سنڌ جي تعليم جو ٻُڏي ويل ٽائيٽينڪ

0
23
اظهار جي آزاديءَ تي حملو

سنڌ جي تعليم جو ٽائيٽينڪ ٻُڏي چُڪو آهي. توڙي جو ان تان گهڻن سالن کان S.O.S (Save Our Souls) جا پيغام اچي رهيا هئا، پر اسان جي منتظمين ان کي سنجيده وٺڻ جي ڪوشش ئي نه ڪئي، ويتر جيترو به انهن جي وسان پهتو، انهن تعليم جو اهو ٽائيٽينڪ ٻوڙڻ ۾ پنهنجو حصو ملايو. سنڌ جي تعليم اڄ رهي ئي نه آهي. تعليم جي بهتريءَ واريون منتظمين جون سموريون دعوائون کوکليون ثابت ٿيون آهن. سنڌ ۾ ميٽرڪ جي امتحانن ۾  پيپر آئوٽ ٿي رهيا آهن. امتحانن جي شروع ٿيڻ کان اڳ ٽارزن منتظمين ڪاپي مڪمل طرح بند ڪرائڻ، سي سي ٽي وي ڪئميرائون امتحاني سينٽرن ۾ لڳرائڻ، قلم 144 لاڳو ڪرڻ، موبائيل فون امتحاني سينٽرن ۾ ممنوع قرار ڏيڻ سميت اعلان ته وڏا ڪيا پر پوءِ انهن اعلانن تي عمل ڪرائي نه سگهيا. ۽ هاڻي حالت اها آهي جو اهي سرڪاري اعلانن جي ڀڃڪڙين جو تماشو ڏسي رهيا آهن.

اهو صرف هن ڀيري ميٽرڪ جي امتحان ۾ ئي نه ٿيو آهي، ننڍن ڪلاسن کان وٺي ڪميشن جي امتحانن تائين اهو ئي حشر آهي. وقت کان اڳ ۾ پيپر آئوٽ ٿي ويندا آهن ۽ ذميوارن کي نه سزا مان گذرڻو پوي ٿو ۽ نه ئي وري انهن کي قانون جي گرفت ۾ آندو ويندو آهي. ڪُجهه ڏينهن اڳ سوشل ميڊيا تي هڪ خبر ۽ وڊيو وائرل ٿي هئي، جنهن ۾ ايليمينٽري سطح جي مقامي امتحان ۾ اُستاد طرفان ڪاپي ڪرڻ تي روڪڻ تي شاگرد پنهنجي مائٽن کي گُهرائي ورتو، جن اُستاد تي تشدد ڪيو. جڏهن تعليم جو اهو حال هُجي. سرٽيفڪيٽ جهالت جي سند واري حيثيت حاصل ڪري وٺن، ڪو معيار نه هجي، تعليم صرف سرٽيفڪيٽ جو نالو بڻجي وڃي، اهڙي حالت ۾ اسان ترقيءَ جي تيز ترين ڊوڙ ۾ دُنيا سان گڏ ڪيئن هلي سگهنداسين؟ دُنيا جا سُڌريل مُلڪ سماج تي سيڙپ تعليم جي صورت ۾ ڪندا آهن پر اسان وٽ تعليم حڪمرانن جي ترجيح ئي نه رهي آهي. اسان جا تعليمي ادارا سرٽيفڪيٽ يافته جاهلن جا لشڪر پيدا ڪري رهيا آهن. ڪاپي ڪلچر سرڪاري شعبي جي تعليم کي ته تباهه ڪيو ئي آهي، جو هڪ منظم رٿابنديءَ سان خانگي شعبي کي منافعي جا موقعا مهيا ڪيا ويا آهن پر هاڻي ته اهو ڪينسر خانگي شعبي جي تعليمي ادارن ۾ به اچي پيو آهي، جنهن ان سرشتي جو به جِيءُ جڏو ڪري ڇڏيو آهي. خانگي ادارا به پنهنجي داخلا وڌائڻ ۽ پنهنجو معيار وڌيڪ ڏيکارڻ لاءِ جيڪا امتحاني سينٽرن ۾ شعبديبازي ڪندا آهن، اها هاڻي ڪنهن کان به لڪل نه آهي، جنهن جو اندازو ميڊيا ۾ رپورٽ ٿيل ڪالهوڪي ان خبر مان آسانيءَ سان لڳائي سگهجي ٿو ته، ڪئمبرج جي A  ليول امتحان جو پيپر به آئوٽ ٿي ويو آهي. ڪئمبرج انٽرنيشنل ايجوڪيشن امتحان کان اڳ A  ليول جي رياضيءَ جي پيپر جي ليڪ ٿيڻ جي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.

سنڌ ۾ ڪاپي ڪلچر سڄي تعليمي سرشتي کي ڳڙڪائي ويو آهي. هاڻي ته اها بيماري پرائمري ۽ ايليمينٽري سطح تائين لهي آئي آهي. ڪاپي ڪلچر جا سبب انتظامي نااهلي، مدي خارج تعليمي سرشتو، مدي خارج نصاب، اهليت کان وانجهيل غير تربيت يافته اُستاد ۽ متروڪ تعليمي سرشتو آهي. هتي اسڪول ۾ تعليم لاءِ مناسب ماحول ئي نه آهي. شاگرد اسڪولن کي قيد خانو سمجهن ٿا، جتي ٻارڙن کي نه پيئڻ لاءِ پاڻي ميسر آهي، نه فرنيچر، نه بجلي، نه اسڪول جي چوديواري نه واشروم ۽ نه وري نامهربان موسمن جي سختيءَ کي روڪيندڙ موزون عمارت. باقي سکڻن اعلانن سان نه تعليم جو سرشتو بهتر ٿي سگهي ٿو ۽ نه ئي وري ڪاپي ڪلچر ختم ٿي سگهي ٿو. ان ڪاپي ڪلچر جي ئي هاڪ آهي جو پنجاب مان شاگرد سنڌ ۾ اچي امتحان ڏين ٿا.

تعليم کاتي جا منتظمين سالن کان ڪاپي بند ڪرائڻ لاءِ مختلف اعلان ڪندا رهيا آهن، پر ڪاپي بند نٿي ٿئي پر پوءِ ڇو نٿا اهو سمجهن ته هاڻي تعليم جي سرشتي جي کٽارا گاڏي مرمت نه پر اوور هالنگ گهري ٿي، ان ڪري معاملو مولا جٽ وارن بيانن سان حل ڪونه ٿيندو. هن مدي خارج ۽ مُردار تعليمي سرشتي مان جان ڇڏائڻي پوندي. اسڪولن کي تعليم لاءِ سازگار ماحول پيدا ڪرڻ لاءِ سموريون سهولتون مهيا ڪرڻيون پونديون. جديد گهرجن آهر نصاب جوڙڻو پوندو ۽ ان جي تدريس لاءِ جديد طريقا استعمال ڪرڻا پوندا.