پرڏيهي قرضن کي پارليامينٽ جي اجازت سان مشروط ڪريو!

0
25
سنڌ جي تعليم جو ٻُڏي ويل ٽائيٽينڪ

ڪشڪول اسان جو قومي نشان ۽ گداگري قومي ڪئريڪٽر بڻجندو وڃي. اسان جي سڄي معيشت قرضن تي آڌاريل آهي. حڪمران ٽولن هن ملڪ کي تجربيگاهه سمجهي ورتو آهي ۽ هر ايندڙ حڪمران پاڻ سان گڏ تجربن جو هڪ نئون “مينو” آڻيندو آهي ۽ هر ڪو پنهنجا پنهنجا تجربا ڪندو آهي. جنهن سان هن ملڪ کي هاڃو رسيو آهي پر ان جي ذميواري ڪوبه کڻڻ لاءِ تيار نه آهي. هن ملڪ کي ايڊهاڪ جي بنياد تي هلايو پيو وڃي، ڪنهن به قسم جي ڪابه رٿابندي نه آهي. معاشي مئنيجر مختلف دورن ۾ امپورٽ ٿيندا رهيا آهن. ظاهر آهي ته ٻاهران آندل ڪنهن به چونڊيل اداري جي اڳيان ذميوار نه هوندا آهن، هن ڀيري به هميشه وانگر ملڪ تي نئون تجربو ڪندي جيڪو معاشي مئنيجر آندو ويو آهي، اهو ڪو معاشي ماهر نه پر هڪ بينڪر آهي. واضح رهي ته هڪ بينڪر جا سمورا تجربا خساري کي گهٽائڻ جي جتن تائين محدود هوندا آهن. هن ڀيري به معاشي رٿابندي ٿيندي نظر نٿي اچي، جيڪا هڪ بينڪر جي وس جي ڳالهه نه پر هڪ معاشي ماهر جو ڪم آهي.

هن ملڪ ۾ ڊگهي مدي واري منصوبابندي نه ڪئي ويندي آهي. حڪمراني دلپشوري بڻيل آهي. هڪ راند آهي، جيڪا هن ملڪ سان ٿيندي رهي آهي. خطي جا سڀ ملڪ اسان کان بهتر معاشي صورتحال رکن ٿا. ايران “اپڻي گهوٽ ته نشا ٿيوي” واري واٽ تي هلي پيو پر اسان جون سموريون توانايون گداگري تي خرچ ٿي رهيون آهن. تعليم تباهه آهي، تحقيق ٻڙي آهي، جدت ۽ جديد  ٽيڪنالاجي مهڻو بڻيل آهي. ڪرپشن جي ڪينسر ملڪ کي کوکلو ڪري ڇڏيو آهي. قرضن ڪوڏيا حڪمران قرض کڻڻ ۾ هڪ ٻئي کان گوءِ کڻڻ ۾ رڌل آهن. ڪراچي ۾ واپارين سان ڳالهائيندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته ملڪ تي قرض جا انبار آهن… سوال اهو آهي ته قرض جا انبار ڇو آهن؟ قرض کڻي آخر ڪٿي خرچ ڪيو ويو؟ هڪڙا حڪمران اچي قرص کڻي شاهه خرچيون  ڪري خزانو خالي ڪري ٿا وڃن ته ٻيا وري نئون قرض کڻي شاهه خرچين جو سلسلو شروع ڪن ٿا. آخر اهو قرض  ڪٿي ٿو خرچ ٿئي؟ حڪومتي خساري جي کڏ آخر ڇو نٿي ڀرجي؟ الميو اهو آهي ته هتي ملڪي قرض جي قسط ادا ڪرڻ لاءِ به قرض کنيو وڃي ٿو ۽ ان جو سڄو بار عوام تي پوي ٿو، ڇو ته اهو سڄو قرض عوام کي ئي ڀرڻو پوي ٿو. هن ملڪ تي ايترو قرض آهي جو نئون ڄاول ٻار به مقروض هوندو آهي. ملڪ کي مقروض ڪندڙ حڪمرانن کان ڪوبه پڇاڻو ڪونهي. اسان اڳ به هنن ئي ڪالمن ۾ اهو چوندا رهيا آهيون ته پرڏيهي قرض کي پارليامينٽ جي منظوريءَ سان مشروط ڪيو وڃي. قرض جي حوالي سان پارليامينٽ ۾ بحث ٿئي ۽ پڇاڻو ٿيڻ گهرجي ته جيئن خبر پوي ته قرض ڪيڏانهن ٿو وڃي؟

هڪ پاسي قرض جو بار آهي ته ٻئي پاسي مهانگائي وڌائي عوام جو جيئڻ جنجال ڪيو ويو آهي. وفاق جون خساري جون دانهون ته آهن پر وفاق خرچ گهٽائڻ لاءِ تيار نه آهي. ارڙهين ترميم تحت صوبن کي منتقل ٿيل کاتن جا متبادل وفاقي کاتا جوڙيا ويا آهن، جيڪي غير ضروري آهن. ظاهر آهي ته ان ڪري خرچ ڪيئن نه وڌندو. سڌريل ملڪ سماج تي سيڙپ تعليم جي صورت ۾ ڪندا آهن. پر جنهن ملڪ ۾ ايڇ  اِي سي تحت نيون سرڪاري يونيورسٽيون قائم رڳو ان ڪري نه ڪجن ته جيئن ملڪ جو خسارو گهٽائي سگهجي، اهڙي صورتحال ۾ ڪهڙي ترقي ٿيندي؟ ڇا رڳو قرض کڻي قرض ڏيندا رهنداسين؟ وڏي ڳالهه اها آهي ته حڪمرانن وٽ قرض گهٽائڻ جي ڪابه رٿابندي به ڪانهي. نه ته ڪامورن، اهم سرڪاري عهديدارن ۽ چونڊيل نمائندن جون مراعت، پروٽوڪول، مفت بجلي ۽ پيٽرول جون سهولتون گهٽائڻ سان به وڏي بچت ٿي سگهي ٿي. حد ته اها آهي ته هر مهيني عوام جي کيسي تي فيول ايڊجسٽمينٽ چارجز جي نالي ۾ ڌاڙو هنيو وڃي ٿو. خسارو گهٽائڻ لاءِ نجڪاري جي نالي ۾ ادارا وڪڻڻ جون ڪوششون ٿي رهيون آهن، اهو ڄاڻڻ جي باوجود ته ادارا هڪ ڏينهن ۾ ناهن ٺهندا، انهن جي جوڙجڪ تي عوام جي ٽيڪس جو ناڻو  خرچ ٿيندو آهي. حڪمران ٽولن جي هن ملڪ ۾ ايڏي ڦرلٽ آهي، جنهن جي اڳيان دنيا جا وڏي ۾ وڏا ڌاڙا به شرمنده آهن.

ضرورت ان ڳالهه  جي آهي ته ملڪ کي هن ڌٻڻ مان ڪڍڻ لاءِ بهتر معاشي رٿابندي جو سهارو ورتو وڃي. ملڪ تي نوان تجربا ڪرڻ بند ڪيا وڃن. عوام جي ٽيڪسن جي ناڻي تي ڌاڙيوالي بند ٿيڻ گهرجي. آخر حڪمران تاريخ مان سکڻ جي ڪوشش ڇو ڪونه ٿا ڪن! حڪمرانن کي عوام جو صبر آزمائڻ کان پاسو  ڪرڻ گهرجي ۽ ياد رکڻ گهرجي ته عوام جي ٻانهن ۾ ايترو ٻَل موجود آهي، جو اهي ڇَٽ، پَٽن سان هڻي سگهن ٿا.