سِنڌُو سَڀِيتا جي اوجَ ۽ زوالُ وارا ڏينهن … آريا لوڪَن جي اچڻ کي سائنس هڪ افسانو بڻائي ڇڏيو

0
136
سِنڌُو سَڀِيتا جي اوجَ ۽ زوالُ وارا ڏينهن ... آريا لوڪَن جي اچڻ کي سائنس هڪ افسانو بڻائي ڇڏيو

 هونئن ته سِنڌُو سَڀِيتا جي آڳاٽن آثارَن جون مختلف هنڌن تي کوٽايُون ٿينديون رهيون آهن پر 1997ع ۾ هندستاني پنجاب جي هريانا صوبي جي ضلعي حسار ۾ راکِي ڳَڙهي جا دڙا هٿ ڪيا ويا ۽ انهن جي 2011ع کان 2017ع تائين کوٽائي ٿي ته ان دوران سنڌو سڀيتا جي سلسلي هڙاپا سان لاڳاپيل هڪ بهترين سڌريل شهر جي طرز جا آثار ظاهر ٿيا. اهو هڪ اهڙو شهر هو، جنهن مان ماڻهن جي دفنائڻ جي حوالي سان جهجهيون جايون مليون ۽ ڪيترائي هڏاوان ڍانچا هٿ آيا، ان ڳالهه دنيا جي آرڪيالاجسٽن ۽ جينيٽڪ سائنسدانن جو ڌيان ڇڪرايو. ۽ 2018ع ۾ اهم آرڪيالاجسٽن ۽ سائنسدانن ان سائيٽ تي تحقيق ۾ بهرو ورتو. مُک ڪارڻ اهو هو سنڌو سڀيتا جي حوالي سان چار سوال سالن کان وٺي جواب جا ڳولائو رهيا آهن:

  1. سنڌو سڀيتا ۾ رهندڙ ماڻهو ڪير هئا؟
  2. ڇا ان سڀيتا جي زوال بعد آيل ماڻهو وچ ايشيا مان آيل يورپي نسل جا آريا هئا ۽ اهي سنسڪرت ٻولي کڻي آيا هئا؟
  3. اها عظيم الشان سڀيتا هڪدم تاريخ مان ڪيئن گم ٿي وئي؟
  4. سنڌو سڀيتا جي آخر لکت ڪهڙي هئي؟

پهريان ٽيئي سوال هڪ ٻئي سان لاڳاپيل آهن ۽ انهن سوالن جا جواب سائنسي کوجنا جا گهرجائو رهيا آهن. ان جو ڪارڻ اهو آهي ته سنڌو سڀيتا جي اوج کان وٺي زوال واري ڏينهن تائين يعني 1900 قبلِ مسيح تائين هتان جي ماڻهن جو ڪو به ڊي اين اي يا جينيوم هٿ نه ٿي آيو، جنهن سان اهو معلوم ڪجي ته هتان جا ماڻهو اصل ۾ ڪير هئا؟ ۽ انهن جو نسلي تعلق ڪنهن سان ٿي مليو؟ اها جاچ ڪرڻ لاءِ شروعات ته هڙاپا کان ڪئي وئي، جڏهن اتان مليل انساني هڏاون پڃرن جي ڊي اين اي هٿ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي پر اها نه ملي ته پوءِ اها اميد جاڳي ته 1922ع کان 1927ع تائين ٿيندڙ مهين جي دڙي جي کوٽائي مان اهو مسئلو حل ٿي ويندو. پر اهو ضرور ٿيو ته اتان هٿ آيل لاشن وسيلي اها ڳالهه چٽي ٿي ته ان کوٽائي بعد نڪرندڙ لاش هڪ ثابتي جو سبب بڻيا. جڏهن ته بعد ۾ ٻين ماڳن جي کوٽائي دوران هٿ آيل انساني هڏاون ڍانچن مان به ان دور جو ڪو ڊي اين اي هٿ نه آيو. يورپي ليکڪن توڙي ڪجهه هندستاني اسڪالرن آريائي ٿيوري کي وڏو زور پڪڙائي ڇڏيو.

مهين جي دڙي مان مليل لاش ۽ آريائي لوڪن بابت سوال جي شروعات:

جيتوڻيڪ اها ڳالهه ڪيترائي اسڪالر لکندا رهيا آهن ته مهين جي دڙي مان ڪجهه ماڻهن جا لاش هٿ آيا هئا پر عام طور تي چيو ٿي ويو ته اتان نه هٿيار مليا آهن، نه وري ڪي لاش. حقيقت ۾ ايئن ناهي. مهين جي دڙي جي کوٽائي دوران دفاعي توڙي اڳرائي وارا هٿيار به مليا هئا ۽ 37 ماڻهن جا هڏاوان پڃرا به مليا هئا. پر سوال اهو اڀري ٿو ته هيڏي وڏي شهر ۾ رڳو ايترن ماڻهن جا هڏاوان ڍانچا مليا؟ ۽ گڏوگڏ اهي سوال به آهن ته اهي هڏاوان پڃرا ڪهڙن ماڻهن جا هئا؟ ڇا اهي مهين جي دڙي جا ئي رهاڪو هئا؟ اهي ڪهڙي حالت ۾ هئا؟ انهن سوالن کي سمجهڻ لاءِ ان ڪتاب طرف اچون ٿا، جيڪو مهين جي دڙي جي کوٽائي بعد ان بابت سڀ کان پهرين لکيو ويو ۽ جنهن ۾ انهن انساني هڏاون جسمن جون تصويرون آيون آهن. جان مارشل، جنهن بنگالي آرڪيالاجسٽ بينرجي سان گڏجي سنڌو سڀيتا جي ان عظيم شهر جي کوٽائي ڪرائي، ان جو هڪ ڪتاب Mohen Jo Daro and Indus Civilization  جي عنوان سان 1931ع ۾ ٽن جُلدن ۾ ڇپيو هو. جنهن ۾ عظيم سنڌو سڀيتا جي هن شهر جي کوٽائي جو احوال ڏنل آهي. جان مارشل لکي ٿو ته کوٽائيءَ مهل هنن کي پهرين مرحلي ۾ 21 انساني هڏاوان پڃرا مليا هئا. حيرت انگيز ڳالهه اها آهي ته انهن مان 14 هڏاوان پڃرا هڪ ئي ڪمري مان هٿ آيا. انهن مان 13 پڃرا وڏي عمر جي انسانن جا هئا، جن ۾ عورتون ۽ مرد شامل هئا، جڏهن ته هڪ هڏائون پڃرو ڪنهن ٻار جو هو. جان مارشل موجب: انهن جي ڀڪ ۾ ٽامي جا ٻانهوٽا (بريسليٽ)، مُنڊيُون ۽ ٻيون شيون پيل هيون. مارشل موجب هنن جي انهن هڏاون جسمن مان لڳو ٿي ته ڄڻ انهن مٿان هڪدم ڪا ديوار اچي ڪري آهي. هڪ ڍانچي سان گڏ ڪنهن جانور جو به ڍانچو موجود هو. جڏهن ته ست هڏاوان ڍانچا ان گهٽيءَ ۾ پيل هئا، جيڪا عام اچ وڃ لاءِ استعمال ٿيندي هئي، جڏهن ته ڪجهه ٻيا انساني هڏاوان پڃرا به مختلف وقتن دوران اندرين جاين ۾ مليا. جان مارشل اظهار ڪيو آهي ته ايئن به ڪونه هو ته انهن کي ڪنهن ترتيب وسيلي دفنايو ويو هو. سندس خيال هو ته اهي دفنائڻ واري انداز ۾ نه هئا. ته پوءِ سوال پيدا ٿئي ٿو: تڏهن اهي ڪيئن مئا ۽ هئا ڪير؟

ان سوال جي جواب لاءِ جان مارشل به وڏي کوجنا ڪئي. ۽ هن به ان سوال لاءِ خود سوال اٿاريا آهن:

* ڇا انهن سان ڪو سانحو ٿيو هو؟ جي ها ته پوءِ ڪهڙو حادثو يا گهٽنا ٿي هئي؟

* ڪا وَبا ڦِهلِي هئي؟ يا ڪنهن لشڪر جي سپاهين هٿان مارجي ويا هئا؟

* ڇا اهي هڏاوان پڃرا مهين جي دڙي جي اصلوڪن رهاڪن جا هئا؟

انهن سوال جي جواب ۾، ڪتاب جو شروعاتي مواد منجهيل انداز ۾ اهو ٻڌائي ٿو ته اهي ماڻهو متان مهين جي دڙي جا نه هئا. اهو به ڄاڻايو ويو آهي ته مختلف هنڌن تي پيل انهن هڏاون پڃرن وارا انسان هڪ ئي وقت تي متان ڪونه مُئا هجن پر مختلف وقتن تي هِت ايندا رهيا هُجن. اِهي اندازا لڳائي سگهجن ٿا ته طوفانن سبب انهن کنڊرن ۾ اچي پناهه وٺندڙ ماڻهو ڦاسي پيا هجن ۽ بُک سبب مري ويا هجن يا وري انهن جو پيڇو ڪندڙ ڪي ماڻهو يا ڏاڍا کين ماري ويا هجن. ڪتاب ۾ اڳتي هلي کوٽائي جي رپورٽن مان اهو ته واضح ظاهر ٿيو آهي ته اهي ماڻهو اصل ۾ رولو يا گهمندڙ ڦرندڙ جهنگلي قبيلن جا هئا. هن شهر جي مڪمل فنا ٿيڻ کانپوءِ واري ڪن سالن ۾ مُئا هئا، اهي مهين جي دڙي جي زوال پذيريءَ جي دور جا به ناهن. پر پوءِ به اهو وقت ٽي چار هزار سالن کان گهٽ نه ٿو ٿي سگهي. امڪان اهو آهي ته هن خطي ۾ لوهه جي دور شروع ٿيڻ واري وقت سان هنن ماڻهن جو تعلق آهي. اڳتي هلي جڏهن مهين جي دڙي جي مان آيل شين جي سائنسي تصديق شروع ٿي ته جان مارشل لکي ٿو ته ابتدائي طور ميڊيڪل سائنس تحت انهن جي هڏاون ڍانچن جي بيهڪ وارين رپورٽن مان انهن جي نسلي صورتحال ڪجهه ظاهر ٿئي ٿي ته انهن مان هڪڙا آفريڪي آسٽريلوي نسل جا آهن ۽ ڪجهه ٻيا ميڊيٽيرين ۽ منگول نسل جي ابن ڏاڏن الپائن نسل مان آهن. جان مارشل پنهنجي ڪتاب جي ٻي جُلد ۾ واضح لکي ٿو ته جيڪي ماڻهو مهين جي دڙي ۾ اچي مُئا، اهي سڀ جا سڀ اصلوڪا ماڻهو ناهن. ڇو ته اهو سوال اڃان حل ناهي ٿيل ته ان شهر ۾ ڪي گَهڻ نَسلي ماڻهو رهندا هئا. آرڪيالاجي جي ڪيمسٽ، زيوَرَن جي سائنسي بنيادن تي ڪيميڪل جاچ ڪئي. ڊاڪٽر گوها ۽ ڊاڪٽر سوويل هڏاون پڃرن جي سائنسي چڪاس ڪئي ۽ انهن رپورٽن آڌار چيو ويو ته اهي هڏاوان پڃرا ڪنهن به ريت انهن ماڻهن سان تعلق ناهن رکندڙ، جيڪي ڪنهن دور ۾ هن کنڊرن واري عظيم شهر ۾ رهندا هئا، جنهن کي هاڻ مهين يا مهين جو دڙو چيو ويندو آهي.

جان مارشل جو اهو به چوڻ آهي ته اهڙي ئي نسلن جي ماڻهن جا هڏاوان پِڃَرا هن وقت جي بلوچستاني علائقن جهالاوانَ توڙي نالَ مان به مليا هئا ته پنجاب سيالڪوٽ ۽ ٻين علائقن مان به مليا هئا. مهين جي دڙي ۾ مليل هڏاوَن پڃرن جي گهري جاچ به ڪرائي وئي. مهين جي دڙي جي مختلف ڪمرن ۽ گهٽين ۾ پيل سندن پڃرن سان گڏ رنگين موتين وارا هار به مليا آهن، ان ڪري اهو تاثر پاڻهي رد ٿئي ٿو ته ڪي ڦورو هنن جي پٺيان هئا ۽ انهن سندن قتل ڪيو هوندو، جي ايئن هجي ها ته پوءِ سندن ڀِڪ يا ٻانهُنَ توڙي ڳِچِين ۽ آڱرين ۾ پيل زيورَ نه هجن ها. کوٽائي دوران اهي هڏاوان پڃرا هڪ سال دوران نه پر مختلف وقتن تي 1922ع کان 1927ع تائين ملندا رهيا آهن.

جان مارشل، هڏاون پڃرن جي ملڻ ۽ انهن جي چڪاس بعد جيڪي نتيجا ڏنا هئا، اهي ئي هن خطي ۾ آريائي ٿيوري کي جهڙوڪر گهوگهو ڏين ٿا. عام طور اهو چيو ويو آهي ته آريا لوڪ وچ ايشيا توڙي يورپ مان آيا، اهي تمام گهڻو سڌريل هئا وغيره وغيره. پر هنن رپورٽن موجب اهي هڏاوان پڃرا ٺيڪ انهن سالن واري وقت جا آهن، جيڪو شروعاتي ويدڪ ۽ آريائي ٻڌايو وڃي ٿو. سوال اهي اڀرن ٿا ته رپورٽن موجب اهي ماڻهو رولو ۽ جهنگلي هئا ۽ انهن مان گهڻن جو تعلق آفريڪا آسٽريليا سان هو يا منگول جي اَلپائِن دور جا هئا، ان وقت جي همعصر تاريخ موجب جن جن علائقن جا اهي ماڻهو ٻڌايا وڃن ٿا، ان پاسي ته معاشرو سڌريل ته پري جي ڳالهه، ماڻهپي ۾ به مس هو، ايسيتائين جو يورپ جي ٻين حصن کي يونانين يا رومين جڏهن فتح ڪيو ته پوءِ انهن جي مُک تهذيبن جنم ورتو. ان کان اڳ ته يورپ جي ايڪڙ ٻيڪڙ حصن ۾ تهذيبي ۽ تمدني ترقي ٿيل هئي. ان وقت جي ڪنهن حد تائين مُک تهذيبي دنيا مصري، ميسوپوٽيميا ۽ چين ۾ هئي ۽ ڪجهه وقت بعد يوناني فلسفي، تمدن ۽ ادب ۾ اڳرا ٿيا. جڏهن ته سنڌ جي ويجهو فارس هزار قبل مسيح لڳ تهذيبي دنيا قائم ڪئي پر پوءِ به اهي هڏاوان پڃرا ان کان اڳ جا هئا. هن وقت دنيا ايرانين کي ئي آريائي چوندي آهي. ان ڪري آرين جي سڌريل هجڻ وارو سوال به اڀري رهيو آهي. ٻيو اهم سوال هي به اڀري ٿو ته واقعي اهي ئي ماڻهو آريا لوڪ سڏبا هئا، جيڪي ان وقت سنڌ ۾ آيا؟ انهن سوالن بعد سنڌ جي تاريخ کي سائنسي علمن وسيلي نئين انداز ۾ کوجڻ جي ضرورت آهي. جان مارشل توڙي ڊاڪٽر گوها جي سائنسي تحقيق کي تيستائين حتمي طور تسليم ڪري پيو سگهجي، جيستائين هتان جي ان دور جي ڪا انساني ڊي اين اي نه پئي هٿ اچي ۽ ان لاءِ پوريون ڪوششون ٿينديون رهيون، ڇو ته سندن ۽ بعد ۾ مهين جي دڙي مان مليل هڏن جي بايولاجيڪل رپورٽون ٻڌائين ٿيون ته اهي سنڌ جي ٻين علائقن جي ماڻهن کان بنهه مختلف ماڻهو آهن، 2018ع تائين سنڌو سڀيتا جي اوج ۽ زوال وارن ڏينهن جي ڪا به ڊي اين اي هٿ نه ٿي آئي.

ان کان اڳ هڙاپا جي ‘ميچوئر پيرڊ’ ۾ مليل انساني هڏاوان پڃرا اهو ته ثابت ڪري رهيا هئا ته هتي رهندڙ ماڻهو صحتمند هئا. جڏهن ته سڀيتا جي زوال پذيري جي دور بعد وري جيڪي شڪار ڪندڙن جا مختلف هنڌن تان هڏاوان پڃرا مليا، انهن جي بايولاجيڪل رپورٽن مان پتو پيو ته اهي نٻل ۽ ڪمزور ماڻهو هئا. انهن جا ڏند ۽ هڏا به ڀَڳل هئا. مُهيَن جي دڙي بعد سنڌو سڀيتا سان لاڳاپيل هاڻوڪي پاڪستان ۽ هندستان جي علائقن ۾ نيون کوٽايون ٿيون ۽ هن عظيم تهذيب جو عظيم ورثو ظاهر ٿيندو رهيو، سواءِ ان جي ته ان جا مالڪ پاڻ ڪير هئا؟ (هلندڙ)