ڇوليون … اڻ وڻندڙ سچ

0
39
ڇوليون ... اڻ وڻندڙ سچ

 ڪي ڳالهيون اهڙيون هونديون آهن جيڪي هونديون تـ سچ آهن پر پاڻ انهن کي ٻڌڻ پسند ناهيون ڪندا ۽ جيڪڏهن ٻڌندا بـه آهيون ته ڪن لاٽار ڪري ڇڏيندا آهيون. ان جو بنيادي سبب مفادن جو هوندو آهي. اسان مان هر انسان جا فردن فردن ۽ گروهي مفاد هوندا آهن. پاڻ سڀ پنھنجن مفادن جي گُهر ڪندا آهيون ته اسان جي حقن (حقيقت ۾ مفادن) جو تحفظ ٿيڻ گھرجي ۽ اهو هر صورت ۾ ٿيڻ گھرجي. مفادن جي ان جنگ ۾ پاڻ سڀ ڪنهن نه ڪنهن نظرئي جا پوئلڳ هوندا آهيون پوءِ اهو مذهبي هجي، سياسي هجي، قومپرستي، ترقي پسندي وارو هجي يا کڻي ذاتي ۽ نسلي ڇو نه هجي. اسان کي سڀ لقاءُ ۽ شيون پنهنجن پنهنجن اکين تي پاتل عينڪن جي رنگن واريون نظر اينديون آهن، جنهن ۾ سچ لڪي ويندو آهي. پاڻ اڪثر مطالعو، تحقيق، جستجو، جاکوڙ حق جي ڳولها لاءِ ناھيون ڪندا پر پاڻ پنهنجي ذهن ۾ اڳ مڃيل، تسليم ٿيل، ويهاريل نقطهء نظر کي سچ ثابت ڪرڻ لاءِ دليل ڳولهيندا آهيون ته جيئن جڏهن ڪنهن سان بحث ٿئي، مذاڪرو يا مناظرو ٿئي ته اسان پنهنجي ذهن اندر تسليم ٿيل سچ کي ثابت ڪري سگھون.

سڀ کان وڌيڪ انساني ڏوهه سرمائيدارن پنهنجو وکر وڪڻڻ لاءِ ڪيا آهن. پنهنجو جنگي ساز ۽ سامان وڪڻڻ لاءِ انهن دنيا جي مختلف ملڪن ۾ جنگيون لڳرايون. اھي پنهنجو زهريلو وکر جھڙوڪر سگريٽ ۽ ٻـ نمبر دوائون وڪرو ڪرڻ لاءِ مشهوري ۽ پروپيگنڊا تي ڪروڙين روپيا خرچ ڪندا رھيا آھن. هالي ووڊ ۽ بالي ووڊ فلم انڊسٽرين ۾ کربين روپين جي سيڙپ ڪاري ڪئي پئي وڃي. اتي جيڪي فلمون جڙن ٿيون انھن ۾ گھڻو تڻو سياسي، گروهي، مشھوريءَ واريون فلمون جوڙيون وينديون رهيون آهن. انهن فلمن کي تمام وڏي ڪمال ڪاريگريءَ سان جديد ترين ٽيڪنالاجي جي مدد سان ٺاهيو ويندو آهي، انهن فلمن اندر ايڪشن ۽ جذباتي منظرن کي ڏسندي انھن ۾ اوتيل زھر ڏسندڙن کي نظر ئي ناھي ايندو. مثال طور هالي ووڊ پاران آمريڪا جي مختلف ملڪن تي ڪيل جارحيت، قبضي ۽ بالي ووڊ پاران ڪشمير جي موضوع تي جڙيل فلمون آهن. آمريڪي سامراج غريب ويٽنامين جي زمين تي ناجائز قبضو ڪيو هو، جتي ويٽنامي عوام پنهنجي لازوال قربانين، جذبن، بهترين جنگي حڪمت عملين سان کين بدترين شڪست ڏني هئي ۽ اهي پوري دنيا اندر خوب خوار ۽ خراب ٿيا هئا، پر ان پس منظر ۾ هالي ووڊ جيڪي به فلمون ٺاهيون آهن انهن مان اهو سچ بلڪل غائب آهي. تازوئي آمريڪي سامراج جي جارحيت جو نشانو افغانستان، عراق، شام، لبيا، يمن بڻيا آهن. هالي ووڊ ڪيتريون ئي فلمون انهن جنگين متعلق جوڙيون آهن پر انهن کي اوهان ڏسندا ته هر جاءِ تي آمريڪي جارح، قاتل، قبضا خور سورما آهن ۽ سڀ گناهه ظلم جو نشانو بڻيل قومون ۽ ماڻهون آهن.

سرمائيدارن رات وچ ۾ ڪمائي کي سئوڻو ڪرڻ لاءِ انسانن کي ننگو ناچ نچايو، پورن فلم انڊسٽري الڳ قائم ڪري رکي آھي.  انهن دنيا جي غليظ ترين گارين کي گليمرائيز ڪرائي ان کي لست وٺڻ جو عظيم گس ٻڌايو. سرمائيدارن پنهنجو وکر وڪرو ڪرڻ ۽ خام مال هٿ ڪرڻ لاءِ صدين تائين مختلف ملڪن تي زبردستي قبضو ڪري انهن کي ڪالوني بڻائي پنهنجو بيٺڪي راڄ قائم ڪيو.

پنهنجي سماج اندر اڪثر جاگيردار، سردار، سول ۽ فوجي عملدار، ڊنگ ملان ۽ ڊنگ سياسي پارٽين جا بظاهر وڏا اڳواڻ نظر ٿا اچن، اهي سڀ پرڏيهي سرمائيدارن جي درن تي مَٽيون ڀريندڙ آهن. اهي بظاهر الڳ الڳ نظر ايندا آهن، منجهن وڏا تضاد پڻ نظر ايندا آهن، انهن مان هر گروهه، گروپ اهو ظاهر ڪندو آهي ته اهي عام ماڻهن جي لاءِ جدوجهد پيا ڪن ۽ پنهنجو سموريون توانائيون عوام جي مفادن لاءِ قربان پيا ڪن پر سندن مخالف سندن راهه ۾ وڏي رڪاوٽ بڻيل آهن، اهي پاڻ کي فرشتو ۽ مخالفن کي شيطان ثابت ڪرڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪندا رهندا آهن. اهي اهي هر سٺي ڳالهه جو ڪريڊٽ پاڻ کڻڻ جي ڪوشش ڪندا آهن ۽ هر غلط ۽ نقصانڪار عمل مخالف تي ٿڦيندا آهن. هو ڪڏهن ڀلجي به انهن تضادن ۽ جھيڙن جي اهم محرڪن کي عوام جي سامهون ناهن آڻيندا، اهي ڪڏهن به اها ڳالهه تسليم ناهن ڪندا ته هي سموري وٺ پڪڙ، مارا ماري، ڏچو، هل هنگامو، ڊراما بازيون سندن ذاتي ۽ گروهي مفادن جي حاصلات لاءِ آهن. سندن جھيڙو عام ماڻهن جي ڪيل ڪمائيءَ تي لڳل ڌاڙن ۾ حصي پتي تي هوندو آهي.

پاڪستان جون لڳ ڀڳ سموريون اقتداري پارٽيون هندستان سان لاڳاپن، ڪشمير مسئلي، مذهبي تضادن جي مامرن تي ساڳي پيج تي آهن. وفاق ۽ مضبوط مرڪز، ڪجھ مقدس ادارن جي تقدس، عام ماڻهن جي اقتصادي ڦرلٽ تي انهن جو حيرت انگيز حد تائين موقف ساڳيو آهي. اهي سڀ سيڪيولر ازم جهڙي اهم ۽ بنيادي نقطي کي ‘ڪفر’ جي ذمري ۾ شمار ڪن ٿا.

ھر طرفي پروپيگنڊھ جي ھن عظيم يلغاري دؤر ۾ سچ تائين ڪيئن پھچي سگهجي ٿو؟ گهڻو تڻو پنھنجو جواب اھو ھوندو آھي تـ تعليم عام هجي، سئو سيڪڙو هجي ته جيئن عام انسان پنهنجي بري ۽ ڀلي جي ڄاڻ رکي سگھن. اھو ھڪ منطقي جواب آھي پر هن مملڪت خداداد تي قبضو ڄمائيندڙن تعليم جو آويو ئي ڦيرائي ڇڏيو آهي. اسان جو سمورو نصاب نسورو ڪوڙ ۽ جھالت جي گاري سان ليپيل آھي جنهن ۾ قاتلن کي هيرو ٻڌايو ويو آهي، حقيقي ھيرن جو ڪٿي ڪو ننڍڙو سبق بـ رکيل ناھي! هن تعليمي سرشتي مان تنقيدي سوچ رکندڙ نسل جو پيدا ٿيڻ مشڪل ٿو نظر اچي. مان ذاتي طرح سان کوڙ پي ايڇ ڊي جهڙي سگھاري ڊگري رکندڙ جاهلن سان ملي چڪو آهيان، جن ۾ تنقيدي سوچ ذري گھٽ ٻڙي آهي يا وري فرقيواريت جي زھريلن سوچن سان ڀريل آھي. سوشل سائنس ۾ اعليٰ ڊگريون رکندڙ اهڙا نام نهاد پڙهيل لکيل سماج  اندر ڪهڙي تبدلي رونما ڪندا جن جو پنهنجو سج لٿل آهي. انهن مان گھڻن تڻن اهي ڊگريون ان لاءِ ناهن حاصل ڪيون ته اهي سماج اندر ڪو پنهنجو ڪردار ڪندا. انهن ويچارن ته اهي ڊگريون ان ڪري حاصل ڪيون آهن ته کين ڊگري جو الائونس ملي، کين سندن نوڪرين ۾ تڪڙي ترقي حاصل ٿئي يا ڊگري جي نالي ۾ ڪا سڻڀي ڪرسي ملي ته جيئن هو پنهنجي کل سائي ڪري سگھن.

اهو علم پس و پيش ترقي پسند سياسي پارٽين کي ڏيڻو پوندو. ان لاءِ تمام ضروري آهي ته ترقي پسند پارٽيون، ڌريون، گروهه اڳتي اچن ۽ تاريخ ۾ مٿن جيڪا ذميواري رکيل آهي ان کي پورو ڪن. پر سڀ کان اول کين پنهنجي صفن اندر ضروري ڇنڊچاڻ ڪرڻي پوندي. جيڪڏهن اهي پاڻ ساڳي مرض ۾ وڪوڙيل آهن ته اول کين پنهنجو احتساب ڪرڻو پوندو. اهو مشاهدو ڪيو ويو آهي ته کوڙ ساريون بظاهر ترقي پسند پارٽيون شخصيت پرستيءَ واري ڌٻڻ ۾ ڳچيءَ تائين پوريل نظر پيون اچن. سندن سج سندن اڳواڻ جي اڱڻ مان اڀري سندس ئي گهر جي ڀت جي اوٽ ۾ لهي ويندو آهي. تسليم ڪرڻ گهرجي تـ ھاڻي   گذريل صدي جي ستر، اسي يا نوي واري ڏهاڪي جي طرز واريون سياسي حڪمت عمليون ڪامياب ٿي نـ سگهنديون. پاڻ 21 صديءَ جي ٽين ڏھاڪي رھون ٿا. دنيا جي سياست، سماج وهنوارن کي نئين ٽيڪنالاجي يڪسر تبديل ڪري ڇڏيو آھي. نئين ماحول مطابق نئين سر حڪمت عمليون جوڙيون پونديون. ان ڪري هاڻي ضد ٻڌي بيهي رهڻ ته منهنجي پارٽي، منهنجو موقف ئي صحيح آهي، بس منهنجو اڳواڻ ئي آب زم زم مان ڌوتل پوتل صاف شفاف آهي، جنهن تي دنيا جي سمورن علمن جو خاتمو ٿئي ٿو، انتهائي غير سائنسي سوچ چئبي. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته ترقي پسند پارٽيون، گروهه فرد خالي ڳالهين سان نه پر حقيقي سائنسي سوچ ڌارين، جنهن جي هنوقت منجهن شديد کوٽ آهي. ڪابه پارٽي سماج کي تبديل ڪيئن ڪري سگھي ٿي، جيڪا پنهنجي صفن اندر مثبت تبديلين آڻڻ جي قابل نه هجي. سائنسي سوچ جو بنيادي اصول هي آهي ته ڪوبه مامرو، لقاءُ يا عمل آخري ناهي. صرف تبديلي مستقل آهي، باقي هرشيءِ تبديل پئي ٿئي. سائنس جي خوبي اها پڻ آهي ته اها پنهنجي اڳ ثابت ڪيل سچ  متعلق نئين کوجنا بعد ان کي رد ٿيندي ڏسي ان کي مڃڻ ۾ ڪابه هٻڪ محسوس ناهي ڪندو. اهو بنيادي نقطو اسان جي ترقي پسند پارٽين کي پڻ اپنائڻو پوندو.