فلسطين جي آزاد رياست طور قبوليت

0
32
فلسطين جي آزاد رياست طور قبوليت

”طاقت جو سرچشمو عوام هوندو آهي”، جتي بم ۽ گولا ملڪن جا ملڪ تباه ڪندا آهن، اتي عوامي طاقت به دنيا جا نقشا ئي مٽائي ڇڏيندي آهي. صدين کان فلسطينين جي نسل ڪشي جاري آهي، پوري دنيا منافقي جي ماٺ اختيار ڪري کين بي يارو مدد گار ڇڏيو، مسلمان ملڪن ۽ تنظيمن ان کي پنهنجي ڪاروبار جو ذريعو بڻائي ڇڏيو پر هٿين خالي عوام وري به انهن جو سهارو بڻجي پوري دنيا کي لوڏي ڇڏيو آهي. جيتوڻيڪ سامراجي قوتون وري به ماٺ ڪري نه ويهنديون ۽ رت جي راند جاري رکنديون پر پوءِ به پوري دنيا ۾ مظلوم ماڻهن جا خاموش احتجاج، شاگردن جي احتجاجي تحريڪ نيٺ دنيا جي ملڪن کي پنهنجا قبلا درست ڪرڻ تي مجبور ڪري دهشتگردي جو بدلو وٺڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، جنهن ۾ هو ڪامياب ٿيا آهن. اسرائيل ۽ سندس ساٿاري، آمريڪا عالمي تنهائي جو شڪار ٿي ويا آهن. ان عوامي تحريڪ جو ٽرننگ پوائنٽ هڪ نئين شروعات جي ڪوشش آهي.

                 غزه جنگ تي اسرائيل جي بين الاقوامي تنهائي ان وقت ڊرامائي انداز ۾ تبديل ٿي وئي، جڏهن ٽن يورپي ملڪن آئرلينڊ، ناروي ۽ اسپين اعلان ڪيو ته هو فلسطين کي سرڪاري طور تي تسليم ٿا ڪن. غزه جي تباهي جي 7 مهينن بعد انهن ملڪن جي اعلان سان پوري دنيا جي اسرائيل ۽ سندس اتحادين بابت عام راءِ به تيزي سان تبديل ٿيندي پئي وڃي. اسرائيل اهڙي فيصلي تي ڪاوڙ ۾ باهه ٿي انهن ملڪن مان پنهنجي سفيرن کي واپس گهرائي ورتو آهي. ناروي پهرين به 1993ع ۾ اوسلو معاهدي ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو هو، جڏهن ته اسپين پهرين ميڊرڊ ڪانفرنس ڪرائي انهن معاهدن ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو هو. اهي ملڪ هاڻ به ڪيترن سالن کان اهڙي فيصلي تي غور ڪري رهيا هئا، جنهن تي اسرائيلي وزير اعظم بنجمن نتن ياهو “دهشتگردي جو بدلو” قرار ڏنو آهي. آئرلينڊ جي وزير اعظم سائمن هيرس چيو آهي ته برطانوي سامراج کان آزادي بعد اهو اسان جو اهم فيصلو آهي، عالمي سطح تي پنهنجي جاءِ ٺاهڻ ۽ ٻين مظلوم ماڻهن جي حقن جي ڳالهه ڪرڻ اسان جي بانين جي روايت آهي. ناروي جي وزير اعظم جانسن گيهر اسٽور چيو آهي ته عالمي بينڪ فلسطين کي هڪ آزاد رياست جو بنيادي حق ڏئي 2011 ۾ سندس لاءِ گرانٽ منظور ڪئي ته پوءِ اسان ان کي ملڪ تسليم ڇو نه ڪريون. اسپين جي سوشلسٽ وزير اعظم پيڊرو سانچيز چيو ته، “اسان کي خبر آهي ته اهو قدم ماضي ۽ فلسطينين جون زندگيون واپس نه آڻيندو پر ان سان فلسطينين کي حال ۽ مستقبل ملندو، جيڪو سندن بنيادي حق آهي”. اهي ملڪ گڏيل قومن جي انهن 140 ملڪن سان شامل ٿي ويندا، جيڪي پهرين ئي اهڙو اعلان ڪري چڪا آهن. برطانيا ۽ آمريڪا جو چوڻ آهي ته اسرائيل سان گڏ ٻن رياستن واري معاملي تي ڳالهين واري رسمي عمل جو انتظار ڪرڻ گهربو هو. برطانيا جي پرڏيهي وزير لارڊ ڪيمرون چيو آهي ته جيستائين حماس موجود آهي، تيستائين فلسطين کي تسليم نه ٿو ڪري سگهجي، جڏهن ته بنجمن نتن ياهو اهڙي 2 رياستي تصور کي رد ڪندي چيو آهي ته سڄو فلسطين اسان جو ئي آهي. فرانس چيو آهي ته فلسطين کي بطور رياست تسليم ڪرڻ وارا شرط اڃا پورا ناهن ٿيا.

ٽنهي يورپي ملڪن چيو آهي ته هاڻ اسان کي يورپي يونين تي اسرائيل سان ڪيل معاهدن ۽ فنڊنگ جي حوالي سان دٻاءَ وجهڻ گهرجي ته جيئن فلسطين ۾ عام ماڻهن جو قتل عام بند ٿئي. جنگي ڏوهن ۾ گهٽتائي ٿئي. اسان کي هاڻ هٿيارن جي تجارت جو به جائزو وٺڻو پوندو. روزاني جنگ بندي لاءِ دٻاءُ وجهڻو پوندو ۽ نسل ڪشي روڪڻ لاءِ ڏينهن رات محنت ڪرڻي پوندي، نه ته خالي اعلانن سان ڪجهه نه ورندو. يوڪرين جنگ ۾ به اسان اهڙا اعلان ڪيا پر ان تي ڪنهن به عالمي طاقت ڪو عمل ئي ناهي ڪيو ۽ هٿيارن جي سپلاءِ ۽ جنگ جاري آهي. ناروي چيو آهي ته ٻنهي رياستن جي حدبندي 1967ع کان پهرين واري سرحدن جي بنياد تي ٿيڻ گهرجي، جنهن ۾ بيت المقدس ٻنهي ملڪن جو گادي وارو هنڌ هجڻ گهرجي پر ان جي حتمي سرحدي حدبندي تي وري ڪو جهيڙو نه ڪيو وڃي. 1967ع جي عرب اسرائيل جنگ ۾ اسرائيل اولهندي ڪناري، مشرقي يروشلم ۽ غزه پٽي وارن فلسطيني علائقن تي قبضو ڪري ورتو هو. بعد ۾ اسرائيل مشرقي يروشلم کي پاڻ سان ملائي ورتو ۽ ٻين اسرائيلي حڪومتن باقي علائقن ۾ يهودي آبادڪارن کي آباد ڪرڻ لاءِ هٿياربند ڪارروائي سان گڏ کلي داداگيري ڪري اتي پنهنجي آبادي کي وڌائي ڇڏيو. گڏيل قومن موجب غزه سميت فلسطيني علائقن تي قبضو برقرار آهي. مشرقي يروشلم ۽ اولهندي ڪناري يهودي شهرين جي ڳوٺن جي ڪا به آئيني ۽ قانوني حيثيت ناهي.

اهي ٽئي واحد يورپي ملڪ ناهن، جن فلسطين کي تسليم ڪيو آهي. سوئيڊن جتي هزارين فلسطيني آباد آهن، اهو 2014 ۾ فلسطين کي تسليم ڪندڙ پهريون يورپي ملڪ هو. ان بعد بلغاريه، قبرص، جمهوريه چيڪ، هنگري، پولينڊ ۽ رومانيا به تسليم ڪيو. مارچ ۾ مالٽا ۽ سلووينيا اسپين ۽ آئرلينڊ سان فلسطين کي تسليم ڪرڻ واري بيان تي سرڪاري طور تي به صحيحون ڪيون آهن. برطانيا ۽ آسٽريليا اشارو ته ڏنو هو پر پوءِ ڦري ويا آهن. جرمني چيو آهي ته ان معاملي تي ڳالهين جي سخت ضرورت آهي. فرانس به اشارو ڏنو آهي ته اهو معاملو ڪو اسان لاءِ منع ٿيل ناهي. فلسطيني لبريشن آرگنائيزيشن چيو آهي ته هاڻ هو انهن ملڪن سان ٻيهر ڳالهيون شروع ڪندا. سعودي، عرب، مصر، قطر، اردن، هنگري، 6 ملڪن واري خليج تعاون ڪائونسل، اسلامي ڪانفرنس تنظيم آجيان ڪئي آهي. حماس جي بيان ۾ چيو ويو آهي ته “فلسطيني رياست کي يورپي تسليم ڪرڻ بين الاقوامي پوزيشن ۾ هڪ اهم موڙ ۽ ٽرننگ پوائنٽ” آهي. ۽ اها ئي اسان جي جدوجهد جي وڏي ڪاميابي آهي.

اسرائيلي آبادڪار تيزي سان الهندي ڪناري وارن علائقن ۾ هٿياربند ڪارروائين سان گڏ شهر آباد ڪري رهيا آهن، پوري دنيا ۾ اسرائيل خلاف شاگردن جو احتجاج به شدت اختيار ڪندو پيو وڃي. جن جو ان فيصلي تي چوڻ آهي ته اهي صرف سياسي بيان آهن، فلسطيني رياست کي تسليم ڪرڻ سان اسان کي ان وقت تائين ڪو فائدو نه ٿيندو، جيستائين اسرائيل کي ملندڙ هٿيار روڪيا نه ٿا وڃن. پوري دنيا جون ڪمپنيون اسرائيل کي فلسطينين جي نسل ڪشي لاءِ هٿيار ۽ پيسو ڏئي رهيون آهن.  اسان انهن خالي اشارن کي ختم ڪرڻ جو مطالبو ٿا ڪريون. پوري يورپ ۾ شاگردن جي احتجاج سياسي حڪومتن کي سخت پريشان ڪري ڇڏيو آهي. پوليس هالينڊ، جرمني ۽ فرانس ۾ مظاهرين سان چڪريون ڪيون آهي، جتي 200 شاگرد زخمي ٿي پيا آهن، پيرس يونيورسٽي ۾ شاگردن هال تي قبضو ڪري ورتو ته انتظاميا ڳالهيون ڪري فنڊنگ ڪندڙ اسرائيل حامي ڪمپنين سان معاهدا ڪينسل ڪري ڇڏيا. جرمني جي راڄڌاڻي برلن جي فري يونيورسٽي ۾ پوليس ڪئمپس مان 80 شاگردن کي گرفتار ڪري مظاهرين کي واٽر ڪينن سان ڇڙوڇڙ ڪري ڇڏيو. سوئيٽزرلينڊ ۾ شاگردن جو احتجاج پوري ملڪ ۾ ڦهلجي ويو آهي. آسٽريليا جي ويانا يونيورسٽي ۾ “مزاحمت بين الاقوامي آهي” ۽ “اسرائيل ماري به ٿو ۽ يورپي يونين ۾ شامل به آهي، ان کان ته ٻڏي مرو” جا نعرا لکي پوري يونيورسٽي ۾ بينر هنيا ويا آهن، جڏهن ته سوشل ميڊيا تي ان جي منظم نموني تشريح بعد اهڙن احتجاجن ۾ ڏينهون ڏينهن شدت ايندي پئي وڃي. اهڙي احتجاج بعد ايمسٽرڊيم يونيورسٽي اسرائيلي تعليمي ماهرن سان ٿيل نئين معاهدي کي پنهنجي ويب سائيڊ ۽ سوشل ميڊيا تي شيئر به ڪيو آهي، جنهن ۾ اعلان ڪيو ويو آهي ته “اسان ڪنهن به صورت ۾ ۽ ڪنهن به حالت ۾ ان جنگ جو حصو نه بڻباسين ۽ اسان فوج جي حوالي سان تعليم جي ميدان ۾ نه ڌر ٿينداسين نه ڪو اهڙو ارادو ڪنداسين“.ٻي مهاڀاري جنگ بعد نيورمبرگ ٽربيونل ۾ پنهنجي افتتاحي تقرير ڪندي آمريڪي جج رابرٽ جيڪسن مشهور واعدو ڪيو هو ته، “لاڳيتين جنگين کان بچڻ ۽ عالمي لاقانونيت کي روڪڻ لاءِ سياستدانن کي قانون جو ذميدار بڻائڻو پوندو، ان کي جرمن جارحيت ڪندڙن خلاف لاڳو ڪيو ويو. هاڻ ضروري آهي ته ان کي پوري دنيا ۾ اهڙن سياسي اڳواڻن خلاف لاڳو ڪيو وڃي”. 79 سالن بعد اهو واعدو وفا ٿي رهيو آهي. هڪ عالمي فوجداري عدالت يورپ جي حمايت يافته رياست اسرائيل ۽ ويڙهاڪ تنظيم حماس جي اڳواڻن خلاف فرد جرم لاڳو ڪرڻ جو امڪان ظاهر ڪيو آهي. 20 مئي تي عالمي فوجداري عدالت جي پراسيڪيوٽر ڪريم خان اعلان ڪيو ته هن اسرائيلي وزير اعظم بنجمن نتن ياهو، سندس دفاع واري وزير يوو گرلنٽ ۽ حماس سربراهه اسماعيل حانيه، يحى سنوار ۽ محمد ديف جي گرفتاري وارنٽ لاءِ درخواست داخل ڪرائي آهي. حماس اڳواڻن خلاف ماڻهن کي يرغمال بڻائڻ، عورتن سان لڄالٽ، يرغمالين سان ڏاڍائي. جنسي تشدد ۽ قتل عام شامل آهي. اسرائيلي اڳواڻن کي جنگ ڪرڻ، بمباري سان هزارين ماڻهن کي مارڻ، خوراڪ بند ڪري ٻارن عورتن کي بکيو مارڻ ۽ شهرن جا شهر تباهه ڪرڻ جا الزام آهن. جج ان ڪيس کي ٻڌڻ جوڳو قرار ڏنو آهي. هاڻ انهن الزامن جي ڇنڊڇاڻ ٿيندي پر قانوني ماهرن موجب آمريڪا ان ڪيس کي ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان صرف هڪ سال لاءِ اينگهائي سگهي ٿو پر جي ڪيس هليو ته پوءِ انهن ئي يورپي ملڪن جي پوليس کي وارنٽ گرفتاري تي عمل ڪرائڻ لاءِ چيو ويندو، جيڪي آمريڪي اثر هيٺ آهن ۽ اهو معاملو اينگهجي سگهي ٿو پر اهو عالمي سطح تي پهچي ويو ان ڪري اهو به اسرائيل لاءِ پريشاني جو سبب به آهي.اسرائيل، آمريڪا ۽ سندس اتحادي پوري دنيا ۾ تنهائي جو شڪار ٿي رهيا آهن. اسرائيل ان کي پنهنجي خودمختياري تي حملو قرار ڏنو آهي. عالمي مبصرن ان کي ”دهشتگردي” جو بدلو قرار ڏنو آهي، اهڙي قدم سان برطانيا، فرانس ۽ جرمني تي سخت دٻاءِ ته پوندو پر اسرائيل وري به ماٺ نه ڪري ويهندو پر ان سان آمريڪا جي عالمي تنهائي به سامهون اچي وئي آهي. جنرل اسيمبلي ۾ فلسطين کي هڪ وڏي مبصر جي حيثيت سان درجي ۾ هڪ سيٽ به مليل آهي پر ووٽ جي حق کان محروم آهي. يورپ جي هڪ اهم سياستدان جو چوڻ آهي ته “هي هڪ وڏو ڪارڊ آهي جنهن کي يورپي ملڪن کي اڃا کيڏڻو آهي، جنهن کي في الحال اسان وڃائڻ نه ٿا چاهيون”. سرحدون ڇا ٿينديون آهن، راڄڌاڻي ڪٿي ۽ ڪنهن جي هجڻ گهرجي، ائين ڪرڻ لاءِ ٻنهي ڌرين کي پهرين ڇا ڪرڻ گهرجي پر زميني سطح تي فلسطينين جي تلخ حقيقت تبديل ٿيڻ جو ڪو امڪان ناهي.