪ صورت اختيار ڪري مانسهره ۽ مردان ۾ غالب ٿيڻ بعد بنير، بالاڪوٽ ۽ اڪوڙه تائين ايزا رساني جي اڻ کٽ سلسلي تي پهتيون ته سندس خلاف هلچل جو حقيقي خيال کڻي هندستان جو حضرت احمد شهيد جوڌپور ۽ جيسلمير مان جٽادار جانثار جوانن جو ٽولو وٺي سرحدي ڪٺارو قلعي وٽان ڪراس ٿي نوهٽي ۽ نيرون ڪوٽ جي نامدارن، راڻا هوجي روشن ستارن، بلڙي جي بي بها بزرگن، مٽياري جي مايه ناز مشائخن، ڀٽ شاهه جي ڀلارن، جهانيه جي جيد جنيدن، گمبٽ جي غازي گوهرن، ۽ راڻي پور جي رهبرن جو رخ ھن طرف راغب ڪرڻ بعد کهڙن جي خادمن ۽ خيرپور جي خانزادن کي خصوصي دعوت بعد هيڪاندن حوالن سان هٿين خالي ڪڙم سميت ڪرها ڪاهي ڪنگري جي قائدين وٽ پهتو ته سندس پرتپاڪ آڌر ڀاءُ بعد پهرين پير صاحب پاڳاري سيد صبغت الله اول پهرين پائي جي پنج سئو پهلوانن ۽ جانفروش جوڌن جو جٿو تيار ڪري ڪربلا جي ميدان جي مرد مجاهد ۽ ڪليدي ڪردار حضرت حُر جي نالي جي نسبت سان حُر لقب ڏيئي لوازمات پورا ڪري لشڪر مذڪوره بالا لالڻ جي حوالي ڪيو، جيڪو بالاڪوٽ ۽ اڪوڙه ۾ برپا ڪيل بربريت جي بيخڪني لاءِ بيروني سفر تي روانو ٿي آمريت کي انجام تي پهچائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سنگلاخ سرزمين تي شهادت سان سرشار ٿيو. انھن سنڌ جي سپوٽن جون قبرون سندس سالار سيد اسماعيل شهيد سان گڏ بالاڪوٽ جي مقام تي موجود آهن، جيڪي عاجز اکين سان ڏسي آبديده ٿي آيو آهي. جن مٿير مجاهدن متعلق فقير غلام نبي لغاري چيو آهي ته

مرڻ ويل جي مُرڪيا

ڪسڻ ۾ ڪينڪي ڪُرڪيا

خدا سي حيدري حُر ڪيا.

حُرن جي هن مجاهدانه مهرڪي بعد بچو بادشاهه ۽ پيرو وزير جي قيادت ۾ مکي کي مرڪز بڻائي گوري راڄ خلاف گوريلا ويڙهه کانپوءِ باضابطا برٽش سرڪار سان سورهيه بادشاهه جي سرواڻي ۾ شورش برپا ڪري نعرن سان نروار ٿي ڪسڻ جو قرار ڪري توانو آواز بڻجي هن تراني سان تاريخ رقم ڪئي،

سورهيه سر جو سانگو لاهي

آيا مرد ميدان تي ڪاهي

سر ڏنو سون مرشد کي

پوءِ عيد اسان لائي آهي

واجهائي نڪتا وطن لاءِ

وير ويهڻ ۾ رکيو ڇا هي

ڪيچين ڪاهيو قافلو ڪسڻ لاءِ

قرب ۾ ڪنھن کي ڇاهي

اڳ مون پنهنجي لکيل ڪالم ۾ درگاه جي فيصلا ڪميٽي جي ڪارستاني ۽ هٿ بند ڪرڻ واري نظام متعلق حقائق اوهان جي آڏو عيان ڪيا هئا .هن ڪالم ۾ حُر جماعت جي انتظامي اصولن متعلق آگاهي عرض رکان پيو: حُرن جو عددي انگ: حُرن جو حقيقي انگ ته موجود ڪونه آهي البته اهو عرض آهي ته پير صبغت الله شاهه ثاني سورهيه بادشاهه کي سنه 1930ع ۾ پهرين سزا 8 سال ڏيئي ڏيساور ڍاڪا ۽ راجشاهي جيلن ڏانهن روانو ڪيو ته سندس سزا خلاف سر شاهنواز ڀٽو ۽ مير شير محمد بجاراڻي سميت سرڪردي ڇهه پارليامينٽيرين بمبئي جي گوري گورنر آڏو اپيل داخل ڪئي، جنهن ۾ کيس 10 لک پوئلڳن جو پيشوا ڄاڻايو ويو هو. اها اپيل گورنر رد ڪئي هئي.ان وقت گڏيل هندستان جي آبادي 30 ڪروڙ نفوذ تي مشتمل هئي، جيڪا هن وقت ڇهوڻ تي وڌي هندستان، بنگلاديش ۽ پاڪستان سميت هڪ ارب 60 ڪروڙ کان مٿي پهچي چڪي آهي، جنهن حساب موجب حرن جي آبادي هندستان ۽ پاڪستان جي پرگڻن ۾ 70 کان 80 لکن تائين تصور ڪري سگهجي ٿي.خيرپور ميرس رياست جو پير ڳوٺ ٽالپرن جي پرڳڻي جو حصو هو، مير گورن جا گماشته هئا. پير پوئلڳن سميت ساڻن پيچ پائڻ پاپ سمجهندا هئا، جنهنڪري حاڪمن جي هشي تي ٽالپري ٽولي جي ساڻن سرد جنگ شروع ٿي وئي. هٺ ذريعي کين هيسائڻ شروع ڪيو ته پيرن به پختگي سان پيش قدمي ڪرڻ شروع ڪئي ۽ سندن اثر رسوخ کي عيان ڪرڻ ۽ ظاهري جاه و جلال جو جلوو ڏيکاريندي ميرن جي محاذ آرائي ۾ تخت، تاج ۽ ڪلنگي وارو قيمتي ڪڙتو پائي روحاني رموز سان گڏ دينوي دستور اپنائي پرڪشش ويس پائي ميرن کي واضح وارننگ ڏني، جنهنڪري مناقشي تي مشتمل معاملا ڪورٽن کان قتلام تي پهتا، جنهن ۾ ميرن جي منصوبي سازي سان هنن ٻي پير صاحب پاڳاري سيد علي گوهر شاهه اول کي زهر ڏيئي شهيد ڪرايو، جنهن بعد سندس فرزند فارسي جو فهيدو شاعر ”ديوان مسڪين“ جو مصنف سيد حزب الله شاهه ٽيون پاڳارو مسند تي ويٺو ته ميرن جي ساڻس به ساڳي ريت محاذ آرائي موجود رهي، جنهن کي به ساڳي ريت ٻه دفعا زهر ڏيڻ جي ناڪام ڪوشش بعد ٽيون ڀيرو زهر ڏياري شهيد ڪرايو ويو. حسب روايت پير صاحبان پوئلڳن کي سوني تاج سر تي سجائي پرڪشش ڪلنگي وارو قيمتي ڪڙتو پائي روحاني خطاب دوران ديدار دستياب ڪري دائمي دعاڳو ٿيندا رهن ٿا. ڪلنگي واري پرڪشش ڪپڙن پائڻ بعد شهيد سورهيه بادشاهه ڪراچي ۾ گوري گورنر هيو ڊائو سان ملاقات ڪئي ته هو جيلسي ۾ جلي ويو ۽ هندستان جي وائسراءِ کي خط لکي واضح ڪيائين ته مون سان شاهي لباس سان شهزادو مليو آهي، جيڪو مفرور مسند نشين محسوس ٿي رهيو آهي، لڳي ٿو ته ڪو ٻارڻ ٻارڻ لاءِ انتهائي اتاولو آهي.سنگت وارا سلسلا ۽ صلاحڪاري ڪائونسل جيئن ته ميرن جي منصوبي ۽ ملي ڀڳت سان مذڪوره بالا ٻن پير صاحبان کي حجتي حصار وارن حرڪتي ۽ ويجهن ماڻهن ذريعي زهر جي سفاڪ ۽ سنگين واردات ڪري شهيد ڪرايو ته حر جماعت ۾ بيچيني ۽ تشويش جي لهر پيدا ٿي پئي ۽ درگاه جي سجاده نشين ۽ جماعت خاني ۾ ٻڌي ۽ اتحاد جي ضرورت محسوس ڪندي سڪيورٽي نظام ۽ حرن ۾ نظم ۽ نسق پيدا ڪرڻ لاءَ جماعت کي انتظامي اعتبار کان مختلف يونٽن ۾ ورهائي سندن مک ۽ مهندار مقرر ڪيا ويا ۽ سال جي ٻارهن مهينن جي ماهوار درگاه ۽ جماعت خاني ۽ ڪنگري هائوس جي سلامتي، سڪيورٽي ۽ لنگرخاني جي اخراجات جو اهتمام ڪندي هر ماهوار ذميواري هر هڪ يونٽ حوالي ڪئي ويئي. واضح هئڻ گهرجي ته مذڪوره سنگين واردات دوران اڳ ۾ ئي حرن ۾ ٻن قسمن جا فڪري گروپ وجود وٺي چڪا هئا، جن ۾ هڪ سخت گير يا مزاحمت وارن خيالن يا هارڊ لائين سوچ جي حامل فقيرن جو گروه خليفي نبي بخش لغاري مشهور سنڌي شاعر ۽ سندس پوٽي خليفي غلام نبي لغاري جي قيادت ۾ تيار ٿيو،  جيڪو انگريزن خلاف مليٽنٽ مهم جو مرڪزي ڪردار تصور ڪيو وڃي ٿو، جيڪو هن وقت چئن حصن ۾ ورهايل آهي، جنهن کي سنگت يا چوڪي سڏيو وڃي ٿو. اهي چار ئي سنگت آهن: سومر فقير سنگت، سنجراڻي سنگت، نظاماڻي سنگت ۽ ورياماڻي سنگت. هر هڪ سنگت جو مک يا خليفو مقرر ٿيل آهي. مذڪوره مزاحمتي فڪر جي حامل فقيرن کانسواءِ ٻيو گروپ مفاهمتي يا مصالحت پسند يا اعتدال پسند ارادن تي مشتمل آهي، جنهن کي سالم جماعت وارو جٿو سڏيو وڃي ٿو جنهن ۾ ٻارنهن سنگت يا چوڪيون آهن جن جا الڳ خليفا يا مک مقرر ٿيل آهن ۽ هر هڪ سنگت ۾ 20 کان 30 تائين سب سيڪشن آهن، جن جا به الڳ خليفا مقرر ٿيل آهن، جن کي دعوتي خليفا سڏيو وڃي ٿو. سالم جماعت جا ٻارنهن مرڪزي سنگت يا چوڪيون آهن. 1. سنگت ڳاهڪي 2. سنگت کاوڙ 3. سنگت تڙ ڪلياڻ 4. سنگت شهدادپور 5. سنگت کتو 6. سنگت لاڙ 7. سنگت گمهه 8. سنگت پار 9. سنگت جيسلمير 10. سنگت نارو 11. سنگت بان ۽ 12. سنگت اڇڙو ٿر. هنن سڀني سنگتن ۾ جيسلمير تمام وڏو سنگت آهي. جنهن جا جيسلمير جي ڳوٺ جهاٻرو جا خليفا ڪلر قبيلي سان تعلق رکن ٿا جيڪي ٻاهڙ مير، جوڌپور، جيسلمير ۽ بيڪانير تائين حر جماعت جا مهندار آهن ۽ سياسي طور ڪانگريس پارٽي سان منسلڪ آهن ۽ ڀارت جي لوڪ سڀا ۽ راجيه سڀا جا ميمبر به ٿيندا رهن ٿا. حر جماعت جي سب سيڪشن يعني دعوتي خليفن جو انگ تقريبن 350 جي قريب آهي جڏهن ته هر هڪ سنگت جا 3 عدد نائب خليفا مقرر ڪيا وڃن ٿا، جيڪي فرق فيڪشن ۽ سالم فيڪشن جا 48 ٿين ٿا ۽ ٻنهي فيڪشن جا 16 مرڪزي مک ۽ ۽ خليفا ملائڻ سان مجموعي طرح تقريبن ساڍا چار سئو خليفا 80 لکن جي قريب حر جماعت جي انتظام جا علمبردار آهن. جن سمورن خليفن ۾ سورنهن خليفا سرڪردي حيثيت جا حامل آهن، جيڪي سياسي ۽ سماجي فيصلن جا مک مهندار تصور ڪيا وڃن ٿا، جن کي اڻ اعلانيل صلاحڪاري ڪائونسل جو درجو حاصل آهي. هنن سڀني خليفن جي مٿان هڪ چيف ايگزيڪيوٽو يا چيف خليفو مقرر ٿيل آهي ۽ پير صاحب کي سپريم اڳواڻ تصور ڪيو وڃي ٿو، جيڪو حتمي حيثيت جو حامل آهي.ڦوڙي فرائض ۽ فڪري فيسٽيول درگاه جي سب سيڪشن وارن دعوتي خليفن ذريعي حر جماعت مان سال جي پڄاڻي تي فصل لهڻ بعد يا چوپائي مال جي حساب سان حيثيت آهر کل خوشي ڦوڙي جي اڳاڙي ڪري درگاه تي دستياب ڪئي ويندي آهي، جنهن کي جماعت خاني ۾ موجود مهمانن لاءِ لنگر نياز مناسب انداز ۾ مهيا ڪرڻ ۽ ديگر اخراجات ۾ استعمال ڪيو ويندو آهي، جنهن جو مڪمل رڪارڊ رکيو ويندو آهي. درگاه ۾ ڪا به رقص راز ۽ ساز يا شرناين واري رنگين رسم يا رڇ ڪتن جو ميل ملاکڙو قطعي منع آهي. هتي محض مولود مداحون، مرثيه، حمد ۽ نعت جون حڪايتون ۽ ڪافين جي راڳ ذريعي روح رهاڻيون ۽ قرب ڪچهريون ٿين، جيڪي مرد توڙي عورتون انفرادي يا اجتماعي اعتبار کان ميڙاڪا مچائي محفلن کي مرڪائيندا آهن.  سال جي ٽن مذهبي مقدس موقعن يعني 27 رجب المرجب، عيدالفطر ۽ عيدالاضحيٰ واري عيدن جي ايامن تي اجتماع يا فڪري فيسٽيول فهميدي انداز ۾ ٿين ٿا، جنهن ۾ مهان مدبر، ممتاز عالم ۽ اديب، ڏاها ۽ ڏات ڌڻي ديني ۽ روحاني رهنمائي جا ديرپا درس ڏيئي عمدي انداز ۾ علمي آبياري ڪن ٿا.سفيرن ذريعي سرمايو گڏ ڪرڻ درگاه جي ديني درسگاه جامعه راشديه ممتاز مڪتب جو درجو رکي ٿي، جنهن جون سوين شاخون آهن، جن ذريعي استاد، آخوند، عالم، اديب ۽ فڪري فاضل قرآن جا قاري ۽ حافظ هيڪاندي حساب سان تيار ٿين ٿا، جن جي هر سال 27 رجب المرجب جي مقدس موقعي فارغ التحصيل ٿيڻ تي سندن سرفرازي ۽ دستاربندي ٿئي ٿي. مذڪوره مدارس جي معلمن ۽ مستفيض شاگردن لاءِ قرباني جي کلن، عشر زڪوات ۽ ديگر عطيات جمع ڪرڻ لاءِ متعدد سفير مقرر ٿيل آهن، جيڪي حرن جي علائقن مان سرمايو سهيڙين ٿا.سنت سسٽم ذريعي مالي سهائتا حرن ۾ پنڻ تي پابندي آهي. سندن 80 لکن واري آبادي ۾ڳولڻ سان به پينو فقير نه ملي سگهندو، جنهن جو سبب اهو آهي ته حر جماعت ۾ صحابھ ڪرام جي صدين کان وٺي سنت واري رائج سلسلي جيان سهائتا ڪري مالي مدد فراهم ڪئي وڃي ٿي، جنهن موجب پوڙها، پڪا، توڙي محتاج ۽ معذور مرد يا عورتون انفرادي يا اجتماعي حيثيت ۾ ٽولين جي صورت ۾ حرن جي ڳوٺن يا گهرن ۾ پهچندا ته روايتي سنڌ جي رلي وڇائي سندن آءُ ڀڳت ڪرڻ سان گڏ خاطر تواضع سان گڏ کين ڪجهه رقم نقدي جي صورت ۾ ميسر ڪئي ويندي آهي، جيڪا وٺي هو دعا گهري کانئن موڪلائي وري ٻي ماڳ ڏانهن مهاڙ ڪندا آهن، جتي ساڳي نموني سندن سهائتا ٿيندي آهي. اهو سنت وارو شاندار ۽ شائسته سلسلو تصور ڪيو وڃي ٿو.سڱابنديپير سيد حزب الله شاهه ٽين پاڳاري درگاه جي مسجد جي پيش امام ۽ مهان مدبر ۽ شاعر مولي عبدالقادر سولنگي”عبدي“ جي حرن جي مهر قبيلي مان شادي ڪري حرن ۾ اها رسم رائج ڪئي ته سندن وچ ۾ ڪنهن به قسم جو رنگ نسل ۽ ذات جا ويڇا نه هئڻ گهرجن. سندن هڪڙو ئي ڪڙم يا قبيلو فقط حر ئي آهي. هن وقت گهڻي ڀاڱي حرن ۾ اها سوچ ساڀيان ٿئي پئي. هن سان گڏوگڏ سڱابندي وارا ”پيٽ وارا پيڪٽ“ ختم ڪيا ويا آهن ۽ حرن ۾ سڱ چٽيءَ وارو سلسلو مڪمل ختم ڪيو ويو آهي ۽ نياڻين جي تعليم ۽ کين وراثتي حق ڏيارڻ لاءِ پير صاحبن خصوصي خطاب ذريعي مفيد مهم هلائي آهي ۽ ڪيترائي ڀيرا پير صاحب سندس ڏهن سالن جي ننڍڙي نياڻي ساڻ وٺي حر جماعت ۾ وڃي نياڻين کي خصوصي نگاه سان ڏسڻ ۽ تعليم ڏيارڻ لاءِ رخ راغب ڪرائيندو رهي ٿو، جيڪا حڪمت عملي مثبت ۽ مفيد ٿي آهي.پيراڻن پئسن ذريعي پيڪٽ ڪرڻمال ملڪيت، پلاٽ پراپرٽي ۽ ايراضي وغيره جي سودي بازي جو معاهدو اسٽامپ پيپر تي عريضي نويس ذريعي ٿئي ٿو.

  اهڙي ئي معاهدي يا ميثاق جا مندرجات حر ڪميونٽي ۾ ٻن گواهن کي گڏ ڪري سندن سامهون 100 رپيا 500 يا 1000 رپيا پيراڻا ڪري دعا گهري دهرايا وڃن ٿا، جن جي پختي پاسداري ڪئي وڃي ٿي.عسڪري ونگ  پاڪ آرمي سان پيڪٽ موجب حرن جون ٻه عدد بٽالين 603 ۽ بٽالين نمبر 604 آهن، جيڪي هن وقت ڊي ايڪٽيويٽ آهن، جيڪي فوجي تربيت يافته حرن تي مشتمل آهن، اھي ڪنهن به هنگامي صورتحال سبب سرگرمي انجام ڏيڻ لاءِ هر وقت حاضر آهن. ان کان اڳ 1965ع ۽1971ع جي پاڪ ڀارت جنگين ۾ پاڪ آرمي سان ڪلهي ۾ ڪلهو ملائي حر فورس جا فرد وڙهي واجب ڪردار ادا ڪري چڪا آهن. ماضي ۾ سندن قدآور ڪمانڊر سيڪٽر ڪمانڊر شهيد امين فقير منڱريو، سيڪٽر ڪمانڊر عاقل هنگورو، ٽو آءِ سي غلام قادر منڱريو، ٽو آءِ سي غلام قادر پنهيار، ڪيپٽن شهيد اربيلو ڪٽپر، شهيد ڪيپٽن جمال منڱريو، شهيد ڪيپٽن محمد شريف مهر، ڪيپٽن عبدالله منڱريو ۽ ڪيپٽن عبدالحميد انڙ، قاضي فيض محمد راڄڙ، انور محمود نظاماڻي ۽ منگهن منڱريو وغيره به ڪليدي ڪردار ادا هئا.