ڀوتارن خلاف مزاحمت جي تقاضا ڪندڙ نصراللہ گڏاڻيءَ جي شھادت

0
64
ڀوتارن خلاف مزاحمت جي تقاضا ڪندڙ نصراللہ گڏاڻيءَ جي شھادت

 ڪراچيءَ جي خانگي اسپتال ۾ زندگي ۽ موت سان جهيڙيندڙ ميرپور ماٿيلي جو صحافي نصراللہ گڏاڻي زندگيءَ جي جنگ ھارائي ويٺو. ھو ٽي ڏينھن اڳ ميرپور ماٿيلي ڀرسان ھڪ قاتلاڻي حملي ۾ شديد زخمي ٿيو ھو، جنھن کانپوءِ کيس شروعاتي طور رحيم يار خان جي اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو ھو پر سندس طبيعت ۾ سڌارو نه اچڻ ڪري کيس ڪراچيءَ جي هڪ وڏي خانگي اسپتال منتقل ڪيو ويو ھو، جتي ھو شھيد ٿي ويو. گذريل ٻن ڏينھن کان سندس طبيعت ۾ سڌارو نه اچڻ ڪري شايد سنڌ لاڳيتو اھڙي خبر کان اک ٽيٽ ڪري رھي ھئي، ڇاڪاڻ ته سنڌ جو شعور مجموعي طور ھن وقت ڪنھن به اھڙي بيباڪ آواز جي بندش واري ڪرب جو مرتڪب نه ٿو ٿي سگهي پر لاقانونيت، عوام جي جان ۽ مال جي تحفظ جي عدم موجودگي، مستحڪم ڀوتارڪي ڳٺجوڙ ۽ ان جي تابع بڻيل انتظامي سرشتي سميت سنڌ جي ننڍن شھرن اندر صحت جي نھايت ئي فرسوده سھولتن ڪارڻ سنڌ کي آخرڪار اھو گهاءُ برداشت ڪرڻو پئجي ويو.

                 پاڪستان اندر صحافين جي قتل جو يقينن اھو ڪو پھريون واقعو ناهي ۽ نه ئي نصراللہ گڏاڻيءَ جھڙي صحافي لاءِ اھڙو نتيجو اچرج جھڙي ڳالھ آھي، ڇاڪاڻ ته بدقسمتيءَ سان ھن ملڪ ۾ اھا روايت قائم ڪئي وئي آھي ته سچ ڳالھائيندڙ صحافي کي يا ته غدار چيو ويندو آھي يا سندس مقدر گوليون ئي بڻبيون آھن پر ھن ڪيس ۾ نصراللہ گڏاڻيءَ مٿان ٿيل حملو رڳو ھڪ فرد يا سندس ڪٽنب لاءِ ڪو گهاءُ ناھي پر ان جو پيغام سموري سنڌ جي مظلوم عوام لاءِ آھي، جنھن ڪري ان جو اثر يقيني طور تي سموري سنڌ مٿان ئي پيو آھي. ڊان اخبار جي ھڪ رپورٽ موجب، “پاڪستان اندر گذريل 30 ورھين دوران 97 صحافين کي قتل ڪيو ويو آھي جن منجهان رڳو 2 ڪيس اھڙا ھئا جن ۾ ملوث مجرمن کي ڪنھن حد تائين سزا ڏني وئي ھئي، باقي لڳ ڀڳ 98 سيڪڙو ڪيسن ۾ قاتل آجا رھيا آھن”. ساڳئي ئي رپورٽ ۾ فريڊم نيٽورڪ جي انگن اکرن موجب ٻڌايو ويو آھي ته، “رڳو 2012 کان 2022 تائين 53 صحافي ماريا ويا آھن، جن مان رڳو 16 واقعا سنڌ ۾ پيش آيا آھن، جن ۾ لاڙڪاڻي جي شان ڏھر، محرابپور جي عزيز ميمڻ، سکر جي اجئه لالواڻي ۽ جان محمد مھر، خيرپور جي غلام اصغر کنڊ سميت ٻيا شامل آھن”.

ميڊيا واچ ڊوگ پنھنجي رپورٽ ۾ ڄاڻايو آھي ته، “2021 دوران پاڪستان صحافتي تحفظ جا ٻه اھم ٺھراءَ منظور ڪيا، جن سان قانون ٺاھڻ جي حد تائين پوري دنيا ۾ پاڪستان پھرين نمبر تي رھيو. انھن ٻن قانونن ۾ ھڪ سنڌ اسيمبليءَ مان منظور ڪيل “سنڌ پروٽيڪشن آف جرنلسٽس اينڊ اَدر ميڊيا پريڪٽشنرز ايڪٽ 2021” ھو، جڏھن ته ٻيو قومي اسيمبليءَ منجهان منظور ٿيل “پروٽيڪشن آف جرنلسٽس اينڊ ميڊيا پروفيشنلز ايڪٽ 2021” ھو، جيڪي ٻئي قانون صحافين کي تحفظ فراھم ڪرڻ لاءِ شاندار اڳڀرايون ھيون پر بدقسمتيءَ سان اھي رڳو دستاويزي صورت ۽ لفاظي تائين ئي محدود رھيا، جن کي عملي طور لاڳو ناھي ڪيو ويو”.

جيتوڻيڪ نصراللہ گڏاڻيءَ جو شمار ملڪ جي وڏن صحافين ۾ ته نه پئي ٿيو ۽ ھو پنھنجي ئي شھر اندر صحافت سان سلھاڙيل ھو پر پيشيوراڻي صحافت، عوامي مسئلن مٿان سندس ثابت قدمي ۽ نتيجن جي پرواه ڪرڻ بغير ميرٽ جي بنياد تي مسئلن کي اجاڳر ڪرڻ واري طرزِ زندگي سندس مٿان ٿيل قاتلاڻي حملي بالخصوص سندس شھادت کانپوءِ اڄ کيس ھڪ غيرمعمولي مقام تي اچي بيھاريو آھي ۽ ھينئر کيس ملڪي توڻي غيرملڪي سطح تي ھڪ مظلوم، محڪوم ۽ ھڪ مقتول صحافي طور سڃاتو وڃي ٿو. بنيادي طور صحافت پنھنجي جوھر ۾ ھڪ نج عوامي شعبو آھي ۽ پاڪستان جھڙن ملڪن اندر ان کي تمام گهڻو خطرناڪ پيشو سمجهيو ويندو آھي پر بدقسمتيءَ سان ملڪ اندر صحافت جڏھن کان “سگهارين بيساکين” سھاري بيٺل ڀوتارڪي ھڪ ھٽي ۽ ڳٺجوڙ ۾ پنھنجو پاڻ کي اسٽيڪ ھولڊر طور ايڊجسٽ ڪيو آھي، تڏھن کان ان پنھنجي عوامي ھجڻ واري سڃاڻپ کي مسخ ڪري ڇڏيو آھي. نتيجي ۾ ھن وقت حالت اھا وڃي بيٺي آھي ته صحافتي تنظيمن جي اڪثريت ميرپور ماٿيلي جھڙي قبيلائي تعلقي اندر صحافتي ذميوارين سبب موت جو کاڄ بڻجندڙ صحافيءَ جي دفاع ۾ موقف اختيار ڪرڻ کان به ڪيٻائي ٿي ۽ جڏھن اھڙي ڪيفيت جو ڪارڻ بظاھر خوف بدران مصلحت ھجي ته اھا يقيني طور تي مايوس ڪندڙ صورتحال آھي.

اڄ جڏھن نصراللہ گڏاڻي ڪنھن من پسند اسٽيج تي پنھنجي شعبي ۾ ڪيل خدمتن عيوض ڪنھن تمغي وٺڻ بدران امر بڻجي سنڌ جي بيباڪ صحافي ھجڻ جو حق ادا ڪيو آھي، تڏھن منھنجي ذھن تي اڄ کان تقريبن ڏھ ٻارنھن ورھيه اڳ نامياري صحافي سيد طلعت حسين پاران ٺهيل ھڪ ڊاڪيومينٽري اچي ٿي، جنھن جو تت اھو ھو ته قومي ميڊيا ھجڻ جو اصل حق انھن ننڍن ۽ علائقائي چينلز يا اخبارن کي حاصل آھي، جيڪي پنھنجن علائقن اندر نج عوامي مسئلن جي اپٽار ڪن ٿا پر اسان وٽ صورتحال ان جي ابتڙ آھي، جنھن تحت جن چينلز ۽ اخبارن کي قومي يا مين اسٽريم ميڊيا جو درجو حاصل آھي، بدقسمتيءَ سان انھن جو عام ماڻھوءَ جي اھنجن سان ڪو واسطو ئي ناھي. اسان جي پسگردائيءَ ۾ موجود عملي صحافت جي ان وصف جي روشنيءَ ۾ پرک ڪندي گهٽ ۾ گهٽ اسان کي ان سوال مٿان ضرور ويچار ڪرڻ گهرجي ته اسان جي ٻھراڙين ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ ھن وقت ڪيترا ۽ ڪھڙا صحافي موجود آھن، جيڪي نصراللہ گڏاڻي جيان پنھنجو ڪردار ادا ڪن ٿا ۽ جيڪڏھن واقعي به ڪي اھڙا صحافي موجود آھن ته انھن طرف اسان جي سماج جو مجموعي لاڙو ڪھڙي طرز جو آھي؟

سنڌ نصراللہ گڏاڻيءَ جي شھادت سبب ماتم واري ڪيفيت منجهان پئي گذري، ڇاڪاڻ ته پيڙيل علائقن جي پيڙيل طبقي جي سگهاري آواز کي انائن جي ور چڙھيل بزدل ۽ ھِيڻي قاتل پاران گولين جو کاڄ بڻائي خاموش ڪيو ويو آھي. ان ماتم ۾ سوڳ منجهان گذرڻ ۽ پنھنجي بيوسيءَ مٿان پنھنجو پاڻ مٿان مظلوم ھجڻ جو تاثر پيدا ڪرڻ کان بھتر آھي ته سنڌ کي اجتماعي طور تي پنھنجي ڀاڙيائپ قبولڻ گهرجي، جنھن تحت طاقتور جاگيرداري نظام اجمل ساوند، استاد الھرکيو، بھرام ساوند ۽ نصراللہ گڏاڻي جھڙن ڪردارن کي ڏينھن ڏٺي موت جي ننڊ سمھاري ڇڏي ۽ اسان ان قاتل جو ادراڪ ھوندي به خوشامد جي ور چڙھي حقيقت کان نابري واري خوف ۾ مبتلا ٿيا ويٺا آھيون. جڏھن ته ان ڪانئر جي طاقت کي جلا بخشيندڙ ئي اسان جي عوامي طاقت آھي، جيڪا جيڪڏھن پنھنجو پاڻ کي سڃاڻي پلاند وٺڻ لاءِ اٿي کڙي ٿئي ته شايد ھي نظام ڌڙام سان اچي پٽ تي ڪري پوي.

نصراللہ گڏاڻيءَ جي شھادت اسان ڏانھن سواليه نظرن سان ڏسي پئي. ضرورت ان ڳالھ جي آھي ته ھن سوڳ کي طاقت ۾ تبديل ڪندي اسان اجتماعي طور پنھنجو احتساب ڪريون ۽ گهٽ ۾ گهٽ پنھنجو پاڻ کان اھو سوال ڪريون ته اھڙن بيباڪ ڪردارن جي موت ۾ اڻسڌي طرح اسان جا ھٿ ڪھڙي ريت رڱيل آھن؟ نصراللہ جي زندگي سنڌ اندر ڀوتارن خلاف عملي مزاحمت جو اھڃاڻ ھئي، ان ڪري حڪومت يا ڪنھن به اداري ڏانهن انصاف لاءِ واجهائڻ کان بھتر ٿيندو ته اسان پنھنجي ذات ۽ برادري جي حد تائين ڀوتارن خلاف عملي جدوجھد ۾ ڪردار ادا ڪريون ته جيئن نصراللہ گڏاڻيءَ جي شھادت ھڪ فيصلائتي قرباني ثابت ٿئي ۽ ھن نظام سميت ان مان ‘مستفيض’ ٿيندڙن کي ھميشه لاءِ مات اچي سگهي ۽ مستقبل ۾ ڪو به اھڙو ڪردار اھڙي ريت بي موت ماريو نه وڃي.