ڪراچي: سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ  چيو آهي ته عدليه ۾ ڪنهن  جي مداخلت برداشت نه ڪئي ويندي، آئون جڏهن کان چيف جسٽس بڻيو آهيان، منهنجي دور ۾ عدليه ۾ ڪا مداخلت ناهي ٿي، جيڪڏهن  ڪا مداخلت ٿي به آهي ته مونکي ڪنهن هاءِ ڪورٽ جي ڪنهن جج کان ڪا شڪايت ناهي ملي ۽ نه ئي مونکي ڪا آگاهي ڏني وئي آهي،  ڪالهه  سنڌ هاءِ ڪورٽ بار جي تقريب کي خطاب ڪندي چيف جسٽس چيو ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي 6 ججن جي مداخلت جي شڪايت وارو واقعو  منهنجي چيف جسٽس ٿيڻ کان اڳ جو آهي، هن چيو ته سنڌ هاءِ ڪورٽ جي تاريخي عمارت کي پراڻي حالت ۾ بحال ڪرڻ جي ضرورت آهي، ماضي ۾ سنڌ ۽ بلوچستان جي  هڪئي  هاءِ ڪورٽ هوندي هئي، چيف جسٽس چيو ته آئون سنڌ هاءِ ڪورٽ بار جو شڪر گذار آهيان، بار روم جو هي منهنجو پهريون دورو آهي، آئون اونهاري جي ٽن مهينن جي موڪلن دوران ڪراچي اچڻ وقت پنهنجي والد سان گڏ بار روم ۾ ايندو هئس. ان وقت اهو بار روم نه هو، هن چيو ته سپريم ڪورٽ جي نئين عمارت جي اڏاوت تي 7 کان 8 ارب رپيا خرچ اچي رهيو هو، هاڻي انهي جي جاءِ تي 36 وفاقي ڪورٽون ۽ ٽربيونل ٺهندا مون کي اميد آهي ته اها پهرين فيڊرل ڪورٽ بلڊنگ هوندي، هن چيو ته ڪالهه بلڊنگ ڪاميٽي جي پهرين ميٽنگ هئي، جيڪا ڪامياب رهي، سپريم ڪورٽ جي موجوده عمارت تاريخي آهي جنهن کي عدالت طور قطب آندو ويندو، هن چيو ته ماڻهو پنهنجي ثقافتي ورثي جي حوالي سان سڃاتا وڃن ٿا، ڪراچي ۾ ڪيتريون ئي تاريخي عمارتون آهن، ڪنهن کي تاريخي عمارتون ڏسڻيون آهن ته اهو پارسي ڪالوني جو دورو ڪري، منهنجي تجويز آهي ته تاريخي عمارتن کي بلڊرن حوالي نه ڪيو وڃي، تقريب کي خطاب ڪندي سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس عقيل عباسي چيو ته امن امان عدليا نه پر انتظاميا جو معاملو آهي، انهي باوجود مون صوبي ۾ امن برپا ڪرڻ لاءِ سنجيده قدم کنيا آهن