غلامي ۾ رهندڙ خلق جو مزاج به آقائن جهڙو ٿي ويندو آهي

0
23
غلامي ۾ رهندڙ خلق جو مزاج به آقائن جهڙو ٿي ويندو آهي

 فضيلا سرڪي، نجمه کوکر، پريا ڪماري، فاطمه ڦرڙو ۽ انهن کان علاوه ڪيترائي اهڙا واقعا هن ديس ۾ ٿيندا رهيا آهن، جيڪي اسان جي سماج ۾ هڪ عام رواجي ڳالھ ليکيا ويندا آهن. جتي شريفن، غريبن ۽ بي پهچ ماڻهن جون نياڻيون اميرن جي خواهشن جي پورائي لاءِ مالِ غنيمت جيان سمجهيون وينديون آهن ۽ نوجوان انهن جي ڪاوڙ ۽ ڪروڌ جو نشانو بڻبا رهندا آهن. متاثرين جڏهن واويلا ڪندا آهن، تڏهن سنڌي ميڊيا ۾ اهي ڪيس رپورٽ ٿيندا آهن ۽ ٿورو گهڻو فالو اپ ٿيندو آهي. ان کانپوءِ تيستائين ماٺ ڇانئجي ويندي آهي، جيستائين ڪو ٻيو واقعو رونما نه ٿئي!! ايئن اھو سلسلو هلندو رهي ٿو پر هن وقت تائين ڪو به اهڙو فيصلو نه آيو آهي، جنهن ۾ ڏوهارين کي سزا ملي هجي. الٽو جنهن سان ظلم ٿئي ٿو، ان کي ئي ٺاهه تي مجبور ڪيو وڃي ٿو ۽ ان ۾ سمورا سرڪاري ادارا ۽ عدالتن جا فيصلا ظالمن جي حق ۾ ٿيندا رهيا آهن. اهڙي طرح اهو ظلم صدين کان جيئن جو تيئن جاري رهندو پيو اچي..!

اسان سماجي طور تي صديون اڳ واري بادشاهي دور ۾ رهندڙ آهيون. اسان لاءِ امير، پير ۽ ڪامورا بادشاھن جهڙي ذهنيت رکندڙ آهن ۽ عوام جي حالت رعايا جهڙي آهي. هو مالڪ آهن ۽ عوام غلام آهي. هاڻي انهن جي مرضي آهي ته هو اسان سان ڪهڙو سلوڪ ڪن ٿا. جيڪڏهن اسان مٿان شفقت جو هٿ رکندا ته اسان سندن ٿورائتا، دعاگو ۽ قرضدار رهنداسين پر جيڪڏهن هو ڏمرجن ٿا ته ان ۾ به ضرور اسان جي ڪا غلطي هوندي، ڇاڪاڻ ته اسان گهٽ ذات ۽ ڪم عقل وارا هاري ناري، مزدور پورهيت ۽ نيچ آهيون. اسان جي ايتري همت ڪيئن ٿي جو اسان هنن جي حڪم عدولي ڪئي! تنهنڪري هو بااختيار آهن ته اسان کي، جيڪا وڻين سا سزا ڏين. اسان جا گهر ساڙائين. اسان جو مال ۽ نوجوان مارائين يا اسان جون نياڻيون کڻائين، اهي مالڪ آهن. اسان انهن کي ته ڪجھ ڪونه ڪري سگهنداسين. بس دانهون ڪري نيٺ ماٺڙي ڪري ويهي رهنداسين، ڇو ته اسان کي مذهبي ۽ سماجي طور اها ڳالھ ذهن نشين ڪرائي وئي آهي ته اسان عام خلق لاچار، مجبور ۽ بيوس آهيون. اهڙي سوچ جو فائدو ظالم کي پئي ٿو ۽ ان لاءِ اسان کي اهو سمجهايو ويو آهي ته الله ظالم کي ڊگهي رسي ڏني آهي، قيامت جي ڏينهن ان کان سڀ حساب ڪتاب  وٺندو. جيستائين قيامت اچي اچي ۽ ظالمن جو حساب ڪتاب ٿئي، تيستائين عام ماڻهوءَ مٿان جيڪي قيامتون گذرن ٿيون، تنهن جو حساب ڪنهن کان وٺجي؟ اهو تمام اهم سوال آهي. ظالم کي مذهبي پيشوائن طرفان جيڪا ڊگهي رسي مليل آهي، اها عام مسڪين ۽ غريب ماڻهو لاءِ ڦاهي جو ڦندو آهي، جيڪو هر ان ماڻهوءَ جي ڳچيءَ ۾ سدائين پيل هوندو آهي، جيڪو بي پهچ آهي، جنهن کي سٽ ڏيئي ڪو به سرمائي وارو ماڻهو غريب جو انت آڻي سگهي ٿو..!

ايئن ناهي ته رڳو اسان جو سماج اهڙي ذهنيت رکندڙ حاڪمن جو شڪار آهي، بلڪه دنيا ۾ هرهنڌ ايئن آهي ۽ ان جو اندازو ان ڳالھ مان آساني سان ڪري سگهجي ٿو ته انفارميشن، ٽيڪنالاجي ۽ ڪميونيڪيشن جي هن جديد ترين دور ۾ به پوين پنجن مهينن کان فلسطين جا ٽيهن هزارن کان مٿي ماڻهو مارجي چڪا آهن، هزارين زخمي آهن، ڪيترائي دربدر آهن پر ڪوبه انهن جو والي وارث ناهي. انهن جا پنهنجا ماڻهو، جن جي ٻولي، ثقافت، خطو ۽ قديم لاڳاپا رهيا آهن، جن جو مذهب ۽ ڌرتي ساڳي آهي، سي به خاموش آهن. انهن جي خاموشيءَ جا سبب ڪهڙا به هجن پر ان مان مجموعي انساني نفسيات جو پتو پوي ٿو ته هر انسان، گروه، قبيلي ۽ قوم جا پنهنجا مفاد هوندا آهن، جن کي حاصل ڪرڻ لاءِ هو وحشت ۽ درندگيءَ جا سڀ ليڪا لتاڙي ويندو آهي..!

مونکي اڄ ڏينهن تائين اها ڳالھ سمجھ ۾ نه آئي آهي ته ماڻهو باشعور ڇا کي چوندا آهن؟ ڇا ڪنهن به طبقاتي سماج ۾ رهندڙ باشعور ماڻهو جيڪڏهن پنهنجي طبقي جي ماڻهن سان ٿيندڙ ظلم تي خاموش ۽ لاتعلق آهي ته پوءِ هو باشعور ڪيئن ٿيو؟ ان کي باشعور چوڻ بدران مصلحت پسند چوڻ وڌيڪ مناسب ٿيندو. مصلحت پسندي ۽ منافقي ۾ ڪو فرق نه هوندو آهي. رڳو لفظن جو کيل آهي. اسان وٽ ماڻهو مصلحت پسند آهن، انهن کي باشعور نٿو چئي سگهجي، ڀل هو علم ۽ عقل جا واهڙ وهائي ڇڏين. ڀلي خلق انهن جي پوئلڳي به ڪري پر ھو باشعور ڪونه سڏبا، ڇو جو شعور جون پنهنجون گهرجون ۽ تقاضائون آهن. دنيا جا باشعور انسان هميشه انسان دوست ۽ مظلوم جا مددگار رهيا آهن.

جيستائين انسانن ۾ طبقاتي، سماجي ۽ معاشي فرق رهندو، تيستائين انھن ۾ انسانيت جو احساس ۽ هيڪڙائي جو پيدا ٿيڻ ممڪن ئي ڪونهي، سواءِ ڪجهه انفرادي ڪردارن جي، جن جي بهتر انساني سڀاءَ ۽ سماجي ڀلائيءَ جي ڪوششن کي نظرانداز نٿو ڪري سگهجي پر اهڙن ڪردارن کي مثال بڻائي ماڻهن کي اهو سوچڻ تي آماده ڪرڻ ته صرف مذهبي پرچار ۽ فلاحي ڪمن جي ڪري معاشري ۾ امن، محبت ۽ ڀائيچارو پيدا ٿي سگهي ٿو ته اهو صرف ديواني جو خواب آهي. جيڪڏھن ايئن هجي ها ته لکن جي تعداد ۾ ڌرتيءَ تي پيدا ٿيندڙ اوتار، اولياء، رشي، مني، فقير اهو ڪم ڪري چڪا هجن ها پر اسان ڏسون ٿا ته انهن جي دور ۾ به عام خلق تي ظلم جاري رهندو آيو آهي..! ظالم ۽ مظلوم دوست ٿي پون، اهو ته اهڙو معجزو هوندو. جنهن جو انسان صدين کان منتظر رهيو آهي پر اهو معجزو اڃان تائين عالم وجود ۾ نه آيو آهي..!! تنهنڪري روئڻ پٽڻ، پاراتن ڏيڻ، ايلاز منٿ ڪرڻ سان سماج تبديل نه ٿيندا آهن. جيڪڏهن ايئن ممڪن هجي ها ته ڪوبه ماڻهو ڪا عملي جدوجهد نه ڪري ها. هو هڪ ڪنڊ ۾ ويهي چلو پچائي ها، ڪجھ اشلوڪ اچاري ها ته سماج جون سموريون آفتون ٽري وڃن ها پر حقيقت ۾ ايئن ٿئي ڪونه ٿو. ان سڄي صورتحال کي سمجهڻ ۽ تبديل ڪرڻ لاءِ سائنس جي ضرورت ھوندي آھي، جنهن کي عام طور تي پوليٽڪل سائنس سڏيو وڃي ٿو پر مسئلو اهو آهي ته اسان جي سياسي سوچ به بادشاهن واري آهي ۽ سياسي پارٽين جي جوڙجڪ به اهڙي طرح ٿيل آهي، جو هڪ ئي خاندان جي حاڪميت رهڻي آھي، جنھن ۾ تخت تي صرف بادشاهه جي ڌيءَ يا پٽ ويهندو يا ان جي گهڻ گهري کي ويهاريو ويندو. ايتري قدر جو پورهيتن جي سربراهي ڪندڙ به پاڻ کي بادشاهه پيو ڀائيندو. اسان وٽ الميو اھو آھي جو هتي هر هنر، فن ۽ علم جا بادشاهه پيدا ٿيا آهن. گهٽ ته ڪو آهي ڪونه. تنهنڪري هو پاڻ کي گهٽ ڪيئن سمجهن؟ گهٽ معنا بيعزتي جو ليکي وڃي ٿي..! گهڻي وقت جي غلامي ۾ رهندڙ خلق جو مزاج به آقائن جهڙو ٿي ويندو آهي ۽ ان جو ڀرپور اظهار ان وقت نظر ايندو آهي، جڏهن وٽن ڪو اختيار هوندو آهي. ان جو ننڍڙو مثال پيش ڪجي ٿو. اسان جي پاڙي ۾ ڪيترائي بالميڪي (ٻهاريدار) رهندڙ آهن. انهن ۾ منهنجو دوست ماڌو داس به هوندو هو، جيڪو شڪارپور جي عيسائين جي اسپتال ۾ صفائي جو ڪم ڪندو هو. کيس انگريزي سکڻ جو جنون هوندو هو. اسپتال جي انگريز ڊاڪٽر سندس شوق کي ڏسندي هن کي انگريزي جي ٽيوشن ڏيندو هو، انڪري هن جي انگريزي تمام سٺي هوندي هئي. اسان ڊي ايس ايف جي ٻن ٽن دوستن جي تن ڏينهن ۾ هن سان سنگت ٿي. ڊاڪٽر قاسم بروهي صاحب پارٽي جي طرفان انهن جي يونين ٺاهڻ لاءِ ڪم ڪري رهيو هو. هڪ ڀيري وٽس ويٺي ڪچهري پئي ڪئي سين ته هن وٽ هڪ همراهه آيو ۽ کيس رعب مان چوڻ لڳو ته ماءَ کي چئي ڇڏ، سڀاڻي ڊيوٽيءَ تي اچي، نه ته ڏهاڙي نه ملنديس. هن جي وڃڻ کانپوءِ ماڌوءَ چيو: سال اڳ ۾ گٽر صاف ڪندو هو، هاڻي صاحب جي چاپلوسي ڪري اسان جو جمعدار ٿيو آهي. رعب ڏسو ڪيئن ٿو ڪري! ڄڻ اسان جو مالڪ آهي.

اها صورتحال اسان جي سڄي سماج جي ٿي وئي آهي. ان کي تبديل ڪرڻ لاءِ سنڌ کي عوام دوست سياست جي ضرورت آهي، جيڪا انسان جي معاشي، سماجي ۽ سياسي آزادي جي جدوجهد ڪري ۽ سماج ۾ موجود رت پياڪ نظام جو خاتمو آڻي انسانن کي آزادي ۽ برابري سان جيئڻ جو موقعو فراهم نٿي ڪري. جيستائين اهڙي ڪا عوامي تنظيم نٿي جڙي، تيستائين بادشاهي ذهنيت ۽ ان جي پوئلڳن طرفان عام ماڻهوءَ مٿان ظلم جاري رهندو. پنهنجن مفادن آڌار هو پنهنجون شڪليون مٽائيندو رهندو ۽ عوام جون نياڻيون ۽ نوجوان عذاب جو شڪار ٿيندا رهندا.