فيض آباد ڌرڻو، نئين انڪوائري ڪميٽي: ڇا حڪومت پير ڄمائي بيهندي؟

0
25
فيض آباد ڌرڻو، نئين انڪوائري ڪميٽي: ڇا حڪومت پير ڄمائي بيهندي؟

 وفاقي ڪابينا فيض آباد ڌرڻو انڪوائري ڪميشن رپورٽ کي رد ڪندي نئين خصوصي انڪوائري ڪميٽي جوڙڻ جو فيصلو ڪيو آهي. وفاقي ڪابينا ۾ ان ڳالهه تي سهمت هئي ته انڪوائري ڪميٽي ٽي او آرز مطابق ڪم ناهي ڪيو. ان کان اڳ ڪميٽِي جي رپورٽ تي سپريم ڪورٽ ۾ ان حوالي سان ٻڌڻي دوران به سوال اٿاريا ويا هئا. هاڻي وفاقي ڪابينا ڪميٽيءَ جي رپورٽ کي رد ڪندي نئين خصوصي ڪميٽي بنائڻ جو فيصلو ڪيو آهي، جيڪو نه صرف درست آهي، پر ان حوالي سان انصاف جي گهرجن جي عين مطابق پڻ آهي ته جيئن اهو پتو پڻ پئجي سگهي ته مسلم ليگ (ن) جي پوئين دور ۾ فيض آباد ڌرڻي جو حقيقي پسمنظر ڪهڙو هو ۽ ڌرڻي وارن جي سهولتڪاري ڪنهن ڪنهن ڪئي هئي. اهو پڻ ته جن ڪجهه سرڪاري عملدارن تي ڌرڻي وارن جي سهولتڪاري جو ان وقت الزام آيو، انهن پنهنجي انفرادي حيثيت ۾ اهو ڪجهه ڪيو هو يا محڪماڻي پاليسي اها هئي ته چونڊيل حڪومت لاءِ مشڪلاتون پيدا ڪيون وڃن؟ اهو سوال ان ڪري پڻ اهم آهي ته ان ڳالهه جون شاهديون موجود آهن ته 2014ع، 2017ع ۽ 2018ع جي شروع ۾ ان وقت جي چونڊيل حڪومتن کي ديوار سان لڳائڻ جي حڪمت عملي جي پٺيان خود ڪجهه رياستي ادارا هئا، جن جو مقصد پنهنجي سرپرستيءَ ۾ ورتل هڪ سياسي جماعت کي اقتدار ۾ آڻڻو هو.

فيض آباد ڌرڻي جي جاچ ڪميٽي جي رپورٽ تي ٻيهر اعتراضن کان سواءِ اهم ترين اعتراض، جيڪو سپريم ڪورٽ ۾ به سامهون آيو هو، اهو هو ته ان ڌرڻي جي هڪ اهم رياستي ڪردار جنرل (ر) فيض حميد، جيڪو پوءِ آءِ ايس آءِ جو سربراهه پڻ رهيو، جو ان ڪميٽيءَ بيان ئي نه ورتو. البته وفاقي ڪابينا جنهن هڪ اهم نڪتي کي نظرانداز ڪيو، اهو هو ان وقت جي وزير اعظم شاهد خاقان عباسي جو ڪميٽي کي ڏنل بيان. معاملو مسٽر عباسيءَ تائين ئي محدود ناهي، ان وقت جي سياسي حڪومت جا جيڪي اڳواڻ ان ڌرڻي کان وٺي هاڻوڪي انڪوائري ڪميٽي جڙڻ تائين تواتر سان فيض آباد ڌرڻي ڪيس تي سپريم ڪورٽ جي ڪميشن جي رپورٽ تي عمل ڪرڻ ۽ ذميدارن کي سزا ڏيڻ جو مطالبو ڪندا رهيا، انڪوائري ڪميٽيءَ ۾ انهن جيڪي بيان ڏنا، اهي سندن بيانن انهن کان بنهه مختلف هئا، جيڪي بيان انهن گذريل پنجن ڇهن سالن دوران ڏنا هئا. منهنجو خيال آهي ته وفاقي ڪابينا کي انڪوائري رپورٽ رد ڪرڻ وقت مسلم ليگ (ن) جي ڪجهه اڳوڻن ۽ موجوده اڳواڻن جي انڪوائري ڪميٽيءَ ۾ ڏنل بيانن تي به چٽو موقف رکندي انهن کي غير ذميواراڻا ۽ حقيقت جي ابتڙ قرار ڏيڻ گهربو هو. اهڙي ريت اها ڳالهه به انڪوائري ڪميٽي کي نظر ۾ رکڻ گهربي هئي ته اها فيض آباد ڌرڻي لاءِ لاهور مان شروع ٿيندڙ لانگ مارچ جي شريڪ ماڻهن کي لاهور کان فيض آباد، راولپنڊي جي وچ ۾ سهولتون، سهڪار ۽ مالي مدد فراهم ڪندڙن کي به طلب ڪري ها، ڇو ته انهن ماڻهن جا نالا ان وقت اخبارن ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا تي نشر ۽ شايع ٿي چڪا هئا.

ٻي ڳالهه اها ته ڌرڻي ۾ شريڪ ماڻهن کي فيض آباد ۾ مختلف سهولتون فراهم ڪندڙن ۾ شيخ رشيد احمد، پي ٽي آءِ ۽ ڪجهه ٻين جماعتن جي اڳواڻن جا نالا به سامهون آيا هئا، انهن کي بيان لاءِ طلب ڪرڻ ۾ آخر ڪهڙي رڪاوٽ هئي؟ بهرحال اها ڳالهه وري به خوش آئند آهي ته وفاقي ڪابينا فيض آباد ڌرڻو انڪوائري ڪميشن رپورٽ رد ڪري نئين خصوصي ڪميٽي بنائڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ڇا هاڻي اها اميد ڪري سگهجي ٿي ته ڪميٽي قائم ٿيڻ کانپوءِ جڏهن اها پنهنجي ڪارروائي شروع ڪندي ته ڇا اها ٻين ڪردارن سان گڏ ان وقت جي آرمي چيف جنرل (ر) قمر جاويد باجوه ۽ سيڪيورٽي اسيٽيبلشمينٽ جي انهن ذميوارن کي به حاضري ۽ بيان ڏيڻ لاءِ نوٽيس جاري ڪندي؟ ايئن ڪرڻ ان ڪري به ضروري آهي ته جيستائين چونڊيل حڪومت جي خلاف مذهبي جذبا ڀڙڪائيندڙ ان ڌرڻي جي پٺيان موجود ماڻهن جو احتساب نه ٿيندو، تيستائين حالتن کي درست ڪرڻ واري عمل جي صورت پيدا نه ٿيندي. نه ئي وري اهو به ممڪن بڻجندو ته مستقبل ۾ ان قسم جي سازشن جو رستو روڪي سگهجي. اسان ان کي اڀاڳ ئي چئي سگهون ٿا ته اسان جون سياسي جماعتون، حڪومتون، محڪما ۽ ادارا پنهنجي پنهنجي ضرورتن لاءِ نه صرف مذهبي ڪارڊ کيڏندا آهن پر من پسند نتيجا حاصل ڪرڻ لاءِ ان قسم جي تنظيمن جي حوصلا افزائي به ڪندا آهن. ايئن چوڻ حقيقت جي خلاف هرگز نه هوندو ته پوئين اڌ صدي کان خاص طور تي رياستي سطح تي مذهبي شدت پسندي ۽ هٿياربند تنظيمن جي ‘جهاد ۽ قتال’ جي نالي تي جنهن ريت سرپرستي ڪئي وئي، ان بگاڙ کي ويتر وڌائڻ ۾ بنيادي ڪردار ادا ڪيو.

اها به بدقسمتي آهي ته اسان جا ئي ڪجهه سياسي ۽ مذهبي اڳواڻ ۽ رياستي عملدار انهن نان اسٽيٽ ايڪٽرز کي، ڳچ وقت کان محفوظ ملڪي اثاثا قرار ڏيندا رهيا آهن. اهو به درست آهي ته اڄ ماضيءَ جي انهن معاملن تي بحث ڪرڻ وقت جو ذيان هوندو پر جيڪڏهن فيض آباد ڌرڻي جي صاف ۽ شفاف انڪوائري رپورٽ جوڙي وڃي ۽ ڪجهه خود پسند ڪردارن کي احتساب جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي ته اها پڻ وڏي ڪاميابي هوندي پر ان لاءِ ضروري آهي ته موجوده وفاقي اتحادي حڪومت مضبوطي سان پير ڄمائي بيٺل رهي.

هتي ان ڳالهه جو اظهار ضروري آهي ته فيض آباد انڪوائري ڪميٽي جي ٽي آر اوز ۾ هڪ پوائنٽ جو اضافو ڪندي ڪميٽي کي اهو اختيار به ڏنو وڃي ته اها اهو پڻ ڏسي ته ان ڌرڻي کانپوءِ ٿيندڙ عام چونڊن ۾ ڌرڻي جي سلوگن ۽ مقصدن کي ڪنهن سياسي جماعت پنهنجي چونڊ مهم جو حصو بڻايو ۽ مخالفن خلاف ماڻهن جي مذهبي جذبن کي ڀڙڪايو، ۽ اهو پڻ ته ڇا ان سياسي جماعت اهو پاڻ مرادو ڪيو يا ان لاءِ رياستي ادارن جو ان کي تعاون حاصل رهيو؟

اسان جي خيال ۾ فيض آباد ڌرڻي ۽ 2018ع جي چونڊ مهم ۾ ٻنهي جا ختم نبوت ڪارڊ کيڏڻ جا، مقصد ساڳيا ئي هئا. هاڻي جڏهن اها جاچ ڪميٽي ٻيهر ٺهي ئي ٿي ته ان جي اختيار جو دائرو وڌائي جاچ وسيع پئماني تي ڪرائي وڃي ته جيئن اڇا ڪارا پڌرا ٿي سگهن.