ايراني صدر جو دورو: معاهدن تي عمل جو سوال ۽ رڪاوٽون

0
19
ايراني صدر جو دورو: معاهدن تي عمل جو سوال ۽ رڪاوٽون

 اسرائيل تي حملن بعد ايراني صدر پهرئين پرڏيهي دوري تي پاڪستان پهتو، جنهن ويجهي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو اسلام آباد کانسواءِ سنڌ ۽ پنجاب جي گادي وارن شهرن جو به دورو ڪري صوبائي حڪومتن جي سربراهن سان به ملاقاتون ڪيون. ايراني صدر جي پاڪستان جي دوري دوران صدر پاڪستان، وزير اعظم ۽ ٻين سان به ملاقاتون ٿيون. ايراني صدر جي پاڪستان جي دوري جا پاڪستان تي ڪهڙا اثر مرتب ٿي سگهن ٿا، ان بابت تجزئي ڪارن جا تجزيا سامهون اچي رهيا آھن. ڪي پاڪ- ايران تجارت کي هٿي ملندي محسوس ڪري رهيا آھن ته ڪي وري ايراني صدر جي دوري دوران پاڪ- ايران گيس پائپ لائين منصوبي تي ڳالھ ٻولھ نه ٿيڻ تي سوال اٿاري رهيا آھن. پاڪستان- ايران گيس پائيپ لائين منصوبي کي عمل ۾ آڻڻ لاءِ پيپلزپارٽي جي 2008 جي چونڊن جي نتيجي ۾ قائم ٿيل حڪومت دوران ان وقت جي صدر جي حيثيت ۾ آصف زرداري جو اهم ڪردار هو. سڀني کي معلوم آھي ته ان معاهدي تحت ايران پنهنجي حصي جي پائيپ لائين وڇائڻ وارو ڪم مڪمل ڪري ورتو آھي پر پاڪستان ايران مٿان پابندين ڪري پنهنجي حصي جو ڪم مڪمل نه ڪري سگهيو آھي. پاڪستان جي ايران سان ٿيل گيس پائيپ لائين منصوبي جي معاهدي تحت اگر ايران چاهي ها ته پاڪستان کان ڳري ڏنڊ جي رقم وصول ڪرڻ جو رستو اختيار ڪري پئي سگهيو پر ايران پاڪستان جي برادر ملڪ جو ثبوت ڏيندي منصوبي کي مڪمل ڪرڻ جي مدت ۾ توسيع پئي ڪئي آھي. ايران مٿان پابندين ڪري اسان ان گيس پائيپ لائين منصوبي کي مڪمل نه ڪري سگهيا آھيون، جيڪو اسان جي معاشي مشڪلاتن مان نڪرڻ جو سبب ٿي سگهي ٿو پر ان هوندي به ايراني صدر جي دوري دوران پاڪستان ايران سان وڌيڪ معاهدن تي صحيون ڪيون آھن. پاڪستان کي نه رڳو ايران مٿان اڳ لڳل عالمي پابندين جو علم آھي پر پاڪستان کي معلوم آھي ته اسرائيل تي حملن بعد ايران مٿان وڌيڪ سخت عالمي پابنديون لڳي سگهن ٿيون. ائين ايران کي به علم آھي ته پاڪستان عالمي پابندين سبب اڳ ٿيل معاهدي تي مڪمل عمل نه ڪري سگهيو آھي پر ان باوجود ٻنهي ملڪن پاران مختلف منصوبن تي صحيون ڪرڻ وارو عمل ته انتهائي اهم آھي، جنهن مان ٻنهي ملڪن جي هڪ ٻئي سان تعاون ۽ تجارتي لاڳاپن کي اڳتي وڌائڻ جو عزم نظر اچي رهيو آھي پر ان کان به وڏي اهم ڳالھ اها آھي ته ايران پاران اسرائيل تي حملو ڪرڻ بعد ان ملڪ جي سربراه جي پاڪستان پاران پنهنجي ملڪ اندر آجيان ڪرڻ وارو عمل به دنيا لاءِ هڪ نياپو آھي. جيتوڻيڪ ايران جي اسرائيل مٿان حملي بعد پاڪستان ان حملي جي حق يا مخالفت ۾ لب ڪشائي ڪرڻ جي حوالي سان پاسو پئي ڪيو آھي. ايتري تائين جو صدر آصف زرداري جي تازو ٿيل گڏيل پارليامينٽ جي خطاب ۾ اسرائيل تي ايران جي حملي جو ذڪر ۽ انهن جي اثرن بابت ڳالهائڻ کان پاسو ڪيو ويو پر پاڪستان اسرائيل جي جارحيت ۽ فلسطين بابت پنهنجي پراڻي پاليسي جو ايران جي اسرائيل تي حملي بعد به ذڪر مسلسل ڪندو رهيو آھي. مونکي لڳي ٿو ته پاڪستان ايراني صدر جي اسرائيل مٿان حملي بعد پاڪستان جي دوري دوران آجيان ڪري “ڪڇ ڀي نه ڪها اور ڪھ ڀي گئي” واري شعر وانگر مامرو چٽو ڪيو آھي ته پاڪستان ايران- اسرائيل جهيڙي ۾ ڪهڙي پاسي آھي پر سوال هي آھي ته ڇا هن وقت اهڙي پاليسي پاڪستان جي مفادن وٽان آھي؟ اهو سوال ان ڪري اهم آھي جو ٻئي پاڙيسري ۽ برادر اسلامي ملڪ آهن، پر ٻنهي ملڪن جون حالتون ۽ مفاد ڌار ڌار آھن. پاڪستان کي پنهنجي مسئلن کي ڏسي رستو اختيار ڪرڻو آھي ته ايران کي پنهنجي پاليسي تي عمل پيرا رهڻو آھي. ايران کي چڱي ريت معلوم آھي ته هن وقت پاڪستان ڪهڙين سخت معاشي حالتن مان گذري رهيو آھي. پاڪستان کي آءِ ايم ايف جو نئون قرض هر حالت ۾ گهربل آھي، ان لاءِ پاڪستان کي آءِ ايم ايف جا شرط به مڃڻا آھن. ايران کي اهو به معلوم آھي ته آءِ ايم ايف کان وٺي اڪثر وڏا عالمي مالياتي ادارا آمريڪا بهادر جي ڪيتري اثر هيٺ آھن. ظاهر آھي ته آءِ ايم ايف کان 8 ارب ڊالرن جو نئون قرض وٺڻ لاءِ پاڪستان کي آءِ ايم ايف جا شرط مڃڻا آھن، جن لاءِ پاڪستان نه رڳو تيار نظر اچي رهيو آھي پر ناڻي وزير آءِ ايم ايف کي اهي به خاطريون ڪرائڻ جي ڪوشش ڪندي نظر اچي رهيو آھي، جنهن تي عملدرآمد نه رڳو ڏکيو آھي پر ان حوالي سان قدم به ملڪ ۾ نئين سياسي ڇڪتاڻ جو سبب بڻجي سگهن ٿا.

تازو ناڻي وزير جو اهو بيان سامهون آيو آھي ته آءِ ايم ايف اگر اٺ ارب ڊالرن جو قرض ڏئي ٿو ته پاڪستان اين ايف سي ايوارڊ تي نظرثاني لاءِ تيار آھي. ناڻي وزير کي اهو معلوم هوندو ته آئين ۾ اهو لکيل آھي ته صوبن جو ستين اين ايف سي ايوارڊ ۾ طئه ٿيل حصي ۾ اضافو ته ٿي سگهي ٿو پر ان کي گهٽ نٿو ڪري سگهجي، جنهن ڪري پهرين ته اين ايف سي ايوارڊ ۾ صوبن جي حصي کي گهٽ ڪرڻ لاءِ آئين ۾ ترميم جي ضرورت پوندي. ڇا اها پيپلزپارٽي آئين ۾ اهڙي ترميم جي حمايت ڪري سگهي ٿي، جيڪا 18هين ترميم ڪرائڻ جو ڪريڊيٽ رکي ٿي؟ هن وقت نه رڳو وفاقي حڪومت پيپلزپارٽي جي سهاري تي هلي رهي آھي پر آئين ۾ ڪا به ترميم هي حڪومت پيپلزپارٽي جي حمايت کانسواءِ نٿي منظور ڪرائي سگهي. مونکي ناهي معلوم ته اڳتي ڇا ٿيڻ وارو آھي پر مونکي اهو ضرور معلوم آھي ته جڏهن 18هين ترميم منظوري بعد آئين جو حصو ٿي آھي، تڏهن کان ڪجھ ڌرين کي گهڻي تڪليف ٿي رهي آهي. 18هين آئيني ترميم بعد مسلسل ان کي رول بيڪ ڪرڻ جون ڳالهيون ٿي رهيون آھن. ان آئيني ترميم ذريعي صوبن کي صوبائي خودمختياري ۽ ڪجھ واڌو وسيلا مليا آھن. ڇا صوبن کان صوبائي خودمختياري کسي صوبن کي مليل اضافي مالي وسيلا محدود ڪيا ويندا؟ وارو سوال اهڙو آھي، جنهن جو  جواب جون ۾ ايندڙ نئين مالي سال جي بجيٽ جي منظوري واري مرحلي تائين اچي ويندو. باقي اهو چوڻ ته ستين اين ايف سي ايوارڊ بعد وفاق وٽ مالي وسيلا تمام گهٽ ٿي ويا آھن، اهي ڳالهيون جزوي طور درست آھي پر مڪمل طور درست  ناهن. ان ۾ ڪو شڪ نه آھي ته ستين اين ايف سي ايوارڊ بعد وفاق جو مالي وسيلن ۾ حصو گهٽ ٿيو آھي. هن وقت ستين اين ايف سي ايوارڊ تحت ملڪ جي ڪل مالي وسيلن ۾ وفاق جو حصو 43 سيڪڙو ۽ صوبن کي 57 کي وڃي رهيو آھي پر جن مالي وسيلن مان وفاق کي 43 سيڪڙو حصو ملي رهيو آھي، انهن مالي وسيلن ۾ نان ٽيڪس روينيو تحت ٿيندڙ آمدني شامل ئي نه آھي، جيڪا ورڇ جوڳي پول واري رقم جو حصو ئي نه بنائي ويندي آھي. نان ٽيڪس روينيو جي آمدني سئو سيڪڙو سڌي ريت وفاقي حڪومت کڻي ٿي. نان ٽيڪس روينيو ۾ پيٽروليم ليوي سوڌو هر قسم جي سيس ۽ ليوي توڙي نجڪاري جي رقم به شامل آھي. سڀني کي معلوم آھي ته رڳو هر سال پيٽروليم ليوي جي مد ۾ حڪومت کي ايتري رقم ملي ٿي، جيڪا رقم اين ايف سي ايوارڊ تحت سنڌ صوبي کي ملندڙ  رقم کان به وڌيڪ آھي، ان ڪري صوبائي خودمختياري بعد وفاق وٽ مالي وسيلا جهجها آھن. صوبن کي 18هين ترميم بعد منتقل ٿيل وزاتن جا به مالي وسيلا منتقل ٿيڻا هئا پر هڪ منظم طريقي سان اهڙي ته مسلسل گهوڙا ڙي گهوڙا جاري رکي وئي آھي، جو صوبن مالياتي وسيلن ۾ وڌيڪ حصو حاصل ڪرڻ جون ڪوششون ئي ڇڏي ڏنيون آھن ۽ ائين لڳي ٿو ته صوبا بس ان ڪوشش ۾ آھن ته مالياتي وسيلن ۾ موجوده حصو نه گهٽجي سگهي.

ماضي جي حڪومتن وانگر هن ناڻي وزير ۽ حڪومت کي به حڪومتي نگراني ۾ هلندڙ 17 کان 18 ادارا بار محسوس ٿي رهيا آھن ۽ هي حڪومت به انهن کي خانگائڻ چاهي ٿي پر انهن ادارن ۾ هزارين ملازم ڪم ڪري رهيا آھن. حڪومتي ماهرن ۾ ايتري به قابليت نه آھي جو خساري ۾ هلندڙ ادارن کي منافعي بخش بنائي سگهن. اگر سرڪاري نگراني ۾ هلندڙ ادارا منافعي بخش هجن ها تڏهن حڪومت انهن جي نجڪاري ڪري ها ته اهو چئي پئي سگهيا سين ته حڪومت ڪاروبار نه ڪرڻ جي سوچ اختيار ڪري پاڻ ريگيوليٽر جو ڪردار ادا ڪري رهي آھي پر ادارن جي خساري ۾ هجڻ حڪومتن جي نااهلي واضح ڪري رهيو آھي، جنهن سان نقصان رڳو اهو نه آھي ته اهي ادارا هلائڻ تي عوام جي ٽيڪس جو پيسو ضايع ٿي رهيو آھي پر هاڻي جڏهن انهن ادارن کي وڪرو ڪيو ويندو، تڏهن به انهن ادارن جي پوري مارڪيٽ تحت جڙندڙ قيمت نه ملي سگهندي. اسان وٽ ته نجڪاري جو ماڊل به ڪامياب نه ٿيو آھي. پي ٽي سي ايل، ڪي اليڪٽرڪ جو مامرو سامهون آھي.

پاڪستان ۾ 21 اپريل تي ٿيل ضمني چونڊن جي نتيجن به ملڪ اندر سياسي حالتن جي نئين عڪاسي ڪئي آھي. ان پنجاب صوبي جنهن ۾ عام چونڊن دوران پي ٽي آءِ کان چونڊ نشان کسجڻ کان وٺي ديوار سان لڳائڻ جي بظاهر هر ڪوشش باوجود پي ٽي آءِ جي ووٽرن عمران خان سان گڏ بيهڻ جو چٽو ثبوت ڏنو پر ضمني چونڊن جا نتيجا عام چونڊن جي نتيجن کان بلڪل مختلف سامهون آيا آھن. ضمني چونڊن دوران پنجاب ۾ ٻن قومي ۽ 12 صوبائي تڪن تي چونڊ ٿي، جن مان پنجاب مان قومي اسيمبلي جي ٻنهي تڪن تي مسلم ليگ (ن) جي اميدوارن ڪاميابي حاصل ڪئي آهي، جڏهن 12 صوبائي تڪن مان مسلم ليگ (ن) 9، پيپلز پارٽي، استحڪام پاڪستان پارٽي ۽ ‘ق’ ليگ هڪ هڪ سيٽ تي ڪامياب ٿيا پر پي ٽي آءِ پنجاب مان هڪ به سيٽ تي ڪاميابي حاصل نه ڪري سگهي آھي. رڳو اهو چوڻ ڪافي ناهي ته ڌانڌلي ٿي آهي پر پي ٽي آءِ لاءِ هي سوچڻ جو مقام ان ڪري به آھي جو اگر عام چونڊن ۾ سڀني حربن کي ناڪام بنائي پي ٽي آءِ جي غير مقبول اميدوارن کي پنجاب جي عوام سوڀارو ڪري سگهي ٿي ته ضمني چونڊن ۾ ائين ڇو نه ٿي سگهيو؟ ڇا ضمني چونڊ پنجاب ۾ نواز ليگ جي ٻيهر مقبوليت وڌڻ ۽ عمران خان جي مقبوليت گهٽ ٿيڻ جا اشارا ته نه ڏئي رهي آھي؟ ائين ڪي پي ڪي جي ٻن قومي اسيمبلي ۽ ٻن صوبائي تڪن تي چونڊ ٿي آھي. ڪي پي ڪي جا چونڊ نتيجا ته اي اين پي، مسلم ليگ (ن)، پيپلز پارٽي لاءِ مايوس ڪندڙ آھن پر پي ٽي آءِ لاءِ به غور جو باعث ان ڪري آھن جو ان صوبي ۾ پي ٽي آءِ جي حڪومت آھي پر ان باوجود هڪ قومي ۽ هڪ صوبائي تڪ تي آزاد اميدوارن هٿان پي ٽي آءِ جي اميدوارن کي شڪست ملي آھي. مزي جي ڳالھ اها آھي ته جنهن پراڻي ڪارڪن کي پي ٽي آءِ ٽڪيٽ نه ڏني، ان آزاد حيثيت ۾ قومي اسيمبلي سان گڏ صوبائي اسيمبلي جي تڪ تي به ڪاميابي حاصل ڪئي آھي. باقي هڪ قومي ۽ هڪ صوبائي تڪ تي پي ٽي آءِ جا اميدوار ڪامياب ٿيا آھن. ائين سنڌ ۾ 21 اپريل تي ٻن قومي ۽ هڪ صوبائي اسيمبلي جي تڪ تي ضمني چونڊ ٿيڻي هئي پر هڪ قومي ۽ هڪ صوبائي تڪ تي سنڌ مان پيپلز پارٽي جا اميدوار بنا مقابلي ڪامياب ٿيا. ائين باقي رهندڙ هڪ قمبر- شهدادڪوٽ جي  قومي اسيمبلي جي تڪ تي به پيپلز پارٽي جي خورشيد جوڻيجو ڪاميابي حاصل ڪئي آھي. بلوچستان ۾ ٻن صوبائي تڪن تي چونڊ ۾ هڪ بي اين پي مينگل ۽ هڪ تي مسلم ليگ (ن) جي اميدوار ڪاميابي حاصل ڪئي آھي، جڏهن ته هڪ تڪ تي ٿيل ري پول ۾ اي اين پي جو اميدوار ڪامياب ٿيو آھي. ضمني چونڊ نتيجن بظاهر ته سنڌ ۾ پيپلز پارٽي، ڪي پي ڪي ۾ پي ٽي آءِ جي گرفت مضبوط هجڻ جو اشارو ڏنو آھي. پنجاب ۾ نواز ليگ جي گرفت مضبوط ٿيڻ لڳي آھي. بلوچستان ۾ حڪومت باوجود پيپلز پارٽي هڪ به سيٽ نه کڻي سگهي آهي.